تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

عمران مائنس ٿيڻ لاءِ ذهني طور تيار

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن 30 جون 2020ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال 20-2019ع دوران منظور بجيٽ کان 544 ارب روپين جي ڪيل اضافي خرچن تي ٻڌل سپليمينٽري گرانٽس کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، تڏهن مخالف ڌر جا ميمبر ڪفايت شعاري ۽ سرڪاري خرچ گهٽ ڪرڻ جون دعوائون ڪندڙ حڪومت تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا ته بلڪل انهيءَ وقت وفاقي وزير علي زيدي ان تنقيد جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري پاران وزيراعظم تي اسامه بن لادن کي “شهيد” قرار ڏيڻ تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي الذالفقار پاران 1981ع ۾ جهاز اغوا ڪرڻ، پ پ دور جي گهرو وزير نصيرالله بابر مٿان طالبان کي سگهارو ڪرڻ ، خالد شهنشاهه جي قتل کان عذير بلوچ پاران 150 ڄڻا قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ عذير بلوچ جا فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري سان واسطا هجڻ جو ذڪر ڪيو ته پيپلز پارٽي جي ميمبرن گوڙ ڪيو. سيد نويد قمر اسپيڪر جي روسٽروم تي اچي کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ذاتي حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ واري رولنگ ياد ڏياري ته اسپيڪر اسد قيصر وفاقي وزير علي زيدي جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي جنهن تي وفاقي وزير عمر ايوب ۽ حڪومتي ميمبر اسپيڪر جي روسٽروم تي پهچي ويا ۽ علي زيدي کي تقرير مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. علي زيدي جي تقرير بعد جيئن ئي پيپلز پارٽي جي عبدالقادر پٽيل جواب ڏيڻ لاءِ تقرير شروع ڪئي ته وفاقي وزير علي زيدي پي ٽي آءِ ميمبرن کي هٿن سان اشارا ڪري گوڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي حڪومتي ميمبرن، وفاقي وزيرن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، گوڙ باوجود قادر پٽيل تقرير جاري رکندي سيتاوائيٽ کي قبول نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسپيڪر ان جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي،
جنهن تي مخالف ڌر گوڙ ۽ احتجاج ڪيو اسپيڪرجي ڌرائتي ڪردار تي انتهائي بردبار ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ سيد نويد قمر به جذباتي ٿي ويو. سيد نويد قمر ڪوٽ لاهي وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهيڙو چاهيو ٿا ته اچو جهيڙو ڪيو. تنقيد جو جواب ڏيڻ لاءِ موقعو نه ملڻ تي پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري هلي وئي ته مخالف ڌر جي عدم موجودگي ۾ نه رڳو اضافي خرچن جي جلدي جلدي منظوري ورتي وئي پر مخالف ڌر جي عدم موجودگي واري موقعي جو فائدو وٺندي وزيراعظم عمران خان به ايوان ۾ اچي ويو ۽ مخالف ڌر جي عدم موجودگي ۾ وزيراعظم تقرير به ڪئي. وزيراعظم جي تقرير ايندڙ وقت جي سياسي منظر نامي لاءِ انتهائي اهم هئي. وزيراعظم جو چوڻ هيو ته ڪورونا سبب ملڪي معاشي صورتحال ڪيتري خراب ٿيندي ان جو ڪو اندازو نه آهي. مطلب ته معاشي لحاظ سان غير يقيني واري صورتحال ايندڙ وقت ۾ حڪومت سامهون هوندي. وزيراعظم جو چوڻ هيو ته سرڪاري نگراني ۾ خساري ۾ هلندڙ ادارن ۾ سڌارن جو پلان جوڙي ڇڏيو آهي، وزيراعظم بجلي شعبي، اسٽيل مل، پي آءِ اي، ريلوي جا نالا ورتا ۽ چيو ته جيئن مامرا هلي رهيا هيا هاڻي ايئن نه هلي سگهندا، يا سڌارا ڪرڻا پوندا يا بري وقت جو منهن ڏسڻو پوندو. اهو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ به ٻڌايو ته انهن ادارن جي نجڪاري جي فيصلي تي احتجاج ٿيندا، ماڻهو سندس گهر به پهچي سگهن ٿا.
ڏسجي ته وزيراعظم عمران خان خساري ۾ هلندڙ ادارن ۾ سڌارا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه، باقي اهو واضح ٿي ويو آهي ته خساري ۾ ملندڙ ادارن کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ وزيراعظم وٽ به اڳ وارين حڪومتن وانگر نجڪاري کانسواءِ ڪو ٻيو منصوبو ناهي. هن حڪومت کي لڳ ڀڳ ٻن سالن جو عرصو اقتدار ۾ رهندي ٿيو آهي پر وزيراعظم عمران خان ٻن سالن بعد به اهو چئي رهيو آهي ته هر شعبي ۾ مافيائون ويٺل آهن جيڪي ناجائز منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن حڪومت ۾ اٽي جو بحران ٿيو ته منافعي خورن مرضي جي اگهن تي اٽو وڪرو ڪري شهرين جي کيسن مان اربين روپيا اضافي ڪڍي ورتا. عوام کي وزيراعظم جي مافيائن خلاف بيان کانسواءِ نه ته ڪو رليف ملي سگهيو نه ئي مافيائن کان عوام بچي سگهي، ان بعد کنڊ اسڪينڊل سامهون آيو حڪومت مطابق جيڪا کنڊ في ڪلو 55 روپيا ملڻ گهرجي اها 90 روپين ۾ ملي رهي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ جيتري لاٿ ٿي اوترو ته فائدو نه مليو پر جيڪي قيمتون گهٽ ٿيون ان جو به عوام کي فائدو نه مليو، ڇو ته تيل ڪمپنين کي اڳواٽ معلوم هيو ته ايندڙ مهيني پيٽرول جا اگهه غير معمولي وڌندا ان ڪري انهن پيٽرول ذخيرو ڪري ڇڏيو. ايئن ڪورونا جي صورتحال ۾ ملڪ مان پيٽرول ۽ ڊيزل به ڪورنٽائن ٿي ويو.
وزيراعظم جي بار بار هدايتن باوجود عوام کي تيل نه ملي سگهيو ۽ پيٽرول، ڊيزل تڏهن قرنطينه مان نڪتو جڏهن پيٽرول جي في ليٽر تي 25 روپيا 58 پئسا ڊيزل 21 روپيا 31 پئسا واڌ ٿي. پيٽرول جي في ليٽر جي واڌ بعد قيمت 100 روپيا 10 پئسا آهي، جنهن ۾ 17 سيڪڙو سليز ٽيڪس ۽ 30 روپيا ليٽر تي پيٽروليم ليوي شامل آهي، مطلب ته مارڪيٽ ۾ جنهن اگهه تي پيٽرول ۽ ڊيزل ملي رهيو آهي ان ۾ اڌ رقم سرڪار ٽيڪسن جي آهي. ڪورونا وبا جي حالتن کي سامهون رکي جيڪڏهن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري ها ته حڪومت کي ايتريون قيمتون وڌائڻ جي ضرورت نه پوي ها پر هن معاشي بحران ۾ حڪومت پنهنجي آمدني جو فڪر ڪيو، ڪورونا سبب بي روزگار ٿيل هڪ ڪروڙ ماڻهن ۽ڪل آبادي مان 50 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ غربت جي لڪير کان هيٺ ويل آبادي جو فڪر نه ڪيو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سان ملڪ اندر مهانگائي جي ٻوڏ ايندي هر شي مهانگي ٿي ويندي ۽ عام واهپي جون شيون جيڪي اڳ ئي وڌي آبادي جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن اهي اڃان عوام جي قوت خريد کان ٻاهر ٿي وينديون. کنڊ، اٽي، پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب جيڪو عوام جي کيسن مٿان سوين هزارين اربن جو ڌاڙو لڳي رهيو آهي، ان جو ڄڻ ته حڪومت کي احساس ئي نه آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏ پي ٽي آءِ جي نور عالم ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، ق ليگ جي ميمبرن به پيٽروليم مصنوعات ۾ واڌ واپس وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي آهي،
اهو ئي سبب آهي ته 29 جون تي جڏهن قومي اسيمبلي مان مالي سال 21-2020 جي بجيٽ منظور ٿي ته حڪومتي ڌر کي وڏين ڪوششن باوجود 160 ووٽ ملي سگهيا. جڏهن ته 17 آگسٽ 2018ع تي جڏهن وزيراعظم جي چونڊ ٿي هئي تڏهن کيس 176 ووٽ مليا هئا، 342 ميمبرن جي ايوان ۾ سادي اڪثريت لاءِ 172 ميمبر گهربل هوندا آهن پر وزيراعظم کي سادي اڪثريت کان 4 ووٽ چونڊ وقت وڌيڪ مليا هئا پر وزيراعظم جي چونڊ کان 29 جون تي بجيٽ جي منظوري ۾ حڪومت کي 19 ووٽ گهٽ مليا آهن، جنهن بعد هاڻي وزيراعظم عمران خان کان مخالف ڌر قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳي آهي. بجيٽ جي منظوري بعد مخالف ڌر بار بار چئي رهي آهي ته وزيراعظم ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، هو وزيراعظم نه رهيو آهي،
بجيٽ منظور ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان جيڪا تقرير ڪئي آهي ان کي ٻڌڻ بعد لڳي رهيو آهي ته حڪومت جي رڌڻي ۾ رولو آهي ۽ مامرا انتهائي خراب ٿيل محسوس ٿيرهيا آهن. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ وزيراعظم عمران خان جو اهو چوڻ ته “مون ڪڏهن نه چيو ته حڪومت مضبوط آهي ڪرسي ڪنهن جي به مضبوط نه هوندي آهي” وزيراعظم غير معمولي بيان اتي ختم نه ڪيو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته “مان سيڪيورٽي ۽ سفري خرچن کانسواءِ سمورا خرچ پاڻ ان ڪري برداشت ڪيان ٿو ته جيئن مون کي ڪڏهن به ڪرسي ڇڏڻ ۾ مسئلو نه ٿئي” ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿي وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ اهڙو بيان ڏنو جهڙو شايد ئي ڪنهن وزيراعظم ڏنو هجي، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هيو ته “مان مائنس ون ٿي به ويس ته منهنجي پارٽي مان ٻيو ڪو به مخالف ڌر کي نه ڇڏيندو” وزيراعظم جي بيان تي غور ڪجي ٿو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي معاشي حالتن مان ملڪ کي ڪڍڻ لاءِ مائنس عمران خان وارو فيصلو طاقتور ڌرين ڪيو ته عمران خان مزاحمت ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي. جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان مزاحمت ڪرڻ جو ارادو رکي ها ته پ پ، ن ليگ جي دورن ۾ جڏهن مائنس بينظير، آصف زرداري ۽ مائنس نواز شريف جا آپشن ايندا هئا ته انهن پاران ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻ جا بيان ڏنا ويندا هئا پر وزيراعظم عمران خان جو اهو بيان ته “مائنس ٿي ويس ته پارٽي مان ڪو به مخالف ڌر کي نه ڇڏيندو” جو مطلب وزيراعظم پنهنجي پارٽي مان ڪنهن کي به وزيراعظم طور سامهون آڻڻ لاءِ ذهني طور تيار آهي.مون ڪجهه ڏينهن اڳ لکيو هيو ته پيپلز پارٽي، ن ليگ مائنس عمران خان تي راضي ٿي ويندا، ڇو ته مخالف ڌر جون ٻئي پارٽيون هنن حالتن ۾ گڏيل حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ به تيار نه آهن، اهي نئين چونڊ چاهين ٿيون جيڪا فوري ممڪن نه آهي. سوال هي آهي ته طاقتور ڌريون عمران خان کي مائنس ڪرائي ان کي ريسڪيو ته نه ڪري رهيون آهن؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور ڪجي ته ان جا مختلف سياسي اثر ۽ مطلب سامهون اچن ٿا.
جيڪڏهن عمران مائنس ٿي سائيڊ تي ويهي ٿو ته هو اهو چوندو ته مخالف ڌر مون کي پنهنجو احتساب روڪرائڻ لاءِ مائنس ڪرايو. ظاهر آهي ته جيڪڏهن عمران خان مائنس ٿئي ٿو ۽ پي ٽي آءِ مان ڪو ٻيو وزيراعظم جي سيٽ تي اچي ٿو ته ان جي ۽ عمران خان جي پاليسي ۾ واضح فرق هوندو. سوال هي آهي ته عمران خان کي مائنس ڪرڻ جو کيس ايندڙ چونڊن ۾ ته فائدو نه ملندو؟ خير ايندڙ وقت ڪنهن جي حق ۽ ڪنهن جي لاءِ مشڪلاتون آڻي ٿو اهو پاڪستان جي سياست ۾ يقين سان چوڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، باقي وزيراعظم جي بيان بعد حڪومت جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جون ڳالهيون اڃان زور پڪڙي وينديون. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جي تبديلي جو پلان ۽ طريقو ڪهڙو ٿئي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *