تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

عباسي شهيد اسپتال جي ڊاڪٽرن جو پگھارن لاءِ هلندڙاحتجاج

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي ) جي اختيارين ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪيئي سالن کان وٺي فنڊن جي معاملي تي ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، پر هاڻي جڏهن بلدياتي نمائندا پنهنجو مُدو پورو ڪري گھر روانا ٿي ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت پاران پنهنجي ڀروسي واري آفيسر کي ايڊمنسٽريٽر طور مقررڪيو ويو آهي پر ان باوجود ڪي ايم سي جي ماتحت ايندڙ سمورن ادارن ۾ اهو ئي ساڳيو مالي بحران ۽ سنڌ سرڪار کان فنڊ نه ملڻ جون شڪايتون اچن پيون. ڪي ايم سي جي ماتحت سمورن ادارن خاص طور تي 14 اسپتالن جي حالت سڌرڻ بجاءِ ويتر خراب ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل 14 اسپتالن ۾ سڀ کان وڏي عباسي شهيد اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران ڪي ايم سي اختيارين خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج هلندڙ آهي. ڪي ايم سي اختيارين فنڊ نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي 488 ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جون پگھارون 9 مهينن کان بند ڪري ڇڏيون آهن. ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ هلندڙ عباسي شهيد اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ 138 پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرن، 250 ايم بي بي ايس ۽ 100 بي ڊي ايس ڊاڪٽرن جون 9 مهينن کان پگھارون نه مليون آهن. جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران مسلسل پگھارن جي ادائگي لاءِ احتجاج به ڪيو پيو وڃي. نه صرف ايترو عباسي شهيد اسپتال ۾ مريضن لاءِ سرنج سميت ڪا به سهولت ناهي.
ڪي ايم سي جي سڀ کان وڏي اسپتال به مڪمل طور مريضن لاءِ بي فائده بڻجي وئي آهي. عباسي شهيد اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران الزام لڳايو ويو آهي ته پنهنجي حفاظت وارو سامان به پاڻ خريد ڪيون ٿا. عباسي شهيد اسپتال جي ڊاڪٽرن اسپتال جي مسئلن بابت اختيارين ڏانهن مطالبن وارو چارٽ به اماڻيو ويو آهي، ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن پاران ڪي ايم سي اختيارين ڏانهن اماڻيل مطالبن واري چارٽ ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته مريضن لاءِ وڏي اسپتال ۾ کاڌي جو بندوبست ٿيل ناهي ۽ ڪچن پڻ ڪافي عرصي کان بند پيل آهي. صفائي لاءِ مقرر ٿيل 20 سوئيپر به گھٽ آهن. جڏهن ته ڊاڪٽرن اهو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته عباسي شهيد اسپتال جي ڊاڪٽرن کي به صوبي جي ٻين ڊاڪٽرن جيان هيلٿ رسڪ الائونس ۽ هيلٿ انشورنس ڏني وڃي. ڊاڪٽرن پاران ڪي ايم سي اختيارين ڏانهن اماڻيل مطالبن واري لسٽ باوجود سندن مطالبا منظور ناهن ڪيا ويا، نه ئي ڊاڪٽرن توڙي اسپتال جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ينگ ڊاڪٽرس پاران ڪي ايم سي اختيارين ڏانهن اماڻيل خط ۾ اها نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته ڪي ايم سي جي ماتحت صحت کاتي پاران سينيئر ڊاڪٽرن کان ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽس جي ٽريننگ ڪرائي وئي هئي. پر اڃا تائين انهن کي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽس طور مقرر ناهي ڪيو ويو. جنهن ڪري ڊاڪٽرن پاران اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٽريننگ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ايم ايس طور ڪي ايم سي جي اسپتالن ۾ مقرر ڪيو وڃي.
ينگ ڊاڪٽرن ۽ ڪي ايم سي اختيارين وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پگھارن جي ادائگي واري معاملي تي ڳالهيون به ٿيون هيون. ڳالهين دوران ڪي ايم سي جي سيڪريٽري فنانس پاران ڊاڪٽرن جي 4 رُڪني وفد اڳيان اهو موقف سامهون رکيو ته کين سنڌ حڪومت کان گھربل فنڊ نه پيا ملن، جنهن ڪري نه صرف حاضر سروس ملازمن ۽ ڊاڪٽرن پر رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ادائگي به وڏو مسئلو بڻيل آهي، جنهن بعد ڪي ايم سي اختيارين پاران پگھارن جي ادائگي نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن کي اها خاطري ڪرائي وئي آهي ته هفتي اندر ساڻن ٻيهر ڳالهيون ڪري پگھارن جي ادائگي وارا مطالبا منظور ڪيا ويندا.
ڪي ايم سي جي ماتحت رڳو عباسي شهيد اسپتال ۾ پگھارن جو مسئلو ناهي، ٻين ننڍين اسپتالن ۾ ملازمن جي پگھارن سميت سهولتن جي اڻهوند آهي. اهو مسئلو پراڻو آهي جيڪو حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. اڳ ته سنڌ حڪومت ۽ تڏهوڪو ميئر ڪراچي وسيم اختر هڪ ٻئي تي فنڊن جا الزام لڳائيندا هئا، سندن هڪ ٻئي تي لڳندڙ الزام به سياسي مخالفت محسوس ٿيندا هئا پر هاڻي ميئر پنهنجو مُدو پورو ڪري هليو ويو آهي ته ميئر واري ڪُرسي تي ايڊمنسٽريٽر طور افتخار شالواڻي ويٺل آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڀروسي جوڳن آفيسرن منجھان آهي، پر پوءِ به ڪي ايم سي اختيارين جو فنڊ نه هجڻ وارو راڳ پراڻو آهي، ان ڪري هاڻي سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي اختيارين کي معاملو سنجيدگي سان حل ڪرڻو پوندو. جيئن اهي دانهون هاڻي بند ٿي سگھن. فنڊن جي کوٽ جو ڪارڻ جيڪڏهن غيرقانوني ڀرتي ملازم آهن ته ان لاءِ به بي رحم آپريشن ڪيو وڃي پر جيڪي ڊاڪٽر انتهائي ڏکين ڏينهن ۾ به نوڪريون ڪندا رهيا آهن انهن کي پگھارون کان محروم نه رکيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *