تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

غدار؟

پاڪستان دنيا جو شايد اهو واحد ملڪ آهي جتي وڌ کان وڌ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا يا ايئن چئجي ته هتي وڌ کان وڌ “غدار” رهن ٿا. هي دنيا جو نرالو ملڪ آهي جتي وڏي تعداد ۾ غدار رهن ٿا پر اڄ تائين ڪنهن کي به سزا ناهي آئي ۽ ان جو وڏو سبب شايد اهو آهي ته اهي اڪثر ڪيس سياسي نوعيت جا رهيا آهن ۽ ان جو اصل مقصد مخالفن کي سبق سيکارڻ هجي ٿو، سواءِ هڪ ڪيس جي جيڪو آئين ٽوڙيندڙ آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف مٿان داخل ٿيو پر ان جو به ڪو نتيجو اڃان تائين سامهون ناهي آيو. جڏهن ته جنهن حڪومت ۾ اهو ڪيس داخل ٿيو هو، ان وقت جي وزيراعظم ۽ پارٽي قائد نواز شريف مٿان غداريءَ جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي.
اهو نواز شريف جيڪو ملڪ جو ٽي دفعا نه رڳو وزيراعظم رهيو پر ان کي هر دفعي وڏو “مينڊيٽ” حاصل رهيو ۽ هر دفعي ان کي انهن ئي هٽايو جيڪي کيس وڏو مينڊيٽ ڏياري ڪامياب ڪرائيندا رهيا ۽ کيس پي پي پي جي قيادت جي مقابلي ۾ وڏو ايماندار ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو ايتري قدر جو ملڪ جا ڪيترائي نام نهاد دانشور کيس “خليفو” ڪري پيش ڪندا رهيا ايتري قدر جو سنڌ جا ڪيئي ڏاها به کيس پي پي قيادت کان وڌيڪ ايماندار ۽ سچو ڪري تعريفن جا پل ٻڌندا هئا.
نواز شريف هڪ حساب سان خوش قسمت رهيو آهي ته هن جو تعلق پنجاب سان آهي، ان ڪري سزا يافته هئڻ باوجود هو ملڪ کان ٻاهر نيو ويو ۽ هن وقت به هو لنڊن ۾ موجود آهي ۽ بدنصيب ان حساب سان ته هن هر ڀيري آرمي چيف مقرر ڪرڻ وقت غلط فيصلا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت هر ڀيري گهر ڀيڙو ڪئي وئي. چوڻ وارا چون ٿا ته موجوده آرمي چيف کي به نواز شريف ٻين سينئر آفيسرن کي پوئتي رکي مقرر ڪيو ۽ اسلام آباد جا ذريعا اها تصديق ڪن ٿا ته نواز شريف پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري جي چوڻ تي کيس مقرر ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ڪامورو بعد ۾ نيب جي پڪڙ ۾ اچي ويو.
باچا خان کان وٺي محترمه فاطمه جناح تائين ۽ جي ايم سيد، ذوالفقار ڀٽو کان ويندي بينظير ڀٽو تائين ڪيئي اڳواڻن کي ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو پر وقت ثابت ڪيو ته اهي نه صرف ملڪ پر عوام جا به خير خواهه هيا. ذڪر ڪيل سڀني اڳواڻن کي اڪثر ڪري فوجي آمرن غدار يا آمريڪي ايجنٽ قرار ڏنو پر وقت اهڙن ڏنل سڀني سرٽيفڪيٽن کي ڪوڙو قرار ڏنو.
هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته جنهن اسٽيبلشمينٽ تي سياسي مداخلت جا الزام رومال ۾ ويڙهي هنيا ويندا هئا،اهي هاڻي عالم آشڪار ٿي ويا آهن. ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهندڙ نواز شريف واضح طور چئي چڪو آهي ته هن جو مقابلو موجوده وزيراعظم عمران خان سان نه پر کيس آڻيندڙن سان آهي. نواز شريف اهو پهريون اڳواڻ يا وزير اعظم ناهي جنهن اها ڳالهه چئي آهي پر هن کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو پڻ چئي چڪي، جيڪا ملڪ جي ٻه دفعا وزير اعظم رهي. موجوده وزير اعظم عمران خان جڏهن مخالف ڌر ۾ هيو ته اهو پڻ اهي ڳالهيون ڪندو رهيو، جڏهن ته ملڪ جا ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ اهي ڳالهيون وڏي عرصي کان چوندا رهيا پر کين ڪڏهن غدار ته وري ڪڏهن را جو ايجنٽ چيو ويو.
انهن سڀني ڳالهين کي ان وقت طاقت ملي جڏهن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت مشهور زمانه اصغر خان ڪيس ۾ تاريخي فيصلو ڏيندي 1990ع ۾ ٿيل عام چونڊن کي فراڊ ڪوٺيو ۽ ان وقت جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي کي ذميوار قرار ڏنو ويو پر ان فيصلي کي سنڌي چواڻي موجب منڊيءَ تي ٽڪ ان وقت لڳي جڏهن ان وقت جي ڊائريڪٽرجنرل آئي ايس آئي جنرل اسد دراني پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙو اعتراف ڪيو. اسانجي عوام کي شايد ياد هجي ته محترمه ان وقت دانهون ڪيون هيون ته پي پي کي هٿ وٺي ڌانڌلي ڪري هارايو ويو پر ان وقت مٿس اهي الزام هنيا ويا ته هوءَ هارائڻ بعد اهڙيون ڳالهيون پئي ڪري پر وقت ثابت ڪيو ته بينظير ڀٽو سچ پئي چيو.
هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته پي پي خلاف ٺهندڙ آئي جي آئي جي اڳواڻن ۾ نواز شريف پڻ شامل هيو، وقت جو حساب چئجي يا اسٽيبلشمينٽ جي جادوگري ته جنهن نواز شريف کي هنن وزير اعظم بنايو اهو اڄ سندن سامهون اچي بيٺو آهي. تازو ئي جي يو آئي اڳواڻ مولانا سينيٽر علي شير حيدري هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته جڏهن هنن عمران حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته فوجي سربراهه کين سمجهايو ته اهي ايئن نه ڪن ۽ کين نواز شريف خلاف ٿيندڙ ڪارروائين تي خاموش رهڻ گهرجي.
هاڻي اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته سياست ۾ “جادوگري” ٿيندي رهي آهي ۽ وفاقي يا مذهبي جماعتن جو ڪردار هڪ اداڪار طور رهيو آهي ۽ انهن جا ڊائريڪٽر دراصل اهي آهن جن ڏانهن سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نشاندهي ڪر چڪي آهي.
هاڻي پاڻ اچون ٿا نواز شريف مٿان غداري واري ڪيس داخل ٿيڻ ڏانهن، جنهن ۾ نه رڳو مٿس پر سندس سڄي پارٽي قيادت مٿان (جنهن ۾اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، پنج ڀيرا ملڪ جي وڏي صوبي جو وڏو وزير رهندڙ شهباز شريف پڻ شامل آهي،توڙي جو نواز شريف کانسواءِ باقي اڳواڻن خلاف اهو ڪيس واپس ورتو ويو آهي) ڪيس داخل ڪرايو ويو ۽ فريادي پي ٽي آئي جو اڳواڻ آهي. جنهن بابت اهو به چيو پيو وڃي ته اهو پنجاب جي گورنر محمد سرور جو ويجهو آهي جڏهن ته گورنر ان جي ترديد ڪئي آهي. ها هي اهو ئي سرور آهي جنهن کي نواز شريف به گورنر لڳايو هو پر جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري نواز سرڪار خلاف ڌرڻو هنيو هو ته گورنر انهن سان اندروني طور مليل هو ۽ بعد ۾ هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته موجوده وزير اعظم عمران خان جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن نواز شريف خلاف بغاوت واري ڪيس بابت چيو آهي ته اهو ڪيس داخل نه ٿيڻ کپندو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته کانئس نه پڇيو ويو يا هو غلط ڳالهائي رهيو آهي. اها به حقيقت آهي ته اڄ ڪالهه عام ماڻهوءَ تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ايس پي سطح جي عملدار جي اجازت ورتي وڃي ٿي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ مٿان ڪيس ڪنهن ايس ايڇ او جي مرضيءَ سان داخل ٿيو هوندو. ان مان لڳي ٿو ته مخالف ڌر درست پئي الزام هڻي ته اصل واڳ ڌڻي ڪي ٻيا آهن.
جيڪڏهن ايئن آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اصل واڳ ڌڻي هاڻي مڪمل طور تي وائکا ٿي چڪا آهن ۽ ڇا اقتداري جنگ جو آخري رائونڊ شروع ٿي چڪو آهي؟ جڏهن ته ملڪ جي معاشي صورتحال اهڙي ناهي ته ڪي اندروني اختلاف برداشت ڪري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ ذاتي مفادن واري ڊوڙ نه رڳو ملڪ کي کوکلو ڪندي پر عوام جي به ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ توڙي سياستدانن سميت سڀني ڌرين کي هوش کان ڪم وٺندي صرف ۽ صرف ملڪي مفاد ۾ قدم کڻڻ گهرجن نه ته تاريخ کين ڪڏهن معاف نه ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *