تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

غداري جو سفر ،ڦاسي جي ڦندي کان بيانيي تائين

”غدار وطن“،”غدار وطن“، مير جعفر ۽ مير صادق جي لقبن سان نوازيو پيو وڃي، بينرز ۽ پوسٽرز کان ٿورو پري اهو چوواٽو آهي، جنهن تي تاريخ ۽ آزادي جي جنگ جي هيروز جو قدر ڪرڻ وارا انهي چوڪ جو نالو ڀڳت سنگهه رکڻ پيا چاهين پر قدامت پسندن ايئن ڪرڻ نه ڏنو.
ٿورو ئي پري ڪئمپ جيل لاءِ جتي ڀڳت سنگهه کي برطانوي راڄ غدار قرار ڏنو هو، ڦاسي تي چاڙهيو،پر لوڪ ڪهاڻين ۾ آزادي جو هيرو ۽ تاريخ ۾ ان جو نالو سدائين لاءِ امر ٿي ويو،
ڀڳت سنگهه جي شخصيت جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اياز صادق يا ڪنهن هاڻوڪي سياسي ڪردار جي ڀيٽ ڪرڻ يا هڪجهڙائي ڳولڻ نه آهي ، پر صدين کان غداري جي سفر کي ماضي جي حالتن ۽ واقعن سان ڳنڍڻ آهي، خود اياز صادق جي تعليم ۽ تربيت برطانوي راڄ جي باقيات يعني ايچي سن اداري لاهور ۾ فوجي جرنيلن ۽ ڪامورا شاهي جي اولاد سان گڏ ٿي آهي. گهوڙي سواري ۽ تلوار بازي جهڙا هنر سکيائين.
عمران خان سان گڏ ايچي سن ۾رهيو ، اتي ئي سندن دوستي ٿي، پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات تحريڪ انصاف جي سياست کان ڪيائين، اختلافن سبب عمران خان جي سياست کي ڇڏي ميان نواز شريف جي سياست کي ڳلي لڳايائين، ۽ لاهور مان ن ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊون کٽيندو رهيو، گذريل دور ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ٿي ويو،
نواز شريف کي ئي ڏسجي ان جي سياست جو ٻوٽو جنرل جيلاني فوجي آمر ضياءَ جي دور ۾ لڳايو، ۽ اها سياسي وڻ ويڙهي آمريت جي ڇپر ڇانوءَ هيٺ اُسري، سياست وڌي،
هاڻي نواز شريف گهڻي عرصي کان سويلين بالادستي جو نعرو لڳائي رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرلن جون حدون طئي ڪرائڻ چاهي ٿو،للڪاري ٿو.
هنن ڏينهن ۾ سندس سڃاڻپ ملڪ جي ٽي ڀيرا چونڊيل وزير اعظم بدران ”مودي جو يار “۽ ”غدار“ طور ٿي رهي آهي.
بغاوت جو ڪيس داخل آهي، تاريخ جتي حالتن ۽ واقعن کي سنڀاليندي آهي، اتي تضاد به لکيا ويندا آهن. ڇا اياز صادق کي ڪڏهن گمان ۾ هو ته اها ئي اشرافيه جنهن جو حصو رهيو آهي کيس ئي حدف بڻائي سگهي ٿي.
اياز صادق جو بيان ”غيرذميوار راڻو“ ته قرار ڏئي سگهجي ٿو. پارليامينٽ جي اڳوڻي اسپيڪر طور قومي سلامتي معاملن تي ان ڪيمرا بريفنگ جي اخلاقيات کان چڱي طرح واقف هوندو، نقصان جو به اندازو هوندس، اڀي نندن جي آزادي بابت لفظن جي چونڊ يعني “پرڏيهي وزير جي پيشاني تي پگهر اچڻ، ٽنگون ڏڪڻ”، غلط ٿي سگهي ٿو ، پرغداري جي زمري ۾ آڻڻ، چوراهن، ٽي وي اسڪرينن جي جمعي بازار ۾ غداري ۽ محب وطني جي سرٽيفڪيٽس جا اسٽال سينگارڻ، ڪنهن کي سونهين سگهن ٿا.؟ “نامعلوم افراد” جي اصطلاح وانگر شايد سڀني کي معلوم آهي.
غداري جو سفر اسان جي ڌرتي جي تاريخ ۾ کتل آهي، منهنجي ننڍپڻ جي قصن ڪهاڻين ۾ ابن ڏاڏن جي ڪهاڻي. روايت هيئن آهي ته منهنجي والد جو پڙڏاڏو محمد فاروق جنهن کي خاندان وارا “وڏو بابا” ۽ اتر پرديش جي انهي جي اباڻي ڳوٺ جا ماڻهو”وڏو صاحب“ جي نالي سان سڏيندا هئا.انگريزن کان متاثر، رهڻي ڪهڙي تي اهو ئي ولايتي اثر، سٺي عهدي تي ويٺل پر 1857ع جي جنگ آزادي جي ڏينهن ۾ تن من سان مجاهدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، ۽ وڙهندي مارجي ويو،
انگريزن ”ديسين“ جي عبرت لاءِ ٻين مجاهدن سان گڏ کيس ڦاهي جي ڦندي تي چاڙهي ڇڏيو، تنهن هوندي به 1947ع تائين خاندان جي پاڪستان لڏپلاڻ تائين ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ان جي قرباني کي ياد رکيو ويو، خود منهنجي گهر واري نازش بروهي جيڪا پاڪستان جي معروف قانوندان اي ڪي بروهي جي ڀائٽي آهي، ان جي چاچي ۽ سنڌ جي مشهور دانشور علي احمد بروهي کي برطانوي راڄ جي خلاف بحريه جي بغاوت جي سازش جي الزام ۾ ڪاري پاڻي جي سزا ڏني وئي. مطلب ته ننڍي کنڊ جي ورهاست کان اڳ برطانوي راڄ خلاف آزادي جي جدوجهد ۾ شامل قافلن جا مجاهد هجن يا ورهاست ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ڏهاڪن تي ٻڌل لوڏا کائيندڙ جمهوري سفر جا سياسي ڪردار غداري ۽ وفاداري تاريخ سان ڳنڍيل آهي. برطانوي تاج ۾ مقرر ڪامورا شاهي جڏهن نئين ملڪ کي سنڀاليو ته کين غداري ۽ وفاداري جا سياسي هٿيار ورثي ۾ حڪمراني جي ٽول باڪس ۾ مليا، جن جو ايندڙ وقت ۾ سياسي حڪومتن ۽ خاص طور آمراڻي دور ۾ خطرناڪ استعمال ڪيو ويو، قائد اعظم جي وفات کان پوءِ لياقت علي خان جو دور ۾بنگال ۾ گهرو اثر رسوخ رکندڙ مسلم ليگ جي اهم اڳواڻ حسين شهيد سهروردي کي غدار چيو ويو، جيڪو ٿورو عرصي کانپوءِ ملڪ جو وزير اعظم به ٿيو،
پاڪستان جي ٺهڻ جي ٿوري عرصي بعد ئي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو جهڪاءُ آمريڪا طرف هو ۽ ملڪ جي ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جون جماعتون عتاب جو شڪار رهيون ، ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، ڪميونسٽن کي غدار ڪوٺيو ويو، انهن ڏينهن ۾ اڳواڻن جي گهرن جي ڀتين تي اڪثر انڊيا ۽ روس جا ايجنٽ ۽ غدار جا نعرا لکيا ويندا هئا،
فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ايوب ته پنهنجي اقتدار کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح کي غير ملڪي ايجنٽ قرار ڏنو، ستم ظريفي ڏسو، ڀٽو جيڪو ايوب خان جي لاڏلن ۾ شمار ٿيندو هو، انهي مهم ۾ شريڪ هو، چيو وڃي ٿو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مرڻ گهڙي تائين فاطمه جناح جا بيان نشر ڪرڻ تي پابندي هئي، اوڀر پاڪستان جي اڳواڻ شيخ مجيب کي به غدار قرار ڏنو ويو، ڄڻ غداري جي الزامن سندس چاهيندڙ بنگالي قوم جي اڪثريت کي به گهيري ورتو ، اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو، يا اسان وڃائي ڇڏيو، سانحي جي ڌڪ جو احساس اڃان تائين رياست جي دل تي موجود آهي،سنڌي قومپرست اڳواڻ جي ايم سيد هجي يا بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجو ، خير بخش مري يا عطاءَ الله مينگل ملڪ دشمن ۽ غداري جي الزامن کي منهن ڏيندا رهيا.
ذوالفقار علي ڀٽو جيترو گهڻو مقبول اڳواڻ هو اتي کيس سياسي مخالفت بلڪل برداشت نه هئي، جنهن ڪري ڪيتريون ئي غلطيون ڪري ويٺو، بلوجستان جي حڪومت ڪيرايائين، بلوچستان تي فوجي چڙهائي ڪرايائين، انهي جي دور ۾ پشتون قومپرست جماعت اي اين پي جي قيادت تي غداري جا الزام لڳا. حيدرآباد سازش بغاوت جو ڪيس هليو، پارٽي تي پابندي لڳي، افغانستان ۽ ڀارت کان مدد وٺڻ جا الزام لڳايا ويا. ڏهاڪا گذري ويا پر انهن ئي الزامن جي چادر پشتون تحفظ موومينٽ جي قيادت جي چوڌاري ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن به مختلف دورن ۾ انهي بيانيئي کي هڪ ٻئي کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو، نواز شريف بينظيرڀٽو تي سيڪيورٽي رسڪ جو الزام لڳايو ته هن انهي وقت جي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي سک عليحدگي پرست تحريڪ خالصتان جي اڳواڻن جي فهرست ڏني هئي.
بلاول ڪجهه سال اڳ جلسن ۾ نواز شريف کي “مودي جو يار” قرار ڏنو.
سياسي اڳواڻن جي اها روش بلڪل غلط آهي، هتي رياستي ادارن کي سمجهڻ گهرجي ته قومپرست يا سياسي نعرن ۽ تنقيد سان رياست ڪمزور ناهي ٿيندي.مائينڊ سيٽ ٽائيم زون ۾ منجمد ته ٿي سگهي ٿو، پر گهڙي جون سيون وقت کي بدلائي رهيون آهن، ماضي، حال ۽ پوءِ مستقبل. هنن ڏينهن ۾ قومي سياسي ڌارا ۾ غداري جو بيانو گهڙي رهيو آهي، حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جا اڳواڻ انهي مهم جوئي جي خطرناڪ باهه جي گولي کي پنهنجي الزام تراشين سان ٻارڻ فراهم ڪري رهيا آهن، سياسي جماعتون هجن يا اسٽيبلشمينٽ غداري ۽ محب وطن جي سرٽيفڪيٽ جي ورهاست سان عارضي فائدا ته حاصل ڪري سگهن ٿا پر انهي جا نقصان گهرا ۽ خطرناڪ آهن، رياستي ڪينواس داغدار ئي ٿيندو آهي، سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملا هڪٻئي ۾ وچڙندا ويندا آهن، شيخ رشيد جنهن کي سياسي جوتشي ۽ طاقتور ڌرين جو ترجمان سمجهيو ويندو آهي، هنن ڏينهن ۾ جڏهن نواز شريف ۽ اسٽيبلشمنيٽ آمهون سامهون آهن ته هن جي بيانن جي موسم آهي، سندس چواڻي جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت رياست سان ويڙهه جو سوچيندي ته انهي کي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
شيخ صاحب ڀلي اوهان پنڊي جي پنهنجي اباڻي لال حويلي جي بالڪوني ۾ ويٺا هجو، پنڊي مان ئي ڪجهه ايمپائر به گهرائي وٺو، سگار دکايو، سامهون اڱڻ ۾ قبائلي روايتن مطابق سچ ۽ ڪوڙ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ ٽانڊا وڇايو، غداري ۽ وفاداري جو فيصلو ٿئي، سمورا سياستدان ۽ جن جن تي شڪ هجي انهن کي ٽانڊن تان گذاريو وڃي پر جيڪڏهن ٻرندڙ ٽانڊن مان شعلا ڀڙڪي پيا ته انهي باهه جي وڪڙ ۾ گهڻو ڪجهه سڙي وڃڻ جو خطرو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *