تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

فريال ٽالپر  جي سجاول جي دوري ۾ لڪل پيغام!!

ھونئن به پيپلز پارٽي جي سياسي سرگرمين جا مرڪز سندن ھائوسز ئي رھيا آھن، ڪٿي زرداري ھائوس آھي ته ڪٿي بلاول ھائوس ۽ ڪٿي وري بختاور ھائوس آھي. اھڙي ريت ٺٽي ۾ وري محسن ھائوس جي نالي سان پيپلز پارٽي جو ھڪ ھائوس موجود آھي، جنھن جو انتظام هڪ ايم پي اي سنڀاليندو آھي، جيڪو اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو. سياسي اڳواڻن کان مختلف وقتن تي اھي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ آيون آھن ته ٺٽي ۾ تعمير ڪيل محسن ھائوس ٽن ضلعن ٺٽو، بدين ۽ سجاول جي سياسي سرگرمين جو محور ھوندو. ھتي پ پ قيادت جا مک ماڻھو وقت بوقت اچي ويھندا ۽ ھنن ٽن ضلعن جي سياسي صورتحال کي مانيٽر به ڪندا ۽ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون وينديون. ٺٽي ۾ محسن ھائوس ٺهڻ بعد اندازو اھو لڳايو ويو ھو ته پ پ جي مرڪزي توڙي صوبائي قيادت جي ڪا به اھم شخصيت جڏھن به ھتي ايندي تڏھن ان جو ٿاڪ اھو ٺٽي وارو محسن ھائوس ئي ھوندو پر تازو جڏھن پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ٺٽي پھتي ته صورتحال عام اندازي جي ابتڙ ٿي پئي ھئي.
ظاھري طرح ته فريال ٽالپر ٺٽي ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت حسين شاھ شيرازي جي والده جي وڇوڙي تي ساڻن تعزيت ڪرڻ لاءِ آئي ھئي، پر گڏوگڏ کيس ڪراچي ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ لاڙ پٽي جي پ پ اڳواڻن سان پڻ گڏجاڻي ڪرڻي ھئي، سو جڏھن شيرازين جي تڏي تي ساڻن تعزيت ڪرڻ بعد فريال ٽالپر پ پ اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ کين گھرايو ھو تڏھن ھتان جي عام ماڻھن، پ پ ڪارڪنن توڙي سياسي مبصرن جو اندازو ھو ته اھو اجلاس محسن ھائوس تي ئي ڪيو ويندو، پر فريال ٽالپر محسن ھائوس کي ڇڏي، مڪلي تي ملڪاڻي ھائوس تي پھچي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ کين ھدايتون ڏنيون ته ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ وڌ کان وڌ ماڻھو آڻي جلسي کي ڪامياب ڪرايو وڃي. فريال پاران ڪوٺايل ھن اجلاس ۾ ٽنھي ضلعن بدين، سجاول ۽ ٺٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ مک پارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيا. اھڙي صورتحال بعد سجاول ۽ ٺٽي جي ماڻھن ۾ بحث شروع ٿي ويا آھن ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن ته اها گڏجاڻي ملڪاڻي هائوس تي ڇو ٿي؟ محسن هائوس، شيرازي هائوس يا صادق ميمڻ جي رھائشگاھ تي ڇو نه سڏايو ويو.
ڪجھه تجزيانگارن جو خيال آھي ته فريال ٽالپر جو ٺٽي وارو دورو معني خيز ھو، اھو دورو صرف شيرازين سان تعزيت ڪرڻ ۽ ڪراچي واري جلسي بابت ڳالھه ٻولھه ڪرڻ لاء نه ھو، پر ان دوري پويان ٺٽي، بدين ۽ سجاول جو سياسي پسمنظر پڻ ھو. چيو پيو وڃي ته فريال ٽالپر جو ھي دورو ٽنھي ضلعن جي اڳواڻن لاء پڻ ھڪ پيغام ھو، ھڪ سادو پيغام اھو پڻ ھو ته مستقبل ۾ ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سياسي سرگرمين لاء پ پ جو محور ٺٽو ھوندو ۽ مبصرن موجب ٻيو ھڪ خاص ۽ لڪيل پيغام اھو پڻ ھو ته في الحال پ پ قيادت پاران ملڪاڻين کي وڌيڪ اھميت ڏني پئي وڃي. پر ڪجھه تجزيانگار جيڪي الٽي اک رکن ٿا انھن اھو پڻ چيو آھي ته ھاٿي جا ڏند ڏيکارڻ لاء ھڪڙا ۽ کائڻ لاء وري ٻيا ھوندا آھن، ان ڪري ان امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگھجي ته قيادت جو اصل نور نظر ڪو ٻيو ھجي ۽ ظاھري طرح ڪنھن ٻئي تي ھٿ رکيو ويو ھجي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سموريون لڪيل سياسي رمزون پاڻ ئي ظاھر ٿي اڳيان اچي وينديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *