Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_5c4797tuemrnasduin4in4bncc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
غريب خان غائباڻي جو انٽرويو! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar غريب خان غائباڻي جو انٽرويو! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

غريب خان غائباڻي جو انٽرويو!

هيل مڪڙن، لاڪ ڊائونن، مينهن، گهارن، ڇتن ڪتن، مکين، مڇرن ۽ چمڙن اسان غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. بيروزگاري ۽ مهانگائي وري پاڙون به ڪڍي ڇڏيون گهر ۾ سيڌي سامان جي کوٽ! طوطن ماءُ سر ٺمري ۾ پئي صدائون ڪيون ۽ مون وري کيس سر ڌاڌري ۾ پئي جواب ڏنو. ڳالهه وڌي ويندي هئي ته سر ختم ڪري اسين ٻئي پلٽا هڻڻ شروع ڪندا هئاسون. اوڙي پاڙي جون مايون، در تي ڪن ڏيئي، اسان جو ڪلاسيڪل جهيڙو ٻڌي پنهنجو اندر ٺارينديون هيون. ڇوڪرن اسان جي جهيڙي جون ڪلپون ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون. سڄي ملڪ ۾ خوار ٿيڻ کانپوءِ مون سوچيو ته گهر مان نڪري مونکي گذر سفر لاءِ هٿ پير هڻڻ کپي. ٻاهر ڏٺم ته مون کان قرض گهرندڙ کير وارو، اخبار وارو، سبزي وارو، سيڌي جي دڪان وارو گهر ٻاهران ٻوڏ متاثرن وانگر قرض اوڳاڙڻ لاءِ تنبو هنيو ويٺا هئا. گس بند هو. مون طريقو نمبر 13 استعمال ڪيو ۽ سرنگ کوٽي پويان کان نڪري ويس. ٻاهر نڪري مون گذر سفر جي تنگي جو داستان وڃي حسيب ڪانهي کي ٻڌايو هن مون کي صلاح ڏني ته “بنا ليسڻ والي صحافت شروع ڪر ڇوڙ! ڪلمي نال ڪمائيسين.” صلاح لک جي هئي. مون هڻ وٺ اخبار جو ڪوڙو ڪارڊ ٺهرايو ۽ ان جي ضلعي رپورٽر ڏي وٺ ڏنڀاڻي سان رابطو ڪيو.
هن ڀٽاري وري “آدها تمهارا آدها همارا ”جي تاريخي عهد نامي جي نقد ۽ آسان قسطن تي مون سان ٺاهه ڪيو ۽ گس ڏس ۽ رس جي پختن پيچرن جي ڄاڻ ڏني. پوءِ ته منهنجي ڦرڪي وئي. آئون ڪيا بولتا هي ڪندو وتان. ڪوڙو ڪارڊ ڏيکاري آئون ڊي سي، ايس ايس پي، چونڊيل نمائندن ۽ انصاف جي ادارن ۾ ڊائريڪٽ هليو وڃان. مون پنهنجو صحافتي نالو رکرايو هڙ چٽ هيراڻي. حلال ۽ حرام جا چار پئسا ملڻ لڳا ته سڀ کان پهرين مون قرضين مان جان ڇڏائي، گهر اڳيان لڳل سندن تنبو پٽرايا. پوءِ سيڌو سامان گهر آڻي طوطن ماءُ جون ٺمريون بند ڪيون. پوءِ مون پنهنجي ڊيڪوريشن تي توجهه ڏنو. گنج کي شيمپو هڻي اهڙو چمڪايو جهيڙو ٽامي جو اونڌو وٽو تڙڪي تي پيو چمڪي. ڪياڙي ۽ لوڻن وٽان وارن جي جهالر ايتري وڌي وئي هئي جهڙو آرڻ کي لوڙهو آيل هجي. اهي ڪٽرايم ته ڪٽيل وارن جو ڪٽو ڀرجي ويو. اهي وار مون ڏاس ڪري کرڙي ٺاهڻ وارن کي 250 رپين ۾ وڪڻي ڏنا. دانگي جهڙي منهن تي رنگ گورا ڪري واري ڪريم ٿڦي صفا شلپا شپٽي جي منهن جهڙو ڪري ڇڏيم. لنڊا مان ڇهن کيسن واري پينٽ ۽ سانڊ اڇاپ شرٽ وٺي پاتم. بيوٽي پارلر وارن کي پئسا ڏئي آئون بيوٽيفل ٿي نڪتس. ڪن ڪٽ ٽيوي چينل جو به ڪوڙو ڪارڊ ٺهرائي بنا ليسڻ وارو نمائندو ٿي پيس. ڇوٽڪي گهٽي مان 1965ع ماڊل جي پراڻي ڪئميرا وٺي ڪلهي تي لوڊ ڪيم هاڻي آئون فل ڪٽ ۾ اچي هڪ ٽنگ هيٺ ٻي ٽنگ مٿي ڪري ايئن پيو هلان جهڙو ٻگهو ڍنڍ ۾ پيو هلي. پوءِ منهنجي ضمير مون تي ملامت شروع ڪري ڏني رات ڏينهن اهڙي جٺ لعنت پيو ڪري جو ڪر ٻڪ پاڻي ۾ ٻڏي مران. ضمير حق تي هو مون زرد صحافت ۽ بليڪ ميلنگ واري صحافت شروع ڪري ڏني هئي ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪو نه هو. منهنجي استاد ڏي وٺ ڏنڀاڻي مون کي اهي ئي گر سيکاريا هئا. نيٺ مون فيصلو ڪيو ته بک مرسون ڊڀ نه چرسون واري اصول مطابق صاف شفاف ۽ پاڪ پوتي صحافت ڪبي. سوچيم ماڻهن کان اهڙا تاريخي انٽرويو وٺان ۽ اهڙيون حقيقي رپورٽون هٿ ڪريان جيڪي اڄ تائين ٻين صحافين کان اوجهل هجن.
آئون گهران موڪلائي نڪتس ۽ جهر جهنگ ۾ ڪاهي پيس. مون سنڌ جي 14 ضلعن ۾ لکين بي گهر ٿيل ماڻهو ڏٺا جن جا اجها، فصل ۽ مال مينهن ۽ گهارن جي پاڻي ۾ لڙهي ويا هئا. رستن جي ڀر ۾ شاخن واهن جي ڪنارن تي کلئي آسمان هيٺان ويٺا هئا نه وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه هو نه اوڍڻ لاءِ نه وٽن ڪو اوهي واهي ٿي آيو. مڇرن ۽ مکين جي حملن ۾ سندن ٻارڙا ۽ ٻڍڙا مليريا ۽ دستن جي بيمارين ۾ تڙپيا پئي. سندن حالت ڏسي منهنجن اکين مان ڳوڙهن جا ڪارا گونگڙا وهڻ لڳا. رپورٽ لکان ته ڪاغذ ئي پسيو وڃن. اتان اٿي آئون وڃي هڪ هوٽل تي ويٺس. مون وٽ ڪئميرا ڏسي هڪ همراهه اچي مون کان خبرون ورتيون. ٻڌايو مانس ته آئون هڻ وٺ اخبار ۽ ڪن ڪٽ ٽيوي جو نمائندو آهيان. اهو ٻڌي همراهه ڍري پيو مون کي چانهيون نان خطايون کارائي، پاڪيٽ ماچيس وٺي ڏنائين ۽ فرمائش ڪيائين ته آئون سندس انٽرويو وٺان. آئون راضي ٿي ويس. سندس نالو غريب خان ذات غائباڻي ڳوٺ ڳيريلو تعلقو تئوڦير ضلعو زيان آباد هو. پهريون سوال پڇيومانس تون غريب ڇو آهين؟ همراهه چڙي پيو چئي مون کي الله غريب ڪيو آهي تنهن جي پيءُ غريب ڪو نه ڪيو آهي جو اهڙا سوال ٿو پڇين؟ وري پڇيومانس هيلوڪي مينهن ۽ گهارن ۾ توهين لکين غريب بي گهر ٿي ويا آهيو ماني ڀور لاءِ سڪو پيا. توهان جا چونڊيل نمائندا توها کي هن ڏکئي وقت ۾ منهن ڪو نه ٿا ڏين. پوءِ اليڪشن ۾ توهان ڊوڙي وڃي انهن کي ووٽ ڇو ٿا ڏيو! چيائين ووٽ اسان جي پيءُ جو آهي جنهن کي کپي تنهن کي ڏيون ڇو ٿو سڙين؟ وري ٿڌو ساهه ڀري چيائين اسين ووٽ ڏيڻ ۾ آزاد ڪو نه آهيون ڳوٺ جو وڏيرو جنهن لاءِ چوي ٿو ان کي ڏيون ٿا. نٿا ڏيون ته اسان کان ٻني ڦريو وڃي، گس پاڻي بند ٿو ڪري ڳوٺ مان لڏائي ٿو ڪيڏانهن وڃون؟ وري پڇيم پنج هزار سال پهريائين موهن جي دڙي ۾ سنڌي ماڻهو خوشحال هئا سندن پڪا کوهه هئا گهر گهر کوهه هو، ڍڪيل نڪاس جو نظام هو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي مهاجر، پنجابي، پٺاڻ، بروهي، بنگالي آيا سڀ سڌري ويا پڪن گهرن ۾ رهن ٿا توهان اصل سنڌ جا وارث اڃان تائين ڪکن جي گهرن ۾ لوڙهن ۾ ڇو ٿا رهو؟ چيائين تنهنجي ڳالهه سچي آهي هڪ ته اسان ۾ لڇڻ ڪونهي ٻيو ڀوتار اسان کي سڌرڻ نٿا ڏين نه ٻارن کي پڙهڻ ٿا ڏين نه ٻني جو صحيح حساب ٿا ڏين اسين سورن ۾آهيون ادا. پڇيم چور به غريب آهن ۽چوري به غريب جي ٿا ڪن ڇو؟ چيائين “پاندي پوري ڪا نه ٿي ٿئي پوءِ چوري ٿا ڪريون. غريب جي چوري سولي آهي، ڦٻيو ٿي وڃي وڏي ماڻهو جي چوري ٿا ڪريون ته پادر ٿا کايون!” وري پڇيم ٺرو به غريب ماڻهو ٿا ٺاهين ۽ پيئن به غريب ٿا اهو ڇو؟ چيائين اسين ٽينشن گهٽائڻ لاءِ بروبر ٺرو ٺاهيون به ٿا پيئون به ٿا. وڏن ماڻهن وٽ ته ڏيڍا شيشا آهن ولائتي! اهي ٺرو ڇو واپرائيندا، وري پڇيم توهان غريب ماڻهو نياڻيون ڇو وڪڻندا آهيو؟ بدي جو سڱ ڇو وٺندا آهيو؟ نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڇو ڏيندا آهيو؟ ماني ۾ دير ٿيڻ ۽ لوڻ گهٽ وڌ ٿيڻ ۾ زالن کي ڪهاڙين سان ڇو ڪهندا آهيو؟ چيائين فيملي بابت ذاتي سوال نه پڇ! آئون غيرت ۾ اچي تنهن جي سسي نه لاهي ڇڏيان! آئون ڊڄي ويس. آخري سوال پڇيو مانس توهان غربت جي لعنت مان نڪرڻ لاءِ جدوجهد ڇو نٿا ڪريو؟ چيائين اسان جو ڪو به مددگار ڪونهي نه سرڪار نه ڪامورا نه چونڊيل نمائندا! اسان ٻوڏ جي پاڻي مان ئي ڪو نه ٿا نڪري سگهون غربت مان ڪيئن نڪرنداسين! مون انٽرويو وٺڻ بند ڪيو هوٽل تي هڪ پڙهيل نوجوان ويٺو هو. تنهن ڳالهائڻ شروع ڪيو چئي ادا هنن جي غربت جو سبب هي وڏيرا شاهي جو نظام آهي جنهن تحت نه هنن کي محنت جو پورو اجورو ٿو ملي نه تعليم ۽ صحت جي سهوليت ٿي ملي نه ضمير مطابق ووٽ ڏيڻ جو حق ٿو ملي. هن نظام ۾ غريب جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ غريب پيو ٿئي ۽ امير اڃان به وڌيڪ امير پيو ٿئي پر ياد رکو هن دنيا ۾ اناج سبزيون ۽ فروٽ، مرغي مڇي ۽ گوشت، جتيون ڪپڙا، تيل سيمينٽ روڊ رستا ڪارخانا ۽ بلڊنگون هنن غريبن هارين ۽ مزدورن جي محنت سان موجود ۽ روان دوان آهن. هي غريب اناج پيدا ڪن ٿا هنن جا ٻچا بکيا آهن، ڪپڙا پيدا ٿا ڪن هنن جا ٻچا اڌ اگهاڙا آهن. هن بدمعاش وڏيرڪي نظام ۾ هنن غريبن سان وڏو ظلم ٿو  ٿئي. ادا مون کي سندس ڳالهه دل سان لڳي مون اٿي کيس ڀاڪر پاتو اسان گڏجي نعرو هنيو  “دنيا جو پورهيتو ٻڌي ڪريو هڪ ٿي وڃو ۽ پنهنجا حق وڏيرن ۽ سرمايدارن کان وڙهي وٺو.” مون کي فيض احمد فيض جو هي بيت ياد اچي ويو.
هم محنت کش جگ والون سي جب اپنا حصه مانگين گي
اک باغ نهين اک کهيت نهين هم ساري دنيا مانگين گي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *