تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

غير محفوظ بڻيل ٻارڙا

گهر کان وٺي شهر تائين، روڊ کان وٺي مارڪيٽ تائين،تعليمي ادارن کان وٺي آفيس تائين نه عورت محفوظ آهي نه ئي ٻن سالن جي معصوم کان وٺي نوجوان ڇوڪري، ۽ معصوم ڇوڪرا. هڪڙا جنسي بگهڙ آهن جيڪي هر هنڌ عورتن جي عصمت ۽ معصومن جي معصوميت کي چيهاڙي رهيا آهن ۽ انهن جي حياتين کي چٻاڙي رهيا آهن،پر قانون آهي جيڪو گهري ننڊ ۾ آهي ۽ اهڙن وارداتن بعد به پاسو نه ٿو ورائي، موٽروي واقعي ۾ ته حد ڪئي وئي جو جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران رهندو ميڊيا کي پابند ڪيو ويو ته اها ان معاملي تي ڪا به خبر شايع يا نشر نه ٿي ڪري سگهي.جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته واقعن کي ٿيڻ کان روڪڻ بدران انهن کي دٻائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اهڙن واقعا ٿيڻ جي سببن تي ڳالهائڻ بدران ماٺ يا خاموشي ڪري ڄڻ ته انهن جي واڌ کي هٿي ڏني ٿي وڃي.
ٻارڙن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ هڪ اين جي او رپورٽ ڏني آهي ته گذريل ڇهن مهينن دوران ٻارڙن خلاف ڏوهن ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جنهن ۾ کين اغوا ڪرڻ کان وٺي جنسي زيادتي ۽ قتل جهڙا ڏوهه به شامل آهن جيڪي 53 سيڪڙو ڇوڪرين ۽ 47 سيڪڙو ڇوڪرن خلاف ٿيا آهن ۽ اهي اهڙا ڪيس آهن جيڪي رپورٽ ٿيل آهن جڏهن ته ڪيترا اهڙا ڪيس هوندا جيڪي رپورٽ ٿي ئي نه سگهيا هوندا يا نه ڪرايا ويا آهن.جنهن ڪري اصل انگ اکر انهن کان تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ اهڙن ڪيسن کي ڏوهه سمجهڻ بدران بدنامي سمجهي لڪائڻ يا دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ جوابدار پڪڙ يا قانون کان آجا ٿي ٻيا شڪار ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن.
هڪڙي ڏينهن ۾ ٻارڙن سان زيادتين جا ڪيترا ئي ڪيس اخبارن ۾ رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ دادو ۾ سهيلي ئي پنهنجي سهيلي خلاف جنسي زيادتي جي ڪيس ۾ سهولتڪار ٿي آهي ،چارسده ۾ ٻن سالن جي معصوم ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي،ڪراچي ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن بهاولپور ۾ گهر جي ملازم هٿان معصوم ٻالڪ بدفعلي جو شڪار ٿيو آهي سرهاڙي ۾ هڪ مولوي ٻارڙي سان بدفعلي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي ،ڇاڇري ۾ چوٿين درجي جي شاگرد سان اجتماعي بدفعلي ڪري ان جي وڊيو ڀري وائرل ڪئي وئي،اهي ته هڪڙي ڏينهن جا ڪيس آهن جيڪي اخبارن رپورٽ ڪيا آهن جنهن ۾ مدرسي جي مولوي کان وٺي گهر جا ملازم ۽ سهيلي جا ڀائر ڪيسن ۾ ملوث آهن جنهن جو مطلب ته ٻارڙا ڪٿي به محفوظ ناهن پنهنجي مٽن مائٽن ،ملازمن ۽ مدرسي جي مولوين جو به شڪار ٿين ٿا اڪثر ڪري اهڙن ڪيسن ۾ ٻارڙن سان ويجها رهندڙ ماڻهو ئي ملوث هوندا آهن.
سنڌ ۾ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ته ٿيل آهي ۽ انهي قانونسازي تحت صوبي جي 29 ضلعن ۾ ٻارڙن جي تحفظ جا يونٽ به قائم ٿيل آهن پر صحيح ڄاڻ نه هجڻ ۽ ڪيسن جي پوئيواري نه ٿيڻ ڪري ڄڻ ته اهي عملي طور بي فائدي بڻيل آهن .
اسان سمجهون ٿا ته اها رياست ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته ٻارڙن سان ٿيندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ماڻهن ۾ لڳاتار بنيادن تي هڪڙي سجاڳي مهم هلائڻ گهرجي ته ٻارڙن سان اهڙا ٿيندڙ واقعا لڪائڻ بدران قانون جي آڏو آڻڻ گهرجن ۽ اهڙا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مائٽن ۽ ماڻهن کي همٿائڻ گهرجي.جڏهن ته هر ضلعي ۾ مردن توڙي عورتن تي ٻڌل پوليس جا اسپيشل يونٽ ٺاهڻ گهرجن جيڪي رڳو انهن ڪيسن جي پوئيواري ڪن ۽ متاثر ٻارڙن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن.حڪومت جي به ذميواري آهي ته اهي اهڙن ڪيسن کي دٻائڻ بدران جلد کان جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪري جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي۽ ماڻهن جو قانون تي اعتماد بحال ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *