تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو پروميٿيئس

پروميٿيئس يوناني ڏند ڪٿا جو مشھور ھيرو آھي.جنھن تي زيوس ديوتا انسانن کي باھ چورائي ڏيڻ جو الزام لڳايو ھو ۽ جنھن جي نتيجي ۾ ھن جي مٿان فرد لاڳو ڪري اولمپس جبل جي چوٽيء تي ٽنگڻ جي سزا ٻڌائي وئي.جتي ھڪ ديوھيڪل ڳجھه به مقرر ڪئي وئي جنھن جو ڪم پروميٿيئس جو جسم پٽڻ ھو. .پروميٿيئس جو ڏوھ اھو ھو ته ھن زيوس ديوتا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي .ڇو ته زيوس ديوتا ھميشه لاءِ منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ھو ته انسان ذات کي ڪڏھن به باھه ٻارڻ جو شعور ناھي ڏيڻو.زيوس ديوتا کي خوف ھو ته متان انسان باھه جو شعور حاصل ڪري سندس راڄ ڌاني کي نيست و نابود نه ڪري ڇڏي.! .
عطا محمد ڀنڀرو به سنڌ جو پروميٿيئس ھو.جنھن يونان جي مزاحمت جي ھيري پروميٿيئس جي عظيم علامتي مثال جي پيروي ڪندي علم جي روشني جو شعور پنھنجي ماڻھن کي ڏنو ھو.جنھن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي ڳوريون سزائون ھن جي مقدر ۾ آيون پر انھن سزائن عطا محمد ڀنڀري کي ڪڏھن به ڪو نه لوڏيو.رھندو انھن سزائن ھن جي ڌرتي ماءُ /earth religionجي نظرئي ۾ ويساھه کي ويتر وڌيڪ پڪو ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو!دراصل عطا محمد ڀنڀرو ان جديد سنڌي ڏاھپ/ Sindhi Sophia جو نقيب /harbinger ھو.جنھن جو ماڊل سنڌ ۾ ورھاڱي کان اڳ حشوڪيولراماڻي مقرر ڪيو ھو ۽ ورھاڱي کان پوءِ وري جنھن ماڊل کي حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد،علامه آءِآءِ قاضي،ابراھيم جوئي ،شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻي ۽ رسول بخش پليجي نه رڳو برقرار رکيو پر ان جي واڌاري لاءِ ڌن ۽ تن جي بازي به لڳائي ڇڏي.بيشڪ عطا محمد ڀنڀري وري ان ماڊل کي ھڪ علمي شعور ۽ آگھي جي نئين لھر سان واقف ڪرايو.جنھنڪري سنڌ علمي سجاڳي جي نئين دور/new reninsance ۾ داخل ٿي!ھن فرانسيسي انقلاب جي ھيروز روسو ۽ والٽيئر وانگر علم کي ڦھلائڻ جي لاءِ پنھنجي ذاتي سڪون کان نابري واري ڇڏي! ھن سنڌ کي علم جو اھڙو monunent بنائڻ ٿي چاھيو جنھن کي سموري دنيا ڏسڻ کان سواءِ رھي نه سگھي.ھن سنڌ جو اصلي علمي جوھر ورائڻ ٿي گھريو.ڇو ته عطا محمد ڀنڀري کي پنھنجي گھري ادارڪ ڏسيو ھو ته سنڌ جي قديم علمي فلسفي جي گونج ماضي بعيد ۾ به سموري سرشٽي ٻڌي ۽ ورنائي ھئي.
عطا محمد ڀنڀري جو علمي مورچو ترجمو ھيو.ھن ان مورچي کي دنيا جي پسمنظر ۾ جاچي سنڌ جي تاريخي علمي ڏاھپ کي شاھوڪار ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو.ھن برجستي وڪيل ھجڻ جي باوجود،ترجمي جي ھنر کي وڌيڪ ڪارائتو ڄاتو.ڇو ته وڪالت جو پروفيشن رڳو ھن جي ذاتي ضرورتن کي ڪم اچي ٿي سگھيو پر ھن ته ان کان تام گھڻو اڳتي ڏسڻ ٿي چاھيو.جنھن ڪري ھن ترجمي نگاري کي اختيار ڪري ورتو.ڇو جو ھن جي نظر ۾ اھو ڪم سڌ جي شعوري ترقي جي حوالي سان تمام اھم ۽ تاريخ ساز ڪم ھو.عطا محمد ڀنڀري جڏھن ان ڪم ۾ ھٿ وڌو ته پوءِ ھڪ منٽ به ساھي نه کنئي. ھن ڪا به غلفت ڪرڻ نٿي چاھي.سندس رات ۽ ڏينھن جي محنت رنگ لاتو.
ھن الاھي مھاڪتابن کي وڏي جفاڪشي سان سنڌي ٻولي ۾ پنھنجائي سنڌ جي علمي خزاني کي تمام گھڻو شاھوڪار ڪري ڇڏيو.ھن سنڌ جي جھولي ۾ ڪيترا ئي ڪتاب وڌا: جن جو وچور ھن طرح آھي: 1980ع ڌاري ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب،ساڳئي سال “هينري ڪزنس” جو ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” ، ايڇ. ٽي. سورلي جو ڪتاب 1992ع۾“ڀٽ جو شاھه” ،1994ع ۾ ايس آر راءِ جو ڪتاب “سنڌو لکت ۽ ٻولي”، 1995ع ۾ ايڇ جي راورٽي جو ڪتاب “سنڌ جو مهراڻ”، 1995ع ۾ جي آر ھنٽر جو ڪتاب “سنڌو لکت جو بين القوامي لکتن سان لاڳاپو”، 1997ع ۾ اين جي مجمندار جو ڪتاب “سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي”، 1998ع ۾ اليگزينڊر برنس جو ڪتاب “سنڌوءَ جو سفر”، 1998ع ۾ ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي جو ڪتاب “سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي” 1999ع ۾ جيئن فيئرلي جو ڪتاب “سنڌو شينھن دريا”،1999ع ۾ سي ايل ماڙيوالا جو ڪتاب “سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي” ، 2000ع ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ جو ڪتاب “حرگوريلا جنگ”، 2000ع ۾ “سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني”، ايڇ. ايم. اليٽ ، 2000 ع۾ “سڪندر جي ڪاهه” ايرين ، 2001 ۾ سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام، 2020ع ۾ سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين،2002ع ۾ تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ ، 2004 ع۾ سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس ، 2004 ع۾ ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني ، 2004 ع۾ ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور ، 2005 ع۾ سنڌ جيئن مون ڏٺي، ٽي. پوسٽنس، 2005 ۾ سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن ، 2006 ع۾ سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن ، ۽ 2007 ع۾ سنڌ هند جي قديم جاگرافي، اليگزينڊر ڪننگهام وغيره ترجمو ڪري ترجمي نگاري جي فن کي نئين سڃاڻپ عطا ڪري ڇڏي.
جنھنڪري سرڪار سڳوري وڏي مجبوري کان پوءِ عطا محمد ڀنڀري جي ادبي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ملڪ جي اھم سرڪاري اعزاز حسن ڪارڪردگي سان نوازڻ جو اعلان ڪيو پر عطامحمد ڀنڀري اھو اعزاز وٺڻ کان انڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته سندس ضمير اھا اجازت نٿو ڏئي! عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو تمام وڏو ليجنڊ ھو.تاريخ جي ورقن ۾ لکيل آھي ته ليجنڊ پاڻ ناھي ڳالھائيندو پر سندس عمل ڳالھائيندو آھي.عطا محمد ڀنڀري جو علمي عمل به سنڌ سان ھر ڏکئي وقت ۾ مخاطب ٿيندو رھندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *