Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_g4sg3f4om580h4crkm06pgv2an, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
عمران حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar عمران حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

عمران حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن

مخالف ڌر جي جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي اعلان بعد ئي شيخ رشيد اهڙا بيان ڏيڻ شروع ڪيا هيا جنهن مان لڳو پئي ته سرڪاري ڌر يا ڪا ٻئي سگهاري ڌر انهي اجلاس کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح ڊينٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي. شيخ رشيد جو اهو بيان ته اي پي سي بعد ن ليگ مان ش ليگ ٺهندي هڪ قسم جو اشارو هو ته ڪهڙي طرح انهي اي پي سي جي نتيجي ۾ جڙندڙ مخالف ڌر جي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي! پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته مخالف ڌر جي جماعتن انهن اشارن جي باجود ڪي به احتياطي تدابير اختيار نه ڪيا جنهن سان سندن سياسي ساک کي ڪو نقصان نه رسائي سگهي ها. جنهن طرح جي سطح جو اجلاس ٿيو ۽ انهي ۾ جيڪا لائين نواز شريف اختيار ڪئي انهي مان لڳو پئي ته هاڻ سرڪاري ڌر ۾ ويٺل حڪمران جماعت ۽ انهن جا سپورٽر پنهنجي دفاعي پوزيشن ۾ هليا ويندا. پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن به نه گذريو شيخ رشيد اي پي سي کان پهرين مخالف ڌر جي عسڪري قوتن سان ملاقاتن جي ڳالهه کولي وڌي. ن ليگ انهي جي وضاحت ڪندي چيو ته اها ملاقات گلگت بلتستان جي معاملي تي ٿي هئي، ڳالهه وڌندي رهي تان جو آءِ ايس پي آر کي به انهي ملاقاتن جي باري ۾ بيان جاري ڪرڻو پيو. معاملو اڃان اتي دنگ نه ٿيو وري شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل رحمان به ملاقات ڪئي آهي، هاڻ وڃي ڳالهه اتي دنگ ڪيو آهي جووزير اعظم عمران خان پاڻ هڪ ٽي وي چينل تي قبول ڪيو آهي ته مخالف ڌر جي جماعتن سان گڏوگڏ عسڪري قوتن کيس به سڏيو هو، پر هو انهي ۾ شريڪ نه ٿيو. هن اهو به چيو ته عسڪري ادارن سان جنهن جون به ملاقاتون ٿينديون آهن هو انهن سڀني کان باخبر هوندو آهي. جڏهن ته پنهنجي شرڪت نه ڪرڻ جو سبب هن اهو ڄاڻايو آهي ته هڪ ته سيڪيورٽي معاملات تي بحث ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي ٻيو هو انهن چور ۽ اين آر او گهرندڙ قيادت سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ڪونه آهي.
منهنجي خيال ۾ مخالف ڌر جي اي پي سي جي اعلان بعد سگهارين ڌرين سرڪار ۽ مخالف ڌر ۾ ڪا ٽياڪڙي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ۽ انهي جو اهتمام ڪهڙي به بهاني ڪيو هوندو، پر جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان ته شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انهي ميٽنگ ۾ مخالف ڌر جون جماعتون شريڪ ٿيون. ملاقات ۾ سيڪيورٽي معاملات جي جائزي سان گڏوگڏ گلگت بلتستان جو صوبي جي حيثيت وارو معاملو ۽ مخالف ڌر جي سرڪار مخالف اي پي سي جو جائزو پڻ هوندو، پر لڳي ٿو عمران خان انهي ٽياڪڙي ۾ ويهڻ کان انڪار انهي ڪري ڪيو هوندو ته متان ڪجهه ڏيڻ وٺڻ جو وعدو ڪرڻو پوي ۽ هو اڳي ئي نواز شريف کي علاج بهاني ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي عوام آڏو ڏٺو ٿي پيو آهي. شيخ رشيد مخالف ڌر جي قيادت جي عسڪري قيادت سان ملاقاتن کي جيڪڏهن انهي پس منظر ۾ وٺي وڃي رهيو آهي ته جمهوريت جا دعويدار فوج سان خفيا ملاقاتون ڪري رهيا آهن ته انهي ۾ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ڪونهي هن ملڪ ۾ سڀ جماعتون جيڪي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هونديون آهن انهن کي ته انهي دڳ سان اقتدار جي مسند تائين پهچڻ لاءِ پنهنجو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو آهي! پر جيڪڏهن اها ملاقات واقعي رڳو سيڪيورٽي معاملن ۽ گلگت بلتستان جي معاملي تي ٿي هئي ته پوءِ شيخ رشيد عسڪري ادارن جي مخالف ڌر جي سياستدانن سان ملاقات کي اي پي سي سان جوڙي زوري سياسي ملاقات بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهي سان ته اهو پيو لڳي ته هو پاڻ انهي بيان سان نه رڳو مخالف ڌر جي جماعتن کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر انهي سان گڏوگڏ عسڪري ادارن جي انهي بيانيي ته ”هنن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي“ جي نفي ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيو آهي.
مخالف ڌر جي مجموعي جماعتن جي عسڪري قيادت سان اي پي سي کان پهرين ملاقات سياسي نابالغي جو اشارو ڏئي رهي آهي. مخالف ڌر جي جماعتن کي جڏهن اها خبر هئي ته 20 سيپٽيمبر تي هنن جي اي پي سي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف جيڪو موقف اختيار ڪيو ويندو ۽ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جي انهي دوران هو عسڪري قيادت سان خفيا ملاقاتون ڪندا ۽ انهي جو عوام کي ڪو به اطلاع ڪنهن ٽئين ماڻهو کان ملندو ته سندن ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ هن وقت مخالف ڌر جنهن پچ تي کيڏڻ جي لاءِ تياري ڪري رهي آهي انهي مان لڳي ٿو ته سرڪاري جماعت ۽ انهن جا اتحادي هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته هو ڪنهن به ريت پي پي، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جي ساک کي ڪو نقصان رسائن ته جيئن مورل گرائونڊس تي هو پاڻ کي سگهارو ڪري سگهن. پر جيڪڏهن مخالف ڌر جون جماعتون شيخ رشيد واري وار کان پوءِ پاڻ بچائي سڀ ئي گڏجي اهڙو ئي فيصلو ڪن ٿا جيڪو نواز شريف ڪيو آهي ته ”آئينده سندس جماعت جو ڪو به فرد عسڪري قوتن سان ملاقات ڪونه ڪندو“ ته پوءِ سندن مورل گرائونڊ بهتر ٿي سگهي ٿو انهي سان گڏوگڏ جيڪڏهن عسڪري قيادت ٽياڪڙي ڪرڻ جي نيت سان اي پي سي کان پهرين مخالف ڌر جي جماعتن ۽ وزيراعظم کي هڪ ٽيبل تي ويهاري ڳالهيو ڪرڻ لاءِ ڪشش ڪئي هئي ته انهي جو انڪاري ٿي ڪري عمران خان ڪٿي ڪا غلطي ته ڪونه ڪري وڌي آهي؟جيڪڏهن انهي ملاقات جو مقصد ملڪ ۾ ڪنهن به افراتفري ۽ مظاهرن کي روڪي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش هئي ته پوءِ هاڻ عمران خان جي حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي معاملن کي پر امن طريقي سان هلائڻ جي خواهش رکندڙ ڌريون نه چاهينديون ته جيڪا هينئر ملڪ جي معاشي صورتحال آهي ۽ خطي ۾ چئني طرفن کان جيڪا تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي انهي ۾ هي ملڪ ڪنهن به قسم جي ايڊوينچر يا روڊن واري سياستڏانهن وڌي. عمران خان جو اهو بيان ته ”مخالف ڌر ڀلي اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي هو نيون اليڪشن ڪرائيندا“ هڪ انتها پسندي واري لاڙي جو ڏس ڏئي رهي آهي. انهي نتيجي ۾ جيڪڏهن واقعي مخالف ڌر جون جماعون انهي رستي تي هلي پون ٿيون ته پوءِ عمران خان جي حڪومت وڃي نه وڃي پر عمران خان جي وڃڻ جا رستا هموار ڪرائڻ لاءِ ڪو دڳ نڪري سگهي ٿو جيڪو مخالف ڌر جي جماعتن لاءِ موقعو سٺو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *