تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

عليشا جو آواز ڪير ٻڌندو؟

“توهان جو هاڻ حڪومت کان ڪهڙو مطالبو آهي؟” جيتوڻيڪ ڪشمور جو صحافي ڪراچي جي تبسم کان ساڳيو ئي روايتي سوال ڪري رهيو هو پر چئن سالن جي عليشا جي ماءُ جو جواب غير روايتي هو، سڪي ويل اکين کي ڇنڀيندي هن چيو، “آئون چاهيان ٿي ته ماڻهو هنن کي پڪڙي بک ۽ اڃ تي رکن ۽ جسم تي ڏنڀ ڏين” جيئڻ جا جتن ڪندڙ تبسم ڪراچي جي جناح اسپتال مان سٺي پگهار واري نوڪري جي ڏٽي تي اغوا ٿي ۽ ڪشمور ۾ آڻي قيد ڪئي وئي، هوءَ رفيق ملڪ نالي هڪ مسلمان ڀاءَ هٿان اغوا ٿي ۽ خيرالله نالي هڪ ٻئي شخص وٽ چوري جي هٿ آيل وکر وانگر وڪرو ٿي، هوءَ جتي قيد ڪئي وئي اتي کيس پنهنجي معصوم ڌيءَ کان الڳ ڪري رکيو ويو جتي ماڻهن جي کل ۾ لڪل بگهڙ سندس ماس پٽيندا رهيا.
تبسم کي خبر هئي ته هن جيڪڏهن دانهن ڪئي ته سندس معصوم عليشا کي ماريو ويندو ان ڪري هوءَ مجبور ماءُ جي روپ ۾ سڀ ڪجھه پاڻ تي سهندي رهي. پر جڏهن کيس عليشا کي آزاد ڪرڻ عيوض ڪراچي مان هڪ ٻي نوجوان ڇوڪري آڻڻ جو چيو ويو ته هوءَ مدد لاءِ پڇائون ڪندي ڪشمور ٿاڻي تي پهتي. قيد جي پوري هڪ هفتي تائين تبسم پنهنجي ڪنن سان سندس معصوم ڌيءَ عليشا جون اهي رڙيون ٻڌندي رهي جيڪي هو هر روز ساڻس ٿيندڙ اجتماعي زنا وقت ڪندي هئي. هر وقت رڙيون ڪندڙ معصوم عليشا اسپتال پهچڻ کان پوءِ خاموش ٿي وئي آهي، ان ڪري جنهن وقت سندس ماءَ پوليس کي عليشا جي جسم تي چٽيل سگريٽن جا ڏنڀ ۽ لڪڻ سان ڪيل نيل ڏيکاري رهي هئي ان وقت به عليشا خاموش هئي.مون کي يقين آهي ته چاليھه هزارن جي نوڪري جي آسري تي ٽيهن هزارن ۾ وڪرو ڪيل تبسم ۽ سندس ڌيءَ عليشا جي درد کي پنن تي اتارڻ توڙي لفظن ۾ سهيڙي زبان تي آڻڻ وارو ڪم منهنجي وس ۾ ته ڇا پر خود خاموش ٿي ويل عليشا جي امڙ جي وس ۾ به ڪونهي. تنهن ڪري هوءَ هڪ صحافي جي روايتي سوال جي جواب ۾ چئي رهي هئي ته “انهن کي پڪڙي بکيو ۽ اڃيو رکيو وڃي!”
سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدم شماري جي اڌوري ڳالھه ڪري آيل سنڌ جي وڏي وزير تائين اڃان عليشا جي ڳالھه ناهي پهتي ان ڪري وزيراعليٰ هائوس پاران سندس پي آر او جو اهو پريس بيان به جاري ناهي ٿي سگهيو جنهن ۾ واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس کان رپورٽ طلب ڪبي آهي. هن واقعي بابت تبسم ڪشمور جي ٿاڻي تي دانهن اچي ڏني جنهن کان پوءِ ڪشمور جي ان اي ايس آءِ جو ڪيل ڪم به پوليس جي وردي تي لڳل داغ ڌوئڻ کان به ڪي رتيون وڌيڪ لڳي رهيو آهي.
ڪشمور ۾ ڪاريون ٿي مرندڙ بي گناھه عورتن تي شعوري يا لاشعوري طور چپ رهندڙ پوليس منجهان سب انسپيڪٽر محمد بخش ٻرڙي جهڙو هڪ اهڙو ماڻهو ظاهر ٿيو جنهن نه فقط پوليس جي وڃايل ساک جي بحالي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو پر هن انسانيت مان کڄي ويل ويساھه موٽائڻ جو پڻ ڪم ڪري ڏيکاريو.
جيئن ته تبسم کي اغوا ڪندڙن کيس ان شرط تي ڇڏيو ته هوءَ ڪراچي مان نوڪري جو ڏٽو ڏئي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي وٺي سندن حوالي ڪندي ته پوءِ ئي کيس سندس ڌيءَ ڏني ويندي.
اها ڳالھه جڏهن ٿاڻي تي ٿي ته ڪا اهڙي ڇوڪريءَ هجي جنهن کي جوابدارن سان ڳالهرائي کين پڪڙي سگهجي ته ٿاڻي تي مقرر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي پنهنجي زال ۽ نياڻيءَ سان گهر اچي اهڙي ماجرا بيان ڪئي جنهن کان پوءِ سڀني جي رضا مندي سان اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي پنهنجي نياڻي کي ٿاڻي تي وٺي آيو ۽ چيو ته اهو ڪم منهنجي نياڻي ڪندي. پوءِ جوابدار رفيق ملڪ سان نه فقط محمد بخش جي نياڻي سان تبسم جي فون تان ڳالهرايو ويو بلڪه مقرر ڪيل هنڌ تي هوءَ تبسم سان گڏجي وئي جتي تبسم سان هڪ ڇوڪري کي گڏ ڏسي جوابدار کي يقين به آيو. جڏهن جوابدار ڇوڪريءَ کي وٺڻ آيو ته طئه ٿيل پلان تحت پوليس کيس گهيرو ڪري وئي.
مون کي خبر ناهي ته چين ۾ ڪورونا جي وبا جانورن سان ٿيل ظلم جي نتيجي ۾ خدائي قهر جي صورت ۾ آئي هئي يا اها عالمي وبا هٿ سان ڪيل ڪيميائي تجربي جو نتيجو آهي!
پر مون کي اها ڳالھه به سمجھه ۾ نٿي اچي ته دونالي بندوق جي هڪڙي ڪارتوس سان پنج پنج پرديسي پکي ماريندڙ شڪارين واري سنڌ ۾ ظلم ۽ زيادتين جي هاڻوڪي انتھائي ڀيانڪ صورتحال کان پوءِ ان جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *