تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

عوامي ۽ مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي

سنڌ ڌرتي جو سدابهار انقلابي آواز، سنڌ تي ساهه ۽ پنهنجو ويساهه رکندڙ عظيم انقلابي شاعر محمد ابراهيم منشي جي اڄ ورسي آهي. 31 جولاءِ 2003ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري پنهنجي ابدي آرام گاهه ڏانهن هميشه هميشه لاءِ هليو ويو. ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ نجات جو ذريعو بڻي، جنهن کي هر سنڌ جو باشعور طبقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ابراهيم منشي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري ۾ جيڪو عوامي رنگ رکي مرتبو ماڻيو. انهي جي خوشبو سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو هو. منشي ابراهيم سومرو نه جاگيردار هو نه ئي وري سرمائيدار، واپاري هو. هو به پنهنجي غريبي حالت جو ستايل انسان هو. انهي جي اندر ۾ ويٺل انسان جنهن ۾ انسانيت لاءِ ڪيترائي درد سندس سيني ۾ سمايل هئا.
هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾ ناهي ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾
چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار ٻيا سڀئي مسڪين تنهن جي ڳوٺ ۾.
پنهنجي منشي گيري واري ڪم کان پوءِ هو مظلوم ماڻهن جي منشي گيري ڪندي شاعري کي قلم بند ڪندو هو. جڏهن به ڪنهن مظلوم مزدور جي ٻار کي بغير قميص شلوار جي اگهاڙو ڏسجيٿو ته سندس شاعري جا هي بند تري ايندا آهن.
رئيس جو ڪتو ريشم پائي غريب جو ٻار اگهاڙو آهي
ائين لکيل اسلام ۾ ناهي تون ڪمائين وڏيرو کائي
اها حقيقت آهي ته پورهيت ٻارڙن جا ٻار سردي توڙي گرمي ۾ پٺن اگهاڙا هوندا آهن، انهن ٻارڙن کي پنهنجي سردي گرمي جي خبر به نه هوندي آهي. جيڪڏهن هوندي به هجي ته انهي جي پيٽ گذر جي پورت ئي مس ٿيندي هوندي، جنهن وٽ نوان ڪپڙا وٺڻ پائڻ جو تصور به نٿو ٿئي. سنڌ ڌرتي جي انهي مظلوم ماڻهو جو ڪو به اوهي واهي نه هوندو آهي. سندس شاعري انهن کي گڏ ڪرڻ، متحده ڪرڻ ايڪو ٻڌي جو سڏ ڏيندي آهي.
ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سچ جا ٻول ملندا، جنهن ۾ مظلوم پورهيتن جي ترجماني هوندي آهي ۽ مظلوم ماڻهن ۾ پنهنجي حقن سڃاڻي وٺڻ لاءِ حوصلو ڏيندي آهي. محمد ابراهيم سومرو منشي پنهنجي سڄي حياتي مظلوم سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي. هو شاعري وسيلي توڙي عملي طور تي سچو ۽ مخلص رهيو، سڀني سياسي بازيگرن جي ويجهو رهي. انهن کي ڏٺو ته سنڌ سان ڪير سچو آهي. ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻهن کي جياپي لاءِ ويڙهه جو درس ملي ٿو
شاعري ۾ عوامي رنگ سندس عظيم استاد مولانا حاجي احمد ملاح کان مليو ۽ غربت ،جهالت خلاف جنگ جوٽڻ اها وڏي ڳالهه هئي. ابراهيم منشي انهن ملن، ڀوپن خلاف به وڏو شعور عام ماڻهن کي ڏنو.
اسان پنهنجي اهڙن عظيم شاعرن کي ٻيو ڪجهه به ڏئي نٿا سگهون ليڪن اهو ضرور ڏسون ته اهي ماڻهو ڪنهن لاءِ وڙهيا. اڄ اسان به اهو حق، سچ جو پاند جهليون جنهن جو درس ابراهيم منشي پنهنجي شاعري ذريعي ڏنو . ابراهيم منشي پنهنجو ننڍپڻ يتيمي ۾ گذاريو، جواني جيلن ۾ آخري ڏينهن انهن سياسي ماڻهن سان گڏ رهي هن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ هر دور ۾ عملي طور يا شاعري ذريعي وڙهندو رهيو. جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو تڏهن به هي سنڌ جو پٽ جدوجهد جي ميدان ۾ هو ۽ انهن ڌارين خلاف وڙهي رهيو هو جن سنڌ تي ڪاهه جي ڪوشش ڪئي. اڄ اهڙي عظيم شاعر جي سترهين ورسي آهي. ان موقعي تي اسان کيس هي ڪجهه لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *