تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

عروج وڃائي ويٺل اوطاقي ڪچهريون

معاشري ۾ سکڻ لاءِ تمام گهڻا ۽ مختلف قسمن جا ادارا موجود آهن جيڪي معاشري ۾ ماڻهن جي تربيت ڪندا رهن ٿا، اهڙن ادارن مان هڪ ادارواوطاق به آهي جتي ٻارکان وٺي نوجوان تائين هر فرد جي تربيت ٿيندي آهي پربدقسمتي سان سنڌ ۾ محبت ۽امن جو اهڃاڻ اوطاقن مان ماضي واريون ڪچهريون موڪلائي ويون آهن. نوجوان وڏڙن جي نصيحت وارين ڳالهين ۽ فيض کان محروم ٿي ويا آهن سماجي اوسر ۽ تربيت جو ادارو اوطاقون جتي ماضي ۾تربيت،ڄاڻ۽ علم ڏينديون هيون،تعليمي ادارن جو متبادل ڪردار ادا ڪندڙ اڪثر اوطاقون اڄ ويران ٿي ويون آهن. اوطاقن جي ڪچهرين وارا اهي مور ماڻهو به هي جهان ڇڏي موڪلائي ويا آهن جنهن سبب اوطاقن ۾ اهي ڪچهريون،ميڙاڪا ۽ وڏڙن جون ڳالهيون نه رهيون آهن. اوطاقون خالي آهن هڪٻئي کان خير عافيت پڇڻ لاءِ اوطاقن ۾ اچڻ جو ڪنهن وٽ وقت نه بچيو آهي. آبادي جي واڌ، وسيلن جي کوٽ،مهانگائي ڊوڙندڙ وقت ۽ پريشانين سبب محبتن ۽ امن جواهڃاڻ اوطاق وارو نظام ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندوپيو وڃي. ٻهراڙين جا ماڻهوبه شام جو اوطاقن ۾ ڪچهرين بدران ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ اٺ ئي پهرڪم ۾ رڌل نظر اچن ٿا سياستدان به اڪثر وقت شهرن ۾ گذارڻ لڳا آهن. اوطاقي ڪچهريون ختم ٿيڻ سبب سماجي اوسر۽ غير رسمي تعليم جي واڌ ويجهه ختم ٿي وئي آهي. اوطاقي ڪچهري کي  سنڌ ۾ اوج ان وقت آيو جڏهن سيد صالح محمد شاهه فتح خان جي نالي سان ريڊيو پاڪستان تان ڪچهري پروگرام ڪيو ته اوطاقن جو اوج موٽي آيو .ريڊيو جي مشهورصداڪار ۽ پي ٽي وي جي اينڪر سيد صالح محمد شاهه 29 آڪٽوبر 1959ع ۾ هڪ پوڙهي شخص فتح خان جي نالي سان ريڊيو پاڪستان تي اوطاقي ڪچهري جو پروگرام شروع ڪري اوطاق واري ڪچهري کي متعارف ڪرايو ته سڄي سنڌ ۾ اوطاقي ڪچهرين جو اوج موٽي آيو. ننڍڙا توڙي وڏڙا اوطاقن ۾ ويهي توڙي گهر ۽ جهر جهنگ ۾ ٻني ٻاري تي ڪم ڪندي توڙي مال چاريندي سندس ڪچهري ٻڌندا هئا ۽سندس ڪچهري مان فيض به حاصل ڪندا هئا. فتح خان جي ڪچهري جي نالي سان سندس پروگرام تمام گهڻو مشهور ٿيو ماڻهو کيس صالح محمد شاهه جي نالي سان نه پر فتح خان جي نالي سان سڃاڻندا هيا. سنڌ جي شهرن مان اوطاق ڪچهريون هوٽلن۽ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن کسي ورتيون. سنڌ ۾ اوطاقن جي حوالي سان اهو تاثر هوندو هو  ته اسڪول کانپوءِ اوطاقون ئي انسان جي بهتر اخلاقي تربيت جو ذريعو هونديون هيون جتي ٻارڙن ،نوجوانن کي ادب ،اخلاق ۽ اٿڻ ويهڻ جا طريقا پڻ سيکاريا ويندا هيا. سنڌ ۾ انهن اوطاقن جو زوال جو هڪ ڪارڻ مهانگائي به آهي ڇو جو هڪ غريب پورهيت ماڻهو سج اڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين سخت جستجو پورهئي ۽ جفاڪشي جي باوجود پنهنجي گهر کي چڳي طرح ڪونه ٿو هلائي سگهي هن مهانگائي جي دور ۾ اوطاق کي ڪيئن ٿو وقت ڏئي سگهي. اوطاق جو زوال جو ٻيو سبب هي به آهي ته ڳوٺاڻا اوطاق ۾ وڃڻ بدران هوٽلن تي وڃي فلمون ڏسن ٿا يا گهر ۾ ويهي فلمون ۽ ڊرامن ڏسڻ کي ترجيح ڏين ٿا. سڀ کان پهريون اوطاقي ڪلچر شهرن مان ختم ٿيڻ لڳو جتي هوٽلن ڪچهرين جي محفلن کي ختم ڪيو ان کان پوءِ ٻهراڙين ۾ بدامني قبائلي جهڳڙن اوطاقي ڪچهرين کي ختم ڪيو.
اوطاقي ڪچهريون ٻهراڙين ۾ ميڊيا جو به ڪم ڪنديون هيون اوطاقي ڪچهرين جي اوج دوران ڳوٺاڻن ڄڻ هڪ قسم جي ميڊيا جوڙي رکي هئي جتي اوڙي پاڙي جي خبرچار پئي پوندي هئي. ايئن ڪچهري جي شروعات ٿيندي هئي ان زماني ۾ عام سماجي ڪچهري کان اچي سياست تي بحث به انهن اوطاقن تي ٿيندا هيا.انهن اوطاقن ذريعي ڪنهن جي ڏک سور جي خبر به پوندي هئي ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو ان وقت هڪٻئي سان همدردي ڪندا هئا يا ڏکئي وقت ۾ڪم ايندا هئا. سنڌ مان اوطاقي ڪچهري جو رجحان گهٽجڻ ڪري سنڌ ٻهراڙي توڙي شهرن مان اوطاقي ڪچهري ذريعي جڙندڙ محبت ،امن واري ماحول ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *