Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u7ic5ej79j7pehoukdhq7gnv5i, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
عدالت جي پابندي باوجود پوليس جو جرڳو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar عدالت جي پابندي باوجود پوليس جو جرڳو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

عدالت جي پابندي باوجود پوليس جو جرڳو

جڏهن قانون پنهنجي عملداري ثابت نه ڪري سگهندو آهي ته روايتي ضابطا سماج ۾ جاءِ ٺاهڻ شروع ڪندا آهن ماڻهو پنهنجا معاملا قانون ذريعي نبيرڻ بدران بااثرن ،چڱن مڙسن ۽ برادرين جي وڏيرن ذريعي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،ننڍن ننڍن جهيڙن جهٽن ،ڦڏن ،تڪرارن کي حل ڪرائڻ کان ويندي اغوا ،ڦر ،قتل جا معاملا به اهڙن طريقن سان حل ڪيا ويندا رهيا آهن،جن کي عرف عام ۾ جرڳا چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ گهڻي وقت کان جرڳن جي اها بيماري عام رهي ،پر سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي کانپوءِ انهن ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي آئي پر پوءِ به اهي جرڳا لڪ چوري ۾ ٿيندا رهيا ته ڪڏهن وري انهن جرڳن کي جرڳن جو نالو ڏيڻ بدران ڌرين ۾ ٺاهه ڪوٺي معاملي کي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي، جرڳا ڪرائڻ جا مختلف ماڻهن خلاف ڪيترائي ڪيس به داخل ٿيا پر ڪنهن کي به سزا نه آئي نه ئي وري انهي نموني سان ڪيس هلي سگهيا، ڇاڪاڻ ته انهن جرڳن جي ڪيسن کي خراب ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ پراسيڪيوشن جو ڳٺجوڙ شامل رهيو ۽ انهن ڪيسن جي اهڙي نموني پيروي ئي نه ٿي سگهي .قانون جي ڀڃڪڙي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس ئي حرڪت ۾ ايندي آهي،اعليٰ عدالتن جي فيصلن تي عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ئي ذميوار هوندا آهن پر جيڪڏهن پوليس پاڻ اهڙي ڏوهه يا جرڳا ڪرائڻ جي مرتڪب ٿئي ته باقي عام ماڻهو کي قانون جو پابند ڪيئن بڻائي سگهبو.
روزاني “پنهنجي اخبار” حيدرآباد پوليس جي حوالي سان هڪ اسٽوري شايع ڪئي آهي جنهن کي پڙهڻ سان قانون تي يقين رکندڙ ماڻهن جا ڇرڪ ڇڏائجي ٿا وڃن.اسٽوري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ 5 سال اڳ حيدرآباد پوليس هٿان فل فراءِ ٿيل نوجوان جي خون جو جرڳو ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ پوليس آفيسرن کي ڏوهي قرار ڏئي 60 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي ،خيرپور جي هڪ زميندار وٽ ٿيل انهي جرڳي ۾ پوليس آفيسر به شريڪ ٿيا،نوجوان جو اهو ڪيس هيٺين عدالت ۾ هلندڙ هيو جنهن تي عدالت اهو ڪيس پوليس آفيسرن خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هوجنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان منع نامو ورتو ويو پر منع نامو ختم ٿيڻ ۽ ڪيس داخل ٿيڻ جي ڊپ کانپوءِ پوليس آفيسر حرڪت ۾ آيا، نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪيو انهن کي ٺاهه لاءِ راضي ڪري جرڳو ڪرايو ويو. جرڳي ۾ طئه ڪيو ويو ته قتل ۾ ڄاڻايل هر اهلڪار 15 لک رپيا ڏنڊ ڀريندو ۽ اهي 60 لک رپيا وارثن حوالي ڪيا ويندا جنهن جي بدلي ۾ مقتول نوجوان جا وارث ڪيس جي پيروي نه ڪندا ۽ ايف آءِ آر داخل نه ڪرائيندا. هن جرڳي ثابت ڪيو آهي ته ڪجهه پوليس اهلڪار ڪيئن پاڻ قانون کي ٽوڙيندي ۽ عدالتن جي فيصلن کي لتاڙي رهيا آهن،هڪ طرف جرڳي ۾ ڏوهه باسي ڏنڊ تي راضي ٿي پوليس اهلڪار اهو مڃي رهيا آهن ته انهن نوجوان کي بيڏوهه گرفتار ڪري قتل ڪيو آهي ٻئي طرف وري هاءِ ڪورٽ جو فيصلو هوندي هو غير قانوني جرڳو ڪري ڪورٽ جي فيصلي کي به لتاڙي رهيا آهن جنهن جو مطلب اهي هڪڙو ڏوهه ڪري ان مٿان وري ٻيو ڏوهه ڪري رهيا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته هي جرڳو عام روايتي جرڳن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ڇو ته جرڳن تي پابندي واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جا ذميوار ماڻهو پاڻ ئي جرڳا ڪرائيندا وتن ته باقي انهن فيصلن تي ٻين ماڻهن کان عمل ڪيئن ڪرائي سگهندا.؟سنڌ پوليس جي اعليٰ ڪماني کي هن جرڳي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ نوجوان جي قتل بابت عدليا جي فيصلي جو احترام ڪري قانوني واٽ وٺڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهو جو قانون جي عملداري تي اعتماد ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *