تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

عالمي معاشي بحران ۽ ساڄي ڌر جي سياست جو اڀار

2008ع جي معاشي بحران جنهن يورپ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين پورهيتن کي بيروزگاري جو منهن ڏسڻو پيو. معاشي تنگ دستي جتي نيو لبرل سرمائيداراڻي نظام خلاف پورهيتن جي تحريڪن کي جنم ڏنو، کاٻي ڌر جي پارٽين کي اڌ صدي کان پوءِ ٻيهر پذيرائي ملڻ شروع ٿي آهي اتي ساڄي ڌر جي پارٽين به نفرت جي باھه ٻاري سماج جي پسماندا پرتن ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪيا آهن. فرانس جي نيشنل ريلي پارٽي جي اڳواڻ ميرن لي پين ته گذريل اليڪشن مهم ئي مهاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ،فرانسيسي مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پابندي مڙهڻ ۽ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ وارن ايشوز تي هلائي ۽ چوويھه سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. جرمني جي نيو فاشسٽ پارٽي اي ڊي ايف گذريل اليڪشن ۾ اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي ٿي ڪري سامهون آئي آهي. اسپين ۾ ووڪس پارليامينٽ جي ٽين وڏي پارٽي آهي. اٽلي ۾ نادرن ليگ جي پاپولرٽي ۾ اضافو ٿيو آهي. سويڊن جي مهاجر مخالف نيو نازي پارٽي سويڊن ڊيموڪريٽ ارڙهن سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن. يونان جي مهاجر مخالف پارٽي گريڪ سوليوشن گذريل اليڪشن ۾ ڏھه سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. گذريل مهيني يونان جي هڪ نيو نازي گروھه گولڊن ڊان تي مهاجر مزدورن تي حملن ثابت ٿيڻ کان پوءِ پابندي مڙهي وئي آهي. اهڙي طرح فن لينڊ، اسٽونيا، پولينڊ، جارجيا ۾ به مهاجر مخالف پارٽين جي شهرت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.
چارلي ايبڊو جي دفتر ٻاهران ٿيل حملو هجي يا هينئر استاد جي قتل جو واقعو هجي، عالمي ميڊيا ۽ خاص طور تي يورپي ميڊيا ان تي وڏي واويلا ڪندي نظر اچي پئي. پر يورپي ملڪن ۾ رهندڙ غير يورپي ماڻهو چاهي اهي مسلمان هجن، يهودي هجن، آفريڪي يا ايشين هجن انهن کي جيڪو ھر روز امتيازي سلوڪ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، نيو نازي ۽ فاشسٽ گروهن طرفان نه صرف حراسمينٽ پر تشدد ۽ جيڪي قاتلاڻا حملا ڪيا وڃن ٿا، اهي واقعا خبرون بڻجي نه ڪنهن اخبار جو حصو بڻجڻ ٿيون نه ئي ڪنهن نيوز بلٽن جو حصو بڻجڻ ٿيون. گذريل پنجن سالن ۾ يورپ ۾ صورتحال تمام گهڻو سنگين ٿي آهي. صرف جرمني ۾ گذريل سال يارنهن سئو مهاجر پورهيتن فاشسٽن طرفان ڪيل حراسمينٽ ۽ تشدد جون شڪايتون درج ڪرايون. اصل تعداد ان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. هڪ منظم انداز ۾ ميڊيا ذريعي ڌارين ۽ خاص طور تي مسلمان آباديءَ کي يورپ ۾ يورپي ثقافت ۽ معيشت لاءِ خطرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ميڊيا جي ان واردات جي پويان يورپ جو حڪمران طبقو آهي جيڪو پاڻ خلاف اٿندڙ پورهيت طبقي جي مزاحمت کي ٻاهرين پورهيتن ۽ مسلمان آبادي طرف موڙڻ چاهي پيو. پر دلچسپ حقيقت اها به آهي ته اهي فاشسٽ پارٽيون نه صرف مهاجر مخالف آهن پر اهي عالمي سرمائيداري جي نيو لبرل آزاد منڊي جي به خلاف آهن. جيڪا ڳالهه اڳتي هلي انهن حڪمرانن جي مٿي جو سور ضرور بڻبي.
ڇا مهاجر پورهيت ۽ مسلمان آبادي يورپ لاءِ خطرو آهن؟
حقيقت اها آهي ته يورپ ۾ مسلمان آبادي جو صرف پنج سيڪڙو آهن. جيڪي ڪنهن به صورت يورپ جي ثقافت لاءِ خطرو ناهن. انهن مان به اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ٽن چئن نسلن کان اتي رهائش پذير آهن. روسي فيڊريشن جا ٽيھه ملين مسلمان ان کان الڳ آهن . فرانس ۾ جيڪي سٺ لک مسلمان آباد آهن، جيڪو فرانس جي آبادي جو اٺ سيڪڙو آهن، جي اڪثريت جو تعلق انهن اتر آفريڪي ملڪن سان آهي جيڪي فرانس جون ڪالونيون رهي چڪا آهن. سٺ لک جي آبادي جي مذهبي قدرن ۽ روايتن کي نظر انداز ڪرڻ کي ڪنهن به صورت ۾ اظهار جي آزادي نٿو چئي سگهجي. اها صرف سماج کي مذهبي ۽ نسلي بنياد تي ورهائڻ جي سازش آهي. فرانسيسي صدر جو اهو بيان ته ريڊيڪل اسلام سان ويڙهه جي ضرورت آهي. پر اسلام کي ريڊڪل بڻائڻ ۽ ان کي پوري دنيا ۾ ڪميونسٽ انقلاب خلاف استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي ڪنهنجي ھئي؟ ڇا يورپي طاقتون آمريڪا جون ساٿاري بڻجي اڄ به مڊل ايسٽ ۾ جهادي گروهن کي بطور پراڪسي استعمال نه پيون ڪن؟ جنهن وقت داعش عراق ۽ شام ۾ عام ماڻهن جا ڳلا ڪپي رهي هئي ته يورپ مان جهادين جا ٽولا بغير ڪنهن رياستي رڪاوٽ جي داعش جو حصو نه پيا بڻجڻ اچن ؟ ڇا يورپ جون مسجدون بغير ڪنهن رڪاوٽ جي مجاهدن کي عراق، شام ۽ لبيا لاءِ ڀرتي نه پيون ڪن؟ ڇا انهن واپس آيل مجاهدن کي جنگي ڏوهن جي ڪا سزا ڏني وئي؟ هاڻي جيڪڏهن يورپ ۾ ڪو دهشتگردي جو حملو ٿي پيو ته ان جو ذميوار به يورپ ۽ آمريڪا جو حڪمران طبقو ئي آهي.
ٻيو وڏو الزام يورپي مسلمانن ۽ مهاجرن تي ساڄي ڌر اهو لڳائي رهي آهي ته هو اسان جي يورپي ثقافت کي قبول نه پيا ڪن ۽ الڳ رهڻ پسند ڪندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته انهن اڪثر مهاجر پورهيتن لاءِ صرف “ گندي، ڏکئي ۽ خطرناڪ” ڪم وارن شعبن ۾ روزگار ڪرڻ جا موقعا ميسر هوندا آهن. مقامي پورهيتن جي ڀيٽ ۾ انهن کي اجرتون انتهائي گهٽ ڏنيون وينديون آهن. جيڪڏهن مقامي پورهيتن کي ڏھه يورو هڪ ڪلاڪ جي اجرت ملي ٿي ته اتي هڪ مهاجر پورهيت کي صرف ٻه يورو ڏنا وڃن ٿا. اهڙي ڪيفيت ۾ مهاجر پورهيتن لاءِ اهو ممڪن نٿو رهي ته هو بهتر علائقي ۾ گهر وٺي سگهن، پنهنجن ٻارن کي بهتر تعليم ڏئي سگھن، جديد طرز زندگي گذاري سگهن ۽ اولھه جي ثقافت جو حصو بڻجي سگهن. ساڄي ڌر جو اهو به موقف آهي ته مهاجر پورهيت انهن جي روزگار کسجڻ جو سبب بڻيا آهن. پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. آزاد منڊي واري معيشت يورپ ۽ آمريڪا مان ٽين دنيا اندر سستي اجرت هجڻ سبب صنعتن جي وڏي حصي کي منتقل ڪيو، جنهن سان پهرين دنيا جي معيشتن ۾ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو رهيو ۽ مستقل روزگار جا موقعا به گهٽبا رهيا آهن. 2008ع جي مالياتي بحران کان پوءِ انهن ملڪن جي معاشي حالت وڌيڪ خراب رهي آهي. اهو آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال کان پاڻ بچائي آيل مهاجر مزدورن جو سستو پورهيو آهي، جنهن اتان جي صنعتن جي چمنين کي ٻارڻ ۾ ۽ اتان جي هنرمند پورهيتن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جرمني جي حڪمران طبقي انساني بنيادن تي ڏھه لک کان وڌيڪ مهاجر پورهيتن کي ملڪ ۾ داخل نه ٿيڻ ڏنو هو. ان جي پويان نج معاشي مفاد هئا. ان سستي مزدور جرمني جي معيشت کي اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
حل ڇا آهي؟
جڏهن به حڪمران طبقي جو نظام بحران جي ڪيفيت ۾ هوندو آهي ۽ زوال طرف وڌندو آهي ته هڪ بغاوت ان خلاف جنم وٺندي آهي. ان بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سماج جي اڪثريت جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن طرفان اقليتن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو آهي. هندستان هجي يا برازيل، آمريڪا هجي يا يورپ، هر جاءِ تي اسان کي مذهبي اقليتن، نسلي گروهن خلاف تعصب ۾ اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پوري دنيا جي انقلابي قوتن تي اهو تاريخي فرض عائد ٿئي پيو ته اهي حڪمرانن جي سازشن کي بي نقاب ڪري پورهيت تحريڪ کي سگهارو ڪن. پورهيتن جي طبقاتي جڙت ئي فسطائيت جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. مهاجر پورهيتن يورپ جي هر انقلابي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇو ته معاشي بحرانن جي ڪيفيت ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر به اهي ئي ٿيندا آهن. يورپ جي پورهيتن لاءِ يورپ جي ماضيءَ جو فاشزم ڪنهن ڀيانڪ ياد کان گهٽ ناهي. ان ڳالهه جا قوي امڪان آهن ته هن ڀيري يورپ جو پورهيت فسطائيت کي شڪست ڏيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *