تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

عمران کان بهتر ڪو عوام جي تحريڪ هلائي سگهي ٿو !

جلسا هر دور جي اپوزيش جا هٿيار هوندا آهن، پر صحيح نشانو تڏهن وٺندا آهن جڏهن هٿيارن جي ڳن ۾ عوام جو هٿ هجي، عوام ئي جلسن ۾ هجي، عوام جلسن ڏانهن ويندڙ رستن تي به هجي، جيڪو پنهنجي شهرن ۾ هجي اهو جلسي گاهن ۾ گنجائش نه هئڻ ڪري رهجي ويو هجي، اهڙا جلسا ٿيا رڳو ايوب خان جي خلاف ۽ ٻيو ڀٽو جي خلاف ! جن جا نتيجا نڪتا هئا، ايوب جي خلاف هڪ طرح سان ۽ ڀٽو جي خلاف ٻي طرح سان ٽين طرح اقتدار وڃڻ جهڙو معجزو اڃان هن ملڪ ۾ نه ٿيو آهي، صورتحال کي سمجهي پاڻ ئي هليو وڃڻ پهرين صورت آهي، عوام جي خواهش تي ڪنهن طاقت جو حڪومت کي هٽائڻ ٻيون طريقو آهي، ٽيون طريقو ايوان اقتدار تي عوام جي ڪاهه هوندو آهي، اهو ڪڏهن هن ملڪ ۾ نه ٿيو آهي، هن ملڪ ۾ ته هاڻي اهو به نٿو ٿئي جيڪو هيڪر ۽ ٻيهر ٿيو، هر دور جي مخالف ڌر ٽئين قسم جي طريقي جي ڌمڪي ڏئي ان نيت سان جلسا ڪندي آهي ته ٻيو طريقو عمل هيٺ اچي، پهرين طريقي کي اخلاقي طور هٽي وڃڻ چيو ويندو آهي، اهو جيئن ته ڪنهن به حڪومت ۾ نه ٿيو هوندو آهي ۽ جيئن ته مخالف ڌر ۾ به ماضي جون حڪومتون هونديون آهن ۽ هنن به پنهنجي مخالفت جي جواب ۾ نه ڪيو هوندو آهي، انهي ڪري اهو آپشن مطالبن ۾ ته هوندو آهي پر توقع کان ٻاهر ئي رهندو آهي، تنهن ڪري خواهشن ۾ ٻيون طريقو ئي رهندوآ هي، ڇاڪاڻ جو هت حڪومتون هر هر ان طرح ئي هٽيون آهن جيڪي ايئن هٽيون هونديون آهن، توائيءِ ۾ مخالف لاءِ به ايئن ئي چاهينديون آهن، مخالف ڌر جي تحريڪ ان خواهشن جي تپسيا کانسواءِ ٻيون ڪجهه نه هوندي آهي،
وري جهڙي طرح جون هن ملڪ ۾ حڪومتون هونديون آهن ۽ پنهنجي دور ۾ جيڪو هنن عوام کي انبوري لاتو هوندو آهي، اهو ان لاءِ ڪافي هوندو آهي ته عوام هنن کان بيزار رهي، هنن جي ڪنهن ڳالهه تي اعتبار نه ڪري هنن جي سياست کان لاتعلق رهي هنن جي تحريڪ جو حصو نه ٿئي، هنن جي جلسن ۾ نه وڃي ۽ اهي نتيجا ئي نه نڪرن جيڪي هي چاهيندا آهن. انهي ڪري اڄ جي سياست ٻيو جيڪو ڪجهه به آهي، عوامي ناهي، تحريڪ، تحريڪ ناهي جلسا اهي جلسا ناهن، سو نتيجا به اهي نتيجا ناهن، پر سياست ته هڪ ڪاروبار آهي، ان کي ته هلڻو آهي، عوام جي شرڪت سان نه سهي عوام جي نالي سان ئي سهي ،! جيڪا شئي معياري نه هوندي آهي اها به معيار جي دعويٰ سان خالي نه هوندي آهي ماڻهو سٺو نه به هوندو آهي ته به سٺو سڏائيندو آهي هي ته وري به پارٽيون آهن اعتراض ڪير ٿو ڪري؟
جيستائين وڏن جلسن جي ڳالهه آهي ته وڏا جلسا هر ڪو ڪري ويندوآ هي وڏو جلسو ته هڪ ننڍڙي شهر جيترن ماڻهن سان به ٿي ويندوآ هي، ٻيو ته جلسي گاهه محدود حد ٿين ٿا. باغ ،اسٽيڊيم ، روڊ ۽ چونڪ جيڪي هميشه تماشائين سان ئي ڀرجي ويندا آهن، ٽين ڳالهه ته سياست جيان جلسا جلوس به دولت جو کيل آهي جيڪا جماعت يا اتحاد گاڏين جو بندوبست ڪري سگهي، ماڻهن جي ماني ٽڪي ڪري سگهي، ۽ 5 رپيا تري تي رکي سگهي، اهي ڪيترائي بيروزگار هڪ ڏهاڙي تي حاصل ڪري سگهي ٿي. ڪيترا ماڻهو ويٺي کان ورتا ڀلي جي ڪيلڪيوليشن سان ان جلسي ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا. جنهن جي حقيقت جي خبر نه هجي ۽ ان جي مقصد سان ڪجهه ڏيڻو وٺڻو نه هجي.
وڏن جلسن تي ناهي، جلسن تي هجي ها ته هر پارٽي واري واري سان اقتدار ۾ هجي ها.
وڏي وڌيڪ ڀيرا ته ننڍيون هڪ هڪ ڀيرو ايئن قومپرست صوبائي حڪومتون ٺاهي چڪا هجن ها. وفاقي پارٽيون مرڪزي حڪومتن ۾ واري واري سان حڪمراني ڪري چڪيون هجن ها ڇو ته هر ڪنهن ڪڏهن نه ڪڏهن وڏا جلسا ڪيا آهن. پر ڇاهي جو حڪمراني هڪ آرٽ به آهي ۽ هڪ سائنس به آهي اها اصول گهٽ ۽ مڪاري وڌيڪ آهي. ڊليوري گهٽ ڏٽو وڌيڪ آهي، ۽ ڪم ڪرڻ کان ڪم ڪڍڻ جو نالو آهي، انهي ڪري هٽائڻ جي طريقي کان وڌيڪ ڏکي طريقي سان هٽندي آهي، ان ڳالهه کي اڄ جي مخالف ڌر چڱي طرح سمجهي ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ خود اهڙي قسم جي مخالفتن مان گذري چڪي آهي، پر هڪ ٻاڙ آهي جيڪا بهر حال پوري ڪرڻي آهي، هڪ ساڙ آهي جيڪو جهل نٿو ڏئي، ۽ هڪ ياد آهي جيڪا رکي رکي سٽان ٿي ڏئي. سڀ ڪجهه سمجهندي به اهو ئي ڪن ٿا جنهن سان ڪجهه ناهي ٿيڻو، غصو ڪاڏي وڃي ۽ سمجهه ڪٿان اچي!!
ان تي ٻه رايا ناهن ته هي حڪومت اهو ڪجهه نه ڪري سگهي آهي جيڪو ڪرڻ جي دعويٰ سان آئي آهي، پر ان جو حل ڪٿي آهي، ته هي وڃي وري اهي ئي اچن جن هن کان به بدتر حڪمراني ڪئي . هڪ نه پر ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا ڪئي جو ملڪ سڃو ٿي ويو پر حڪمرانن جا دبئي ۽ لنڊن ۾ اثاثا ٺهي ويا انهن جي اولاد جا پرڏيهه ۾ ڪاروبار سيٽ ٿي ويا، عوام غريب بيحال ٿي ويو ۽ هنن جا نوڪر به امير ٿي ويا، هي پنهنجي دور ۾ اهڙين ئي شڪايتن تي طنز ڪندا هئا، جهڙيون شڪايتون اڄ پنهنجي زبان تي رکن ٿا. انهن ڌمڪين جي خاطر ۾ نه آنيندا ها جهڙيون ڌمڪيون اڄ پاڻ ٿا ڏين، ڪالهه اها نوڪري پاڻ ڪندا هئا، جيڪا نوڪري هو اڄ جي حڪمراني کي چون ٿا. عوام ڪالهه به ان قسم جي ڳالهه کان لاتعلق هو ۽ عوام اڄ به لاتعلق آهي، عوام حڪمران قسم جي مخلوق جي مڪارين کان چڱي ريت واقف آهي انهي ڪري ڪنهن تي اعتبار نٿو ڪري، عوام کي اهو غصو ئي نٿو اچي جيڪو هي کيس ڏيارڻ چاهين ٿا، هي جيڪڏهن عوام جي ڳالهه واري لاتعلقي کي ڪالهه عوام جو شعور چوندا ها ته اڄ واري لاتعلقي کي ڇو نه ٿا چون؟
عوام ته اهو ئي آهي جيڪو هنن جي دور حڪومت ۾ هو، هن حڪومت جي دور ۾ به آهي عوام جيئن مڙني منداين هوندي به هنن جي حڪومتن کي نه هٽايو تيئن شديد مهانگائي هوندي هن حڪومت کي به نٿو هٽائي ۽ عوام ته پنهنجي حال کان ڪڏهن جو لاتعلق آهي، عوام هن سياست کان ئي نه پر سسٽم کان ئي مايوس آهي، عوام کي شعور اچڻ ۾ ڪي زمانا لڳندا، عوام۾ شعور هجي ها ته اهي ماڻهو هن دنيا ۾ ئي نه هجن ها جيڪي سياست ۽ اقتدار ۾ رهندا آهن عوام جي ڳالهه ئي نه ڪريو، عوام هن جهان ۾ ئي ڄاڻو ته ڪونهي ! عوام جو نالو استعمال ٿيندو رهندو آهي، سياست اقتدار وارن جي ئي هوندي اقتدار جي ئي هوندي،ويڙهه چئو يا راند، انهن جي ئي رهندي جيڪي اهو آرٽ ۽ ڪاروبار ڪري ڄاڻن!!
ڪير ٿو چوي ته عمران خان بهتر آهي،اهو ته اهڙو آهي جهڙو حڪمران ٿيندا آهن، هي ٿورو آهي، پر گهڻا هوندا آهن، اهڙو نه پئي ٿيو ته اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگهيو، اقتدار ۾ کيس اچڻو هو ان ڪري ٿورو اهڙو ٿيو، جڏهن اهڙو ٿيو ته حڪمراني به ٿوري اهڙي ڪندو، انهن جهڙي ڪندو جن عوام کي ڏکيو رکيو، هن ملڪ جي حڪمراني شئي ڪا اهڙي آ جيڪا عوام کي اهنجائڻ کانسواءِ ٿي ئي نه سگهندي آ.. هنن گهڻي حڪمراني ڪري عوام کي گهڻو تنگ ڪيو آهي،هن جيتري حڪمراني ڪئي عوام اوترو تنگ ٿيو آهي رد عمل ڏيکاري ته عوام ڏيکاري، هي ڪير ٿيندا آهن، تحريڪ هلائڻ وارا، هٽائي ته عوام هٽائي هي ڪير ٿيندا آهن، هي ساڳي ڏوهه جا ڏوهاري آهن، هي وري واري وٺڻ جا اميدوار آهن، عوام هنن جي ٻولن ۾ ڇو اچي! ۽ هنن جو ٻيهر وارو ڇو اچي، جيڪو هنن کان گهٽ برو آهي اگر اهو وڃي ته هي ڇو اچن؟ اچي ته ڪو نئون اچي،تحريڪ به اهو هلائي هي ڇو ٿا معتبر ٿي ڏيکارين..!!
جيئن ته نئون ڪجهه به ٿيندي نظر نه پيو اچي، سياست ۾ نئين ڪا به انٽري نه ٿي آهي، اهي ڇٽل ڪارتوس جلسا پيا ڪن، عمران خان جيڪو غلط ڪيو آهي ان کي چئلنيج ڪرڻ لاءِ عمران خان کان چڱو اڃان ميدان تي نه آيو آهي، جو عوام ان تي اعتبار ڪري هن کي هٽائي ته ان کي آڻي، هنن جي تحريڪ جو حصو ٿيڻ معنيٰ هنن کي چوٿون ڀيرو آڻڻ هوندو، پنهنجي ڏاڙهي وري هنن جي هٿ ۾ ڏيڻ هوندو، ان کان عوام پاڻ کي ايئن ئي چڱو ٿو سمجهي، مرندي مري ويندو عوام وري هنن کي اقتدار ۾ نه آڻيندو، عمران خان بهتر ئي ڪو عوام جي قيادت ڪري سگهي ٿو، ڇا به ٿئي عوام هنن جي حقي مان ڦوڪ نه ڀريندي. !!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *