Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_hrpgk1m0i0jg4hss3uv01d1fkl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
عوام آزمايل قيادت تي ويساهه ڇو ڪري؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar عوام آزمايل قيادت تي ويساهه ڇو ڪري؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

عوام آزمايل قيادت تي ويساهه ڇو ڪري؟

هن ملڪ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته پهرين ڏينهن کان وٺي رياست جو ڪاروهنوار هلائيندڙ سگهارين ڌرين نه ڪڏهن ملڪ جي قومي مفادن جي لاءِ نه وري ملڪ جي عوام جي مفادن ۽ ڀلي لاءِ ڪڏهن ڪو سوچيو يا ڪا رٿا ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي هر دور ۾ پلانٽيڊ سياسي قيادت ۽ پلانٽيڊ سياسي جماعتن کي مختلف وقتن تي اڳيان ڪري حقيقي سياسي قيادت ۽ جماعتن کي سياست جي ڪينواس تان گم ڪرايو پئي ويو آهي. اڄ جيڪي جمهوريت جون دعويدار جماعتون آهن انهن جي ماضي جي به سڀني کي خبر آهي ته سندن قيادت جي سياست ۾ انٽري ڪيئن ٿي هئي! پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي ذاتي مفادن، شناخت ۽ اقتدار جي خاطر جن فردن يا جماعتن هن ملڪ ۾ انهن ادارن ۽ فردن جو ساٿ ڏنو انهن سان اڳتي هلي انهن ادارن ۽ فردن ڪهڙو حشر ڪيو؟! گهڻي ماضي جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪونهي، پر موجوده وقت ۾ شايد نواز شريف ئي انهي سموري کيل جو جيترا ڀيرا شڪار ٿيو آهي کيس چڱي ريت خبر پئجي وئي هوندي ته هن ملڪ ۾ سياست جو ميدان پاڻ ٺاهڻ ۽ ٺاهي مليل ميدان تي اچي اقتدار سنڀالڻ ۾ ڪيترو فرق آهي.
اهو به ڏاڍو حيرت انگيز آهي ته ماضي ۾ جن کي سليڪٽ ڪري اقتدار جي ايوانن تائين آندو ويو انهن کي ملڪ جي خزانن جي لٽڻ جي اجازت ڏئي سندن فائيل ٺاهيا ويا، پر انهن جي آڙ ۾ جن سگهارن ادارن جي فردن انهن کان وڌيڪ ملڪ جي مفادن ۽ ناڻي کي تين وال ڪيو انهن جو ڪنهن وٽ ڪو رڪارڊ ئي نه رهيو آهي. وري جڏهن وقت جي ڦير گهير سان اهي سگهاريون قوتون پنهنجي گرفت کي سياست ۽ رياست تي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪا نئين قيادت يا جماعت اڳيان کڻي اينديون آهن ته پهرين وارن کي سندن ڪارڪردگي جي ڪيل ڪمن ۽ ڪرتوتن جي آڌار انهن جا فائيل کولي کين اقتدار جي ايوانن کان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ نه ته ڪڏهن ڪا جمهوريت وڌي ويجهي نپجي بالغ ٿي سگهي آهي نه ئي رياست خوشحال ۽ خودمختيار بڻجي سگهي آهي. اڄ جن سياسي جماعتن ۽ انهن جي قيادت کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته “هتي رياست اندر رياست نه پر رياست جي مٿان ڪا رياست آهي” ته انهن کي اها به پڪ هجڻ گهرجي ته جڏهن رياست جي مٿان ڪو رياست قائم ڪري وٺندو آهي انهي کان پنهنجي رياست آجي ڪرائڻ جو رستو به اهو ئي هوندو آهي جيڪو دنيا جي سياسي تاريخ ۾ انقلابن جو رهيو آهي. اهڙي انقلاب جي سوچ رکڻ لاءِ انهي سطح جي قيادت ۽ سياسي ورڪر گهربل هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڪردار جي سگهه سان رياست جي مٿان قابض رياست کان نجات حاصل ڪري سگهي.
ملڪي سياست جي ڪينواس تي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ متحرڪ سياسي جماعتن، جاکوڙي سياسي ورڪر ۽ جرئتمند سياسي قيادت جيڪي مزاحمت جا يادگار رنگ چٽيا انهن کي موجوده وقت جي اقتداري ايوانن جو حصو بنجندڙ سياسي واپارين پنهنجي ڊرائنگ روم جي زينت بڻائي ڇڏيو! جنهن دور ۾ آمريت جي خلاف اهو نعرو گونجندو هو ته “گرتي هئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” ته لڳندو هو ڄڻ اقتدار جي ايوانن ۾ ڏار پئجي رهيا آهن، پر جڏهن اقتدار جي اصلي مالڪن سان انهن ڳٺ جوڙ ڪري اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ جا رستا صاف ڪيا ته پوءِ اها ديوار مضبوط ٿيڻ شروع ٿي. انهي ڪمزور ديوار کي انهن جمهوريت جي دعويدارن وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ اها ديوار اڄ ايتري مضبوط ٿي چڪي آهي جو کيس ڪيرائڻ لاءِ هڪ باڪردار قيادت ۽ بي لوث ورڪر جي قربانين جي ضرورت آهي. هي اقتدار جي ايوانن جا مزا ماڻيندڙ هر لمحي پنهنجي جان آجي ڪرائي ٻاهرين ملڪن ۾ زندگي گذاريندڙ قيادت ٻاهران ويهي وڏيون دعوائون ته ڪري سگهي ٿي پر سختين سهڻ ۽ پنهنجي ميڙيل مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندي.
موجوده وقت ۾ جيڪا رياست جي سياسي ڪارگذاري آهي انهي ۾ سماج کي مڪمل ڪنٽرول ڪري اصلي حڪمرانن جي ڏسيل واٽ تي هلڻ لازم بڻجي ويو آهي. ماضي ۾ ممڪن آهي ته دوران اقتدار ڪنهن کي ڪا ٿوري گهڻي پنهنجي راءِ رکڻ جي اجازت هوندي هجي پر هينئر ته ايئن پيو لڳي هر معاملو انهن جي منشا مطابق سندن ڏسيل واٽ تي هلندو. نه رڳو سياست پر سماج جي هر ڪارگذاري ۾ اها گرفت وڌندي پئي وڃي. شايد ماضي ۾ پاڪستان جي اندروني سياست تي آمريڪا جو اثر رسوخ وڌيڪ هو تنهن ڪري هتي جي به سياست ۾ شيئرڊ جمهوريت کي ڪنهن حد تائين قبول ڪيو پئي ويو، پر اڄڪلهه جيئن ته ملڪ جا مجموعي مفاد چين سان جوڙيا پيا وڃن انهي ڪري ملڪ جو سياسي ڪاروهنوار به چين جي طرز حڪمراني تحت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي.
ڪافي وقت کان اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته رياست کي مڪمل طرح هڪ واٽ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ڪنهن کي به اهو اختيار نه آهي ته ڪو سوال پڇي يا ڪا راءِ رکي، اظهار جي آزادي هجي يا تنقيد ڪرڻ جو حق اهو به هڪ ٻڌايل يا مقرر ڪيل حد تائين مليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جون تمام وڏيون جماعتون سڏائيندڙ ڌريون به جرئت ڪري ڪا سياسي تبديلي آڻڻ جي قابل نه رهيون آهن. سندن سياسي ڪارگذاري ۾ هڪ پاسي سخت موقف هوندو آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي جان جي امان ۽ ڪيل ڪرتوتن جي آڌار سزائن کان بچڻ لاءِ رعايت وٺڻ جو لڪل رستو!
هن ملڪ جي سياسي ميدان ۾ جيڪي جماعتون اها خواهش رکن ٿيون ته ڪا هڪ هڪاڻي ٿئي ۽ ملڪ جي اقتدار جي واڳ جمهوري عمل ذريعي سنڀالڻ جو اختيار عوام جي هٿن ۾ هجڻ گهرجي ته پهرين انهن کي اهو به ليڪو ڪڍڻو پوندو ته انهي هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ جنهن سياسي قيادت جي آسري اوهان اهو سوچي رهيا آهيو، انهن جو دامن صاف ته هجڻ ڪري، اها اهڙي جرئت ڪرڻ جي قابل به آهي؟ ٻيو اهو به سوال آهي ته جيڪي اهڙي سخت موقف جو ورد ڪن ٿا انهن تي کين اهو اعتبار آهي ته هو ڪٿي به ڪا ڪمپرومائيز ڪري پنهنجي لاءِ رليف وٺي پوري جدوجهد سان ويساهه گهاتي ڪونه ڪندا؟ هي اهي سوال آهن جيڪي يقينن جدوجهد جي ميدان تي اچڻ کان اڳ هر انهي فرد کي ايندا جيڪو اها سوچ ۽ خواهش رکي ٿو ته هن ملڪ جو اختيار اقتدار عوام جي هٿن ۾ هجي ۽ اهي جڏهن به چاهين پنهنجي ووٽ جي وسيلي جمهوري پراسيس ۾ ڪنهن کي به اقتدار جي مسند تي ويهاري سگهن. هتي اقتدار جي حاصلات لاءِ هر وقت ڳٺ جوڙ وسيلي ايوانن ۾ پهچڻ جي خواهش رکندڙ سياسي جماعتون جيسين پنهنجي انهي سوچ کي تبديل نه ڪنديون تيسين اها حقيقي جمهوريت ڪڏهن به هن ملڪ ۾ ڪونه اچي سگهندي. اها ڪمزور ديوار جيڪا 80 جي ڏهاڪي ۾ ڪرڻ واري هئي انهي کي ڳٺ جوڙ جي ڪري جيڪا مضبوطي ملي آهي انهي کي ٻيهر ڪمزور ڪرڻ لاءِ جنهن شي جي ضرورت آهي اها آهي عوام جو ويساهه ۽ عوام جو ويساهه گهٽ ۾گهٽ انهن آزمايل قيادت تي ڪونه ٿو ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *