Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_j2rm3ebnb7i2krtgpee244r6bj, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
عرب اسرائيل ٺاهه ۽ وچ اوڀر ۾ ڀڃ ڊاهه - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar عرب اسرائيل ٺاهه ۽ وچ اوڀر ۾ ڀڃ ڊاهه - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

عرب اسرائيل ٺاهه ۽ وچ اوڀر ۾ ڀڃ ڊاهه

13آگسٽ تي متحده عرب امارات، بحرين ۽ اسرائيل پنهنجي گڏيل بيان ۾ هڪ معاهدي تي راضي ٿيا. 15سيپٽمبر تي واشنگٽن ۾ ٽرمپ جي ميزباني هيٺ هڪ سرڪاري تقريب ۾ دستخط ڪري، ان معاهدي کي رسمي صورت ڏني وئي. معاهدي کي “ابراهيم اڪارڊ” چيو ويو ۽ ڇاڪاڻ ته حضرت ابراهيم سڀني يڪ خُدائي مذهبن (يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام) منجهه محترم آهي. (جڏهن ته ڪجهه نقادن مطابق صهونيت جي بيٺڪي ۽ توسيع پسنداڻي پاليسين کي مذهبي اهڃاڻن ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.) معاهدي جو مقصد عرب اسرائيل لاڳاپن جو سنئون ٿيڻ (Normalization) ۽ وچ اوڀر ۾ امن ڄاڻايو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ مصر ۽ اردن جون عر ب رياستون به، اسرائيل سان معاهدي جا موڙ پائي چُڪيون آهن ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻيون عرب رياستون به ساڳيا پير ڪنديون. توڻي جو سعودي عرب ڪجهه مذهبي ۽ سياسي سببن ڪري پنهنجي سر اڳيان ڪونه آيو آهي پر هر ٻالو ڀولو سمجهي ٿو ته وچ اوڀر ۾ هاڻوڪيون اِهي تبديليون رياض جي مرضي ۽ محنت سان آيل آهن.
آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ اُن جا ساٿاري ان معاهدي کي تاريخي سفارتي ڪاميابي قرار ڏين پيا . ٽرمپ مطابق اهو “تاريخ جو نئون پنڌ” آهي. جڏهن ته فلسطيني صدر محمود عباس ان معاهدي کي “غداري” ۽ “ پُٺ ۾ سازشاڻو خنجر” قرار ڏنو آهي. ايران ان کي “ٻاراڻي حڪمت عملي” ۽ “وڏي غلطي” سڏي ٿو. ترڪي به ان معاهدي کي پاڻ خلاف هڪ محاذ جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو. يمن جي ڏاکڻي عبوري ڪائونسل (STC) معاهدي کي جيڪڏهن ڀليڪار ڪيو آهي ته ويڙهه ڪندڙ حوثي باغين ان خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي. هندستان معاهدي جي حق ۾ ۽ پاڪستان فلسطينين کي ڌُر بڻائي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو آهي. ايئن روس ۽ چين به گاڏڙ ساڏڙ ردعمل ڏنو آهي، جنهن ۾ معاهدي کي مشروط طور بهتر چوندي، فلسطينين جي حقِ خوداختياري ۽ ايران خلاف خطي ۾ طاقت جي تبديل ٿيل توازن تي پنهنجي پريشاني ظاهر ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت سنئين ٿيڻ جي نالي ۾ ان معاهدي سان وچ اوڀر ۾ هڪ نئين صف بندي ٿي رهي آهي، جنهن جو اهم محرڪ ايران -سعودي ڇڪتاڻ آهي. توڻي جو ان معاهدي سان، معاهدي ۾ شامل هر ڌُر پنهنجي پيٽ جي سور جو علاج ڪيو آهي پر ان جا عالمي ۽ خاص طور وچ اوڀر ۽ پاڪستان جي سياست تي اثر اڻٽر آهن، جن جو مختصر جائزو هن مضمون جو ڪارج آهي.
آمريڪا: ان معاهدي ۾ سرگرم ۽ سڀ کان سگهارو ڪردار آمريڪا جو آهي. ان معاهدي سان آمريڪا ۽ خاص طور تي ريپبلڪن ڌُر پنهنجي وچ اوڀر آرڊر کي تڙ تڪڙ ۾ لاڳو ڪيو آهي. ڇو ته مٿان آمريڪي چونڊون اچڻيون آهن ۽ آمريڪي قيادت، روس چين وانگي ڊگهي عرصي تائين طئه ٿيل ناهي. سنجيده سياسي ڌُريون ٽرمپ کي هوئين ٽرڙو سمجهنديون آهن پر افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ، وچ اوڀر ۾ پنهنجي مفادن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يهودين ۽ سُني مسلمانن کي هڪ هنڌ ويهاري منجهن معاهدو ڪرائڻ جو ڪريڊٽ اليڪشن کان اڳ ٽرمپ لاءِ تهان ضروري هو. ائين اُهو خال به ڀرجي سگهندو جيڪو ترڪي جو ناٽو منجهان نڪري روسي ڪيمپ ۾ شموليت سبب پيدا ٿيو هو.
اسرائيل: ان معاهدي سان اسرائيل کي هڪ ته موقعو مليو آهي ته هو ڪورونا حوالي سان پنهنجي ناڪام پاليسين ۽ وزيراعظم (نيتن ياهو) مٿان هلندڙ ڪرپشن ڪيسن تان عوام جو ڌيان هٽائي. ٻين عرب رياستن سان گڏجي پاڻ کي معاشي ۽ سياسي طور مستحڪم ڪري ۽ ايران کي ڪمزور ڪري. ان سڀ جي موٽ ۾ کيس بس ايترو ڪرڻو آهي ته بچيل فلسطين (اولهندي پٽي: جتي 6 لک اسرائيلي اڳ کان موجود آهن) جي ويتر والار کي “عارضي” طور ڇڏي ڏيڻو آهي. يعني سڀاڻي وري اها والار جاري رهندي. ياد رهي ته ان معاهدي دوران به غزا مٿان اسرائيلي بمباري ۽ اولهندي پٽي ۾ فلسطينين جي جبري بيدخلي جاري رهي آهي. مٿان آمريڪا، نيتن ياهو جا ميرا ڪپڙا ڌوئڻ سان گڏ، وچ اوڀر ۾ سندس عسڪري مٿڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جو اعلان پِڻ ڪيو آهي.
متحده عرب امارات: ان معاهدي اڳ جي عرب اسرائيل رشتن کي هڪ قانوني ۽ سفارتي صورت ڏني آهي. متحده عرب امارات جا اسرائيل سان ناتا 1994ع کان وڌيل آهن، جنهن جو توڙ هاڻ وڃي ٿيو آهي. ابو ظهبي پوئين ڏهاڪي کان سائبر سيڪيورٽي ۽ معاشي مامرن ۾ تل ابيب سان جُڙيل رهيو آهي. اسرائيل جو هڪ سفارتي دفتر 2015ع کان ابوظهبي ۾ موجود آهي. توڻي جو عرب امارات ان معاهدي کي عسڪري نوعيت جو نه ٿي ڄاڻائي پر حقيقت اها آهي ته 1990ع کان متحده عرب امارات کي آمريڪا کان ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ ايف-35 جنگي جهاز گهرجن ٿا، جنهن جي ملڻ جا هن معاهدي کانپوءِ هاڻ امڪان پيدا ٿيا آهن. ڇاڪاڻ ته اُن جي مخالفت اسرائيل ئي ڪندو رهيو آهي. ياد رهي ته متحده عرب امارات سڌي ريت يمن ۽ لبيا (جتي مصر، اسرائيل ۽ عرب امارات گڏجي، ترڪي ۽ سندن اتحادين سامهان آهن) ۾ داخل آهي. تيونس ۾ جمهوري عمل جي رستاروڪ ۾ به ابوظهبي جو حصو آهي. سوڊان ۽ صومالي پيننسولا ۾ به سندس مداخلت آهي جتي، باب المنديب سان اسرائيلي مفاد به جُڙيل آهن.
ابرهام اڪارڊ: امن يا جنگ جو معاهدو:
2003ع ۾ آمريڪا طرفان عراق منجهه صدام حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جيڪو انتشار پيدا ٿيو، تنهن جو سڀ کان وڏو فائدو، عراقي شيعن جي گهڻي آبادي سبب ايران کي ٿيو. سندس نرم طاقت عراق، شام، لبنان ۽ يمن ۾ ويتر وڌي. ان سموري عمل ۽ 2011ع جي “عرب بهار” واري آمريت مخالف لهر کي، آمريڪا ۽ سعودي ڳٺ جوڙ سان ڪٿي سڌي ته ڪٿي اڻ سڌي مداخلت ذريعي ٻُنجو ڏيڻ جو طئه ٿيو ۽ ائين عراق، شام، لبيا ۽ يمن ترتيبوار پراڪسي جنگين جي باهه ۾ سڙڻ لڳا جنهن جو تئو اڄ به وچ اوڀر جون ٻيون رياستون تيل جي معيشت جي ويهڻ ۽ ڪورونا وبا جي معاشي اثرن کانپوءِ ويتر وڌيڪ محسوس ڪري رهيون آهن. اڄ به هڪ پاسي کان امن معاهدا پيا ٿين پر ٻي پاسي جنگي جنون ۽ وچ اوڀر کي ويتر مسلح ڪرڻ جو عمل جاري آهي. سعودي، مصر، متحده عرب امارات جي سرواڻي ۽ جڳ مشهور ڏوهاري تنظيم بليڪ واٽر جي مدد سان گلف ڪوآپريشنل ڪائونسل (GCC) يمن مٿان 2015ع کان هڪ موتمار جنگ مڙهي ويٺي آهي. ٻي پاسي ايران به حوثي باغين کي جديد هٿيارن ۽ عسڪري صلاحڪارن جي مدد پُهچائي پيو. ايئن خطي جي ٻن طاقتور سانن جي لڙائي ۾ يمن جو عوام ٻوڙن وانگي لتاڙجي پيو. پر ان ڄاڻ باوجود آمريڪي صدر ٽرمپ، جنيوا ڪنوينشن جي شقن، گڏيل قومن جي ڪميشن ۽ پنهنجي مُلڪ جي ڪانگريس جي فيصلن کي لتاڙيندي پوءِ به سعودي ۽ گلف رياستن کي هٿيار ڏيندو رهيو. ياد رهي ته سال 2019ع ۾ آمريڪا جا 42 سيڪڙو وڌيڪ هٿيار وڪرو ٿيا آهن. جنهن ۾ متحده عرب امارات پوڻا پنج ارب ڊالر، بحرين 3.37 ارب ڊالر، قطر 3 ارب ۽ سعودي عرب پوڻا ٽي ارب ڊالرن جا آمريڪا کان هٿيار ورتا. متحده عرب امارات يا سعودي عرب ڪنهن به لحاظ کان اسرائيل مخالف عسڪري سرگرمي جو هاڻ حصو نه آهن. تنهن ڪري “ابراهيم اڪارڊ” کي امُن کان وڌيڪ ايران خلاف جنگي معاهدي جي حيثيت ۾ ڏسڻ وڌيڪ حقيقت پسنداڻو رويوآهي.
ايران ۽ عرب امارات هڪ ٻئي خلاف ٻين ملڪن ۾ (پراڪسي طور) سرگرم رهيا آهن پر عرب اسرائيل ٺاهه کان اڳ ٻنهي رياستن جا هڪ ٻئي سان ڪنهن قدر بهتر لاڳاپا هيا. 5 لک ايراني متحده عرب امارات (گهڻا تڻا دُبئي ) منجهه رهندا آهن. 2018ع ۾ عرب امارات جي ايران برآمد (ايڪسپورٽ) ڏهه ارب ڊالرن کان وڌيڪ هُئي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ان تازي ٺاهه سان هاڻ ٻنهي رياستن جو هڪٻئي سان رشتو سِڌو دُشمناڻو نه به ٿيو ته ٿڌو ضرور رهندو. جيڪڏهن آمريڪا متحده عرب امارات کي جهاز ڏي ٿو ته پوءِ ايران به روس مٿان دفاعي هٿيارن جي جديد نظام (S-400) جي گُهر تي زور ڏيندو. ايئن ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ پنهنجي مفادن کي نقصان جي صورت ۾ ايران فارسي سمنڊ ۾ عرب امارات جي تيل جهازن کي روڪي به سگهي ٿو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو عرب اسرائيل ٺاهه سان گلف جي عرب رياستن کي ويتر سگهه ملي آهي پر سماجي ۽ علائقائي حوالي سان ڏسجي ته سياسي انتشار ۽ بي يقيني تهان وڌندي. آگسٽ مهيني ۾ عرب امارات جي سياسي ۽ معاشي مرڪزن جهڙوڪ ابو ظهبي ۽ دُبئي منجهه ٻن ڌماڪن جو ٿيڻ به ٻُڌائي ٿو ته مامرا هر پاسي ڏانهن وڌي سگهن ٿا. ايران سعودي ڇڪتاڻ جيترو وڌندي ان جا اثر، انتهاپسندي، فاشزم ۽ فرقيواريت جي صورت ۾ نه صرف سندن ملڪن پر اوسي پاسي جي ٻين رياستن تي به لازمي طور پوندا.
پاڪستان ۾ وڌندڙ فرقيواريت:
وچ اوڀر يا ننڍي کنڊ ۾ مذهب يا مذهبي فرقيواريت جي واڌ ويجهه ۾ عالمي طور تي برطانيه، آمريڪا ۽ علائقائي طور تي ايران سعودي تڪرار جو ڪردار بنيادي رهيو آهي. پاڪستان جي آبادي جو ويهه سيڪڙو اهلِ تشيع آهي ۽ پاڪستان کي سڀ کان پهرين قبول ڪندڙ مُلڪ ايران سان تقريبن هڪ هزار ڪلوميٽر سرحد گڏيل آهي. انهن ئي ڳالهين کي اڳيان رکي پاڪستان وچ اوڀر ۾ سعودي حڪمتِ عملي جو حصو ٿيڻ کان لاچاري ڏيکاري ۽ نتيجي طور شاهه محمود قُريشي جي بيان کانپوءِ سعودي حڪومت جي ناراضگي کي مُلڪ جو سالار وڃي ڪري به ختم نه ڪري سگهيو. مامرا رياستي سطح تائين هجن ها ته نبيرڻ شايد سولا به هيا پر سعودي ۽ ايران جا پاڪستان منجهه نه صرف رياستي پر سماجي سطح تي به اثر موجود آهن. مثال طور تازو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ اهل سُنت والجماعت ۽ تحريڪ لبيڪ طرفان جيڪي تمام وڏيون شيعه مخالف ريليون ڏسڻ ۾ آيون تن پُٺيان به آل سعود جي سياست واضح آهي. ايئن شيعن سان ڪنهن قدر نرم رهندڙ بريلوي سُني به هيل ڪنهن نئين ملاکڙي لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. شيعه جماعتن انهي تياري جو الزام به اسٽيبلشمينٽ جي هڪ نه ٻي صورت مٿان مڙهيو آهي. اهڙي ريت عالمي، علائقائي ۽ مقامي سياسي ۽ معاشي بُحران هر سطح تي هڪ نئين ۽ تهان جُڙيل صف بندي ۾ پنهنجو اظهار ڪري رهيو آهي. جيڪا جيئن پوءِ تيئن ويندي واضع ٿيندي. عرب اسرائيل ٺاهه بابت آخري پر اهم ڳالهه. اُهي مذهبي مفڪر جيڪي تاريخ کي مذهبي ۽ فرقيواراڻي اک سان ڏسندا آهن، جيڪي پاڻ مخالف هر سياسي معاشي تبديليءَ کي اسلام ۽ مسلمانن خلاف يهود ۽ نصارا جي سازش سمجهندا آهن، تن جي اهڙي بيانيي لاءِ عرب اسرائيل معاهدو موتمار ثابت ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته هر عام هاڻ عملي طور ڏٺو ته سرمايو مختلف مذهبن، فرقن ۽ ثقافتن جي مڻين کي ڪيئن نه پنهنجي مفادن وٽان هڪ لڙهي ۾ پوئي ٿو. ايئن ان ٺاهه کولي رکيو آهي ته سماج ۽ تاريخ کي ڪنهن ٻي نظرياتي بنياد تي نه پر صرف محنت ۽ سرمايي جي تضاد ۾ ئي ٺوس بنيادن تي سمجهي سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *