تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

عدالتن جي ٻولي ۽ عام ماڻهو جو مسئلو

ٻوليون انسانن وچ ۾ رابطي جو اهم ذريعو هونديون آهن، ٻولين جي نه اچڻ ڪري ماڻهن کي شديد پريشاني ٿيندي آهي. اهڙي پريشاني کي عدالتن ۾ عام ماڻهو روز منهن ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته عدالتي ٻولي انگريزي ۽ اڪثريت عام ماڻهن جي ٻولي انگريزي ناهي ان ڪري هنن کي ڪيسن جي ڪارروائي سمجهه ۾ نه ايندي آهي. ڪارروائي ختم ٿيڻ کان پوءِ سائل يا درخواست گذار وڪيل کان پڇندو نظر ايندو آهي ته ٻڌڻي دوران ڇا ٿيو؟ پاڪستان جون عدالتون بيشڪ اهي ٽرائل ڪورٽ هجن يا وري هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ، اتي جج ۽ وڪيل وچ ۾ انگريزي ڳالهائي ويندي آهي. عام رواجي طور ڪنهن ڪرمنل يا سول نوعيت جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلن جا مثال ڏنا ويندا آهن، اهي به انگريزي ۾ هجڻ ڪري شايد جج ۽ وڪيل کي ته سمجهه ۾ ايندا آهن پر 95 سيڪڙو درخواست گذارن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته دليل ڇا تي ڏنا پيا وڃن. درخواست گذارن جي اڪثريت انگريزي ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه ان جي لفظن کي سمجهي نٿا سگهن، بس عدالت ۾ الله کان پوءِ وڪيل ئي سندرو ٻڌي بيٺا هوندا آهن، عدالتن ۾ دليل انگريزي ۾ جج جو فيصلو انگريزيءَ ۾ پر پڙهڻ وارن جي اڪثريت اردو يا ٻيون زبانون ڳالهائڻ وارن جي آهي، اهي انهن فيصلن کي بعد ۾ ترجمو ڪرائيندا آهن يا وري ڪنهن انگريزيِ جي ڄاڻو کان وڃي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن ته انگريزي زبان جي لفظ جون ڪيتريون ئي معناعون هونديون آهن، ان ڪري سمجهائڻ وارو پنهنجي انگريزي علم مطابق سمجهائيندو آهي، پر جڏهن معاملو عدالت ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو ايندو آهي ته جج ان جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندو آهي.
ائين اڪثر ڪري عدالتن ۾ ڏٺو ويو آهي ته اڪثر سرڪاري وڪيل عدالتن ۾ ججن جي ڪاوڙ جي ور چڙهي ويندا آهن. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي 28 ڏينهن چيف جسٽس رهندڙ جسٽس جواد ايس خواجه عدالت ۾ درخواست گذارن جي اهڙي مسئلي کي سامهون رکندي حڪم ڏنو هو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا فيصلا انگريزي زبان سان گڏ اردو زبان ۾ لکت ۾ جاري ڪيا ويندا، پر افسوس جو سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ ساڻس گڏ موجود ٻين ججن پنهنجي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪيو ۽ هاڻي به فيصلا انگريزي زبان ۾ اچن ٿا، اڳوڻي جج جسٽس جواد ايس خواجه پنهنجي ملازمت واري مدي ۾ جن به سرڪاري تقريبن ۾ شرڪت ڪئي اتي اردو زبان ۾ تقرير ڪئي. پنهنجا فيصلا اردو ۾ لکيا ته جيئن هڪ درخواست گذار جنهن کي انگريزي نه ٿي اچي ان کي اردو ۾ لکيل فيصلو پڙهي سمجهه ۾ اچي ته عدالت ڪهڙو فيصلو لکيو آهي. ان کان علاوه هن اهو به حڪم ڏنو هو ته سرڪاري ادارن جون ويب سائيٽون انگريزي سان گڏ اردو زبان ۾ به هجن، جسٽس جواد ايس خواجه جي ڏنل فيصلي تي هن وقت عمل نه ٿي رهيو آهي، ڪالهه ئي سپريم ڪورٽ جي هڪ جج کي ان فيصلي بابت ٻڌائيندي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اڪثر ڪري اپيلون يا درخواستون ڏيندڙ عام رواجي ماڻهو آهن، جيڪي ڪنڊڪڙڇ کان اچن ٿا، انهن کي عدالتي ڪمري ۾ هلندڙ ڪارروائي جي سمجهه نه ايندي آهي، اهي پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا رهندا آهن، مون ان جج کي جسٽس جواد ايس خواجه جو ڏنل فيصلو ياد ڪرايو ته اوهان به ان فيصلي تي صحيح ڪندڙن ۾ آهيو، اوهان عمل نه ڪندا ته ٻيو ڪير ڪندو، فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان جج ۽ وڪيل پريشان نه ٿيندا، پر عام ماڻهو پريشان ٿئي ٿو. ان جج منهنجي ڳالهه ٻڌي چيو ته ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پر ججن جي مجبوري آهي عدالتي نظيرون سڀ انگريزي ۾ آهن، انهن کي آسان اردو زبان ۾ ترجمو ڪرڻ آسان ناهي، ان محترم جج کي مذاق ڪندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪندا ته اوهان ججن خلاف توهين عدالت جي درخواست به اچي سگهي ٿي، جنهن تي ان جج چيو ته بلڪل اچي سگهي ٿي، پر ان درخواست اچڻ کان پهريائين ان فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ شروع ڪنداسين.
عدالتن کان انصاف جو اوسيئڙو هر درخواست گذار کي هوندو آهي، پر اڪثريت درخواست گذارن کي انگريزي زبان تي عبور حاصل نه هجڻ ڪري پريشان نظر ايندا آهن، هڪ سينيئر وڪيل دوست ته ايترو چيو ته ملڪ ۾ جرڳن، قبيلائي فيصلن ۾ اضافو ۽ انهن جي فيصلن تي عام ماڻهو جلد يقين ڪن ٿا، ان جو سبب به زبان آهي، عدالت ۾ انگريزي زبان ۽ جرڳن ۾ سموريون ڌريون پنهنجي مادري زبان ڳالهائينديون آهن، انهن آڏو جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي اهو انهن کي سمجهه ۾ ايندو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ رابطي جي زبان قومي ٻولي اردو کي عدالتن ۾ رائج ڪيو وڃي..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *