تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

غربت پاڪستان ۾ ڇا ڪندي؟ دنيا ڏسندي

وزيراعظم عمران خان جي پنجن صلاحڪارن ۽ پندرهن خاص مددگارن جي اثاثن جا تفصيل ظاهر ٿيڻ تي حڪومت جا حامي افسوس ڪرڻ بدران خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن ته سندن حڪومت اهو ڪم ڪري ڇڏيو جڏهن ته مخالف تنقيد ڪري رهيا آهن پر انهن مخالفن ۾ وڏين سياسي پارٽين جي قيادت ۽پهرين جوڙ جي اڳواڻن جو رد عمل واضح انداز ۾ سامهون نه آيو آهي ڇو ته سندن پارٽين ۾ به دولتمندن جو وڏو انگ موجودآهي. وزيراعظم اهو ڪو ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي جو پنهنجي حڪومت سان واڳيل ماڻهن جي اثاثن ۽ ٻٽي شهريت جا تفصيلن بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، کيس گهرجي ته پنهنجي ۽ پنهنجن سمورن وزيرن جا اثاثا ظاهر ڪرائي. مخالفن پاران تنقيد ان لاءِ به مناسب ناهي جو دامن ۽ هٿ ته انهن ماڻهن جا به صاف نه آهن. وزيراعظم جي ستن خاص مددگارن وٽ ٻٽي شهريت آهي. نديم بابر سڀ کان امير نڪتو جو 2 ارب 75 ڪروڙن جا اثاثا ان وٽ آهن ۽ هن وٽ ٻٽي شهريت به آهي. وفاقي ڪابينا جو ڪل انگ 50 آهي. ان ۾ اڻ چونڊيل ميمبرن جو انگ 19 آهي. انهن مان 14 خاص مددگار ۽ پنج صلاحڪار آهن. ٻٽي شهريت رکندڙن ۾ ڊجيٽل پاڪستان بابت خاص معاون تانيا شاهد اندروس، نيشنل سڪيورٽي ڊويزن بابت خاص ممدگار معيد يوسف، پاور ڊويزن بابت خاص معاون شهزاد قاسم، پارلياماني ڪو آرڊينيشن بابت خاص معاون نديم افضل گوندل، نديم افضل چن، اوورسيز بابت خاص معاون زلفي بخاري، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري ۽ سياسي رابطن بابت خاص معاون شهباز گل وٽ ٻٽي شهريت آهي.
وزيراعظم جي پنجن صلاحڪارن پاڪستاني شهريت ظاهر ڪئي آهي. انهن جا اثاثا به اربن ۾ آهن. انهن ماڻهن جا اثاثا گڏ ڪيا وڃن ته کربن ۾ آهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي وزيراعظم جي زبان نٿي ٿڪجي ته غربت ضرورت کان وڌيڪ آهي ۽ هو غربت جي نام نهاد خاتمي لاءِ سرڪاري ناڻي مان رقم پاڻي وانگر خرچ ڪندو رهي ٿو. ڇا ڀلا اهڙي ريت جيئن بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام يا احساس پروگرام آهي، پاڪستان مان غربت ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهندا . ڇا اهو طريقو ضرورتمندن کي رڳو پنڻ جو انتظار ڪرڻ جو بهانو نه ٿو مهيا ڪري . حڪومت هجي يا وزيراعظم کيس سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته غربت جي خاتمي يا گهٽتائي لاءِ انهن ٻنهي پروگرامن ۾ جيڪا رقم لڳائي پئي وڃي اها سراسر غير پيداواري خرچ آهي. ان جي پيداواري خرچ ۽ اهميت کي ڳولڻ گهرجي ۽ پيسو ان جاءِ تي لڳائڻ گهرجي جتان ماڻهن کي مستقل منافعو حاصل ٿئي. امداد يا پنڻ سان غربت ختم ناهي ٿيندي.
پاڪستان ۾ دولتمند هونئن ئي حڪومتن جي ڏوريون پنهنجن هٿن ۾ رکن ٿا. ڪنهن ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ اهي ماڻهو سياسي پارٽين تي به سيڙپڪاري ڪن ٿا. موقعو اچڻ تي هڪ مان ڏهه ڪن ٿا. اٽي جو بحران، کنڊ جو بحران، ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو بحران، ۽ اهڙي ريت ٻيا بحران جن ۾ پيسو ٺاهيو وڃي ٿو، ان ئي سيڙپڪاري جو نتيجو هوندو آهي. دولتمندن جي پهرين ڪوشش هوندي آهي ته کين سڌي ريت سرڪاري عهدو ملي، جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ايئن نٿو ٿئي ته سيڙپڪاري ڪن ٿا. دولت مند بااثر ماڻهو بااختيار به رهڻ چاهين ٿا ان لاءِ حڪومت جي ويجهڙائي يا حڪومت ۾ نمبر هڪ شخص جي ويجهڙائي اختيار ڪن ٿا. اختيار ۽ ويجهڙائي ان لاءِ گهربل هجي ٿو جو انهن جو ڪم ڪنهن به مرحلي تي رڪجي نه سگهي. انهن جو مقصد پنهنجي دولت ۾ واڌ ئي هوندو آهي. ٻٽي شهريت رکندڙن لاءِ حڪومت سان ويجهڙائي گهڻي ضروري هوندي آهي جيتوڻيڪ اهي ماڻهو حڪومت لاءِ ٽڪي جي اهميت نٿا رکن. ٻٽي شهريت رکندڙ شخص جو پنهنجي اباڻي ملڪ بدران ٻٽي شهريت واري ملڪ ڏانهن وڌيڪ جهڪاءُ هوندو آهي. کين انهن ملڪن ۾ ڪجهه وڌيڪ عزت نصيب ٿي ويندي آهي.
پاڪستان جو امير، دولتمند طبقو اهو ضرور سمجهندو هوندو ته هنن عوام کي خيرات ڏئي عوام جي احساس محرومي جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪيو آهي. اميرن جي حڪومت ايئن ناهي هوندي جيئن پاڪستان ۾ آهي. پاڪستان ۾ انفرادي هٿن ۾ دولت جي ڪا کوٽ ناهي. جيڪڏهن دولتمند پنهنجي دولت جو هڪ حصو ئي عوام جي ڀلائي تي لڳائين ته عوام جي پريشانين ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ حڪومت جو بار به هلڪو ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جي دولتمندن ۾ ڪيترا بل گيٽس هوندا يا ڪيترا وارن بوفي (آمريڪا ۾ اسٽاڪ جو ڪاروبار ڪندو آهي) هوندا، يا ڀارت جي دولتمندن جيان ڪيترا هوندا جيڪي ضرورت جي وقت ملڪ يا عوام جي مدد ڪن ٿا. ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ ڀارتي دولتمندن حڪومت کي سهارو ڏنو پر پاڪستان ۾ انهن جي ذري برابر به نه ڪيو ويو. ايئن ڪيترا هوندا جيڪي پنهنجي دولت مان اسپتال هلائيندا هجن، تعليمي ادارا هلائيندا هجن، يتيمن جا ادارا هلائيندا هجن، بيواهن جون ضرورتون پوريون ڪندا هجن، عوام جي پيئڻ جي صاف پاڻي جو انتظام ڪندا هجن، مسجدن ۽ عبادتگاهن جا خرچ برداشت ڪندا هجن، مدرسن جا ٻار پاڙي مان مليل ڳڀي تي گذارو ڪن ٿا وغيره وغيره. هتي هر ذميواري پوري ڪرڻ جي ذميواري حڪومت جي سمجهي وڃي ٿي.
پاڪستاني دولتمندن جي اڪثريت جي دولت ٽجوڙين ۾ انهن جي خيال ۾ محفوظ رهي ٿي. عوام جي وڏي اڪثريت پنهنجي گهر ته ڇا ٻن وقتن جي ماني کان به محروم آهي، انهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، هو دولت مندن جي هٿن ۾ پاڻي جون بوتلون ڏسندا رهن ٿا ، هو وڏين نجي اسپتالن کي ٻاهران ئي ڏسي سگهن ٿا، علاج ڪرائڻ انهن جي وس ۾ ناهي هوندو. هو پنهنجي ٻارن کي تعليم نٿا ڏياري سگهن ته کائڻ لاءِ ماني پهرين ضرورت بڻجي ٿي. دولتمند ماڻهو خاص طور ٻٽي شهريت رکندڙن کي قطعي اندازو ناهي ته جيڪو شخص اڄ بکايل آهي ۽ ان جي پيرن ۾ چپل ناهي هو مستقبل ۾ ڪيترو خطرناڪ ميزائل ثابت ٿيندو. انهن لاءِ ته ،شب غم ڪي سحر نهين هوتي، هو ڀي تو ميري گهر نهين هوتي.
مرحوم سياسي اڳواڻ ولي خان 1970ع جي چونڊن جي موقعي تي چيو هو ته حڪومت کي انهن ماڻهن جا پاسپورٽ ضبط ڪرڻ گهرجن جن جي دولت ملڪ کان ٻاهر آهي. سنڌ جي هڪ اڳواڻ مير رسول بخش خان ٽالپر ڀٽو حڪومت جي خاتمي بعد نعرو لڳايو هو ته ماڻهو پنهنجا اثاثا ورهائي ڇڏين پر ڪير ٿو ٻڌي. ڪير به نٿو سمجهي ته محروم، بکايل ۽ ضرورت مند ماڻهو ئي انقلاب جو هر اول جٿو بڻباآهن . فرانس، روس، ايران جي انقلاب کي سمجهيو وڃي ته اسان جي دولتمندن کي اندازو ٿيندو ته ڪروڙين ۽ اربين رپيا ٽجوڙي ۾ رکڻ لاءِ نه هوندا آهن پر انهن جو ڪجهه حصو عوام تي خرچ به ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن معاشري ۾ دولت گردش ۾ رهي ۽ هڪ طبقو ضرورت کان وڌيڪ غريب نه هجي ۽ ٻيو طبقو ضرورت کان وڌيڪ دولتمند نه هجي. ڀائيواري انتهائي ضروري عنصر هوندي آهي، ڪاميابين جو دليل به ٿئي ٿي. عوام جي اڪثريت کي بي ساکين تي ڇڏي نٿو سگهجي. زباني جمع خرچ جو وقت گذري ويو آهي. عمل جي ضرورت آهي نه ته پاڪستان ۾ جڏهن به جيڪو ڪجهه به ٿيندو اهو دنيا ڏسندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *