Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_cemggo3133kt02a6l4787gj5on, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙ تبديلي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙ تبديلي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙ تبديلي

19 آڪٽوبر تي آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري ان کي ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري حڪم کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ان بابت اسان سڀني کي علم آهي، خاص طور تي آرمي چيف پاران ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ اهو معاملو ٺپ ٿي ويو آهي، پر ان واقعي ملڪ جي روز مرهه واري صورتحال تي خاص طور تي اسلام آباد ۾ ايترا ته اثر ڇڏيا آهن جو سرڪاري ملازم ۽ پوليس وارا چون ٿا ۽ اهو موقف رکن ٿا ته هر اداري کي پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻين ادارن جي ڪمن ۾ مداخلت سان بهتري نه پر تباهي ٿيندي. سرڪاري ملازم هجن يا وري عام ماڻهو اهي ان عمل تي تبصرا ڪري رهيا آهن، هن واقعي جي جاچ ۽ سنڌ پوليس جي معاملن ۾ مداخلت واري عمل تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ رينجرز، گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت کي صوبي جي پوليس ۽ صوبي جي ڪارونهوار ۾ مداخلت بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، في الحال ته درخواست داخل ڪئي وئي آهي،
پر جيڪڏهن عدالت ان درخواست کي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري حڪم ڏئي ٿي ته ان جا اثر ڊگهي مدي تائين پاڪستان تي پوندا. هڪ اداري جي ٻئي اداري جي ڪم ۾ مداخلت وارو ڪم حڪمران پارٽي وارن کي به پسند نه آيو آهي، اهي عوامي سطح تي ان ڪم تي بيان بازي نه ٿا ڪن پر ڪجهه وزير نجي دوستن جي محفلن ۾ ويهي ان عمل جي مذمت ڪن ٿا، پر هاڻي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ٽي وي چينلن تي ويهي چئي رهيو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت کي هڪ حد تائين هڪ ٻئي خلاف ڪم ڪرڻ گهرجي، فواد چوڌري جو اهو بيان هڪ وڏي معنيٰ رکي ٿو، اسان سڀني کي خبر آهي ته فواد چوڌري جو تعلق پنڊي بوائز سان گهڻو آهي جيئن شيخ رشيد جو، فواد چوڌري حڪومت اچڻ جي پهرين ڏينهن کان اپوزيشن مٿان تنقيد ڪندو رهيو آهي پر هاڻي ان جي تنقيد ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اهو وچولا بيان ڏئي رهيو آهي، اهڙي طرح وفاقي وزير شيخ رشيد به آءِ جي واقعي کان پوءِ چپ آهي،سندس اها چپ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته شيخ صاحب جي چپ پٺيان به ڪا مصلحت هوندي، يا وري هو ڪن هدايتن جي انتظار ۾ آهي ته ڪهڙي طرف وڃجي، مراد سعيد هجي يا شهريار آفريدي، بابر اعواڻ هجي يا وري شفقت محمود سڀني کي چپ لڳل آهي، پر سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ ۽ سماجي ڀلائي وارن ادارن جا ساڃاهه وند ان معاملي تي ڳالهائن ٿا، وفاقي وزيرن جي اهڙي چپ سمجهه کان ٻاهر ناهي، هو به حالتن جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيڏانهن حالتون وينديون تيڏانهن هو ويندا. حڪومتي صفن ۾ مجموعي طور ماضي قريب جي ڪجهه عملن سبب ڳڻتي واري صورتحال نظر اچي ٿي، پاڻ جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان کي ڏسجي ته هن به ڪجهه ڏينهن اندر اهڙا بيان ڏنا آهن جنهن مان سندس ڳڻتي واضح طور تي نظر اچي رهي آهي،
سپريم ڪورٽ جي ڪنوينشن سينٽر ۾ وڪيلن جي تقريب تي ڏنل نوٽيس به کيس پريشاني ۾ مبتلا ڪيو آهي، ساڻس ويجهڙائي رکندڙ وڪيل کيس “پريشان نه ٿي اسان معاملي کي ڏسي وٺنداسين” جو مشورو ڏين ٿا، شايد انهن وڪيلن کي اها خبر آهي ته جيئن قاضي فائز عيسيٰ جي ورتل نوٽيس کي هڪ هفتو ٿي وڃڻ باوجود چيف جسٽس ان نوٽيس کي نمبر الاٽ ناهي ڪيو، نمبر الاٽ ناهي ته مطلب ڌرين کي نوٽيس به جاري نه ٿيندا ۽ نه وري ان تي ٻڌڻي ٿيندي، نمبر الاٽ به ٿيو ته ان لاءِ بينچ جوڙڻ ۾ وقت لڳندو، اهڙي صورتحال کي سامهون رکي شايد وزيراعظم عمران خان هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته بيشڪ منهنجي حڪومت وڃي پر مان ملڪ کي لٽيندڙن کي ڪو نه ڇڏيندس، بعد ۾ انهن خلاف مظاهرا ڪندس، عمران خان جو اهڙو بيان سندس پريشانيءَ جو عڪس آهي، کيس شايد اها سمجهه ايندي پئي وڃي ته امپائرنگ ڪندڙن جو مٿس اعتبار گهٽجندو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان کي شايد اندازو ٿي ويو آهي ته هن کي اهم معاملن ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي، آءِ جي سنڌ واري معاملي تي پنڊي وارن جي طرف کان ايڪشن وٺڻ، جاچ ڪرائڻ جهڙن فيصلن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته عمران خان مٿان وس وارن جو اعتماد ختم ٿيندو نظر پيو اچي، ڪجهه ڏينهن کان دهشتگردي جي واقعن ۾ به تيزي اچي وئي آهي، سياسي ماحول پي ڊي ايم پهريان کان گرم رکيو آهي، عدالتن مان ايندڙ فيصلا ان گرم ماحول کي ٻارڻ فراهم ڪن ٿا، حڪومت وٽ ان سموري ماحول کي سوچڻ لاءِ وقت ڪونهي، وزيراعظم پنهنجي منهن ۽ وزير پنهنجي منهن پيا ڪم ڪن، ملڪ جو گهرو وزير جيڪو پاڻ هڪ جهونو ۽ ريٽائرڊ فوجي آهي،
ان جو ڪردار چونڊيل نمائندي جي حيثيت سان نظر نه ٿو اچي، ان جي جاءِ اڻ چونڊيل همراهه شهزاد اڪبر تقريبن والاري ڇڏي آهي، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم به سڌي طرح چونڊيل نمائندو ناهي، ايئن لڳي ٿو ته حڪومت چونڊيل نه اڻ چونڊيل نمائندا يا وري وس وارن جي طرفان چونڊيل نمائندا هلائي رهيا آهن، ڪالهه ٿيل پشاور جي مدرسي ۾ حملي کان پوءِ اهڙن واقعن وڌڻ جون خبرون پيون اچن، لڳي ٿو وري ڌماڪن جون خبرون سامهون اينديون، اهڙن ڌماڪن تي سياسي سمجهه رکندڙ چون ٿا ته شايد حڪومت ختم ڪرڻ جو هڪ بهانو ڪڍيو پيو وڃي، هر طرف مهانگائي جو ڄار وڇايل آهي، ٽماٽا هجن يا پٽاٽا اهي سينچري وارو انگ ڪراس ڪري چڪا آهن، اٽو 75 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي، سرڪاري اداري يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون اڻلڀ آهن، وچين ۽ هيٺين طبقي وارا ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃن، ملڪ جي مستقبل لاءِ سوچڻ وارن جي به گهٽتائي آهي، گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، تندور تان ماني 15 رپيا جي حساب سان ملي رهي آهي، اهڙي صورتحال اسان کي ماضي ياد ڪرائي ٿي جڏهن چونڊيل حڪومتن کي بهانو بڻائي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. وزيراعظم جا صلاحڪار اهڙي صورتحال ۾ به سڀ سٺو ۽ صحيح آهي چون ٿا، هنن جي نظر ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ صرف اپوزيشن کي ڪيئن منهن ڏجي جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته حڪومت جي رٽ ڪنهن به ميدان ۾ ڪونهي، هر روز سرڪاري اداري پي آءِ ڊي ۾ ويهي ٻه کان ٽي وزير ڪانفرنسون ڪن ٿا، ان ۾ حڪومتي ڪاميابين جو ذڪر ڪن ٿا، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي، اسان جي حڪومت کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سماجي رابطن جون ويب سائيٽون پاڪستان ناهن جتي سڀ ڪجهه صحيح آهي جا دعويٰ ڪري. حقيقت اها آهي جيڪا جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ڪيل فيصلن ۾ لکي آهي، مهانگائي پنهنجي جاءِ تي آهي اگهن کي مستحڪم به نه ٿو رکيو وڃي، مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري ويو آهي، اسلام آباد سميت پوري ملڪ ۾ قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ وارو نظام نه هئڻ برابر آهي، صرف پارليامينٽ هائوس کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آبپاره مارڪيٽ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اتي دڪاندار پنهنجي مرضيءَ جون قيمتون وصول ڪن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي ٻين حصن جو ڇا حال هوندو؟ ستم ظريفي اها آهي ته تبديلي سرڪار کان پهريان وارين حڪومتن جا عهديدار سڌي طرح ميڊيا کي دعوت نامو ڏئي گهرائيندا هئا، سوال جواب ٿيندا هئا هاڻي اهو سلسلو به بند ٿي ويو آهي، صحافين جا سوال جيڪي زميني حقيقتن جي ڀرسان هوندا آهن اهي نٿا ڪيا وڃن، بس پنهنجي من مرضيءَ جا وڊيو بيان رڪارڊ ڪري جاري ڪيا وڃن ٿا، هن حڪومت کي گهرجي ته پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ عوام سان سڌي ريت رابطي ۾ اچي نه ته هنن سان اهڙي ٿيندي جو تاريخ ۾ هنن جو مثال ڏنو ويندو ته تبديليءَ جا دعويدار سياسي پارٽي تبديلي ته آندي پر اها تبديلي عوام کي سهولت نه ڏئي سگهي پر ان تبديلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *