Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_80s924ou6ot0vfk3k3c40uf8mp, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
قبضا ختم ٿيڻ تائين ڪراچي ٻڏندو رهندو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar قبضا ختم ٿيڻ تائين ڪراچي ٻڏندو رهندو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

قبضا ختم ٿيڻ تائين ڪراچي ٻڏندو رهندو

ٻنهي ندين، جبلن جي هنجهه ۽ سمنڊ جي ڪناري تي آباد ڪراچي شهر برساتن جي لپيٽ هيٺ آهي، شهري منصوبابندي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي دنيا جي انهن چند شهرن ۾ آهي جن جي 30 سيڪڙو آبادي شهري منصوبا بندي تحت رهي ٿي جڏهن ته 70 سيڪڙو آبادي ڪچين ڪالونين، قديمي ڳوٺن ۽ لينڊ مافيا جي قبضا ڪري بنا رٿابندي جي اڏيل علائقن ۾ رهي ٿي. ڪراچي دنيا جي انهن ٿورن شهرن ۾ پڻ شامل آهي جن جي آبادي انتهائي تيزي سان وڌي ٿي ان ڪري هڪڙي برسات ئي هن شهر جي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏي ٿي. جاگرافيائي حوالي سان ڪراچي جي هڪ طرف کيرٿر جا جبل آهن جن جون برسات جي ڏينهن ۾ نيون وهي اچن ٿيون جڏهن ته ٻئي پاسي ٻن طرفن کان سمنڊ آهي جنهن جي ڪنارن تي قبضا آهن، هن شهر جي نڪاسي جو پاڻي قدرتي طور ٻن وڏين ندين ملير ۽ لياري ذريعي نيڪال ٿيندو رهيو آهي ۽ انهن ندين توڙي نين جي مٿان ورهاڱي بعد ٿيل قبضن ندين ۽ نين جا پيٽ سوڙها ڪري ڇڏيا جو هاڻ اتان پاڻي جو گذر مشڪل بڻيل آهي. پاڻي ڇاڪاڻ ته پنهنجو گس پاڻ ٺاهيندو آهي انڪري ڪراچي شهر ۾ جڏهن برساتون پون ٿيون ته برساتي پاڻي ندين ۽ نالين تي قبضا هئڻ سبب رستن بازارن ۽ پاڙن جو رخ ڪري ٿو ۽ پوءِ پوري ميڊيا هن ديس جا سڀ ڏک تڪليفون وساري ڪراچي جو روئڻ شروع ڪري ٿي.ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ڪراچي ۾ تازين برساتن جاني ۽ مالي نقصان ناهي ڪيو خاص طور ندين ۽ نالن مٿان اڏيل سمورن ڪالونين ۽ ڪچين آبادين ۾ سوين گهر پنهنجي لپيٽ ۾ آندا آهن ويندي ڪراچي جو مرڪزي ضلعو جنهن تي متحده قومي موومنٽ جي اقتداري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ خرچ ٿيو بقول مصطفيٰ ڪمال جي ته مون پنهنجي ناظمي دور ۾ صرف ضلعي سينٽرل تي 300 ارب رپيا خرچ ڪيا ان ضلعي ۾ ناظم آباد به اچي ٿو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ناظم آباد اندر سمورن نالن تي قبضا ڪري دڪان ۽ بازارون تعمير ڪيون ويون آهن. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته جنهن شهر جي ميونسپل نظام هلائيندڙ مڪاني ادارن واري کاتي جي هيڊ آفيس به نالي مٿان قبضو ڪري تعمير ٿيل هجي ،ان شهر اندر برساتون تباهي نه آڻينديون ته ڇا آڻينديون؟ هي ڳالهه آئون نه ٿوڪيان پر خود وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني اداريواري وزير جي موجودگي ۾ ميڊيا آڏو ڪئي. ٻيو ته ٺهيو پر وزير مينشن جنهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪڙي الڳ حيثيت حاصل آهي اها به هڪڙي نالي مٿان تعمير ٿيل آهي.
ڪراچي ۾ جيڪا برسات پئي آهي ان بابت چيو پيو وڃي ته هڪ سو سال جو رڪارڊ تازين پيل برساتن ٽوڙي ڇڏيو آهي، برسات دوران سڀ کان وڌيڪ پاڻي سرجاڻي ٽائون، يوسف ڳوٺ ۽ اورنگي ٽائون ۾ 4 فٽن تائين بيٺل رهيو جنهن سبب انهن علائقي واسين جو لکين رپين جو نقصان به ٿيو برسات ماڻهن جي گاڏين سميت گهر ۾ پيل سامان به لوڙهي ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ ريڊزون وارن علائقن جي صورتحال به تمام گهڻي خراب رهي. هنن برساتن سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ، گورنر هائوس، سي ايم هائوس کي به ٻوڙي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر پاسپورٽ آفيس ۽ صدر وارن علائقن جو پاڻي ڪاهي پيو جنهن سبب هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جمع رهيو. سنڌ سيڪريٽريٽ سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل نظر آيو سنڌ اسيمبلي جي روڊ تي 4 فوٽن جو پاڻي بيٺل رهيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون گاڏيون سنڌ سيڪريٽريٽ وٽ بند ٿي رهيون هيون پ، ڪجهه ماڻهن جون گاڏيون ته اتي ترندي نظر آيون، برساتن جو پاڻي سرڪاري آفيسن ۾ به ڪاهي پيو پر انتظاميا انهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪٿي به نظر نه آئي.
ڪالهه شام 5 وڳي کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير سان گڏ ڪراچي جي روڊن تي نڪتو ته سموري مشينري ايڪٽو ٿي وئي ۽ برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو. پر هن وقت تائين ڪراچي جي ڪچن علائقن ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ موجود آهي ان پاڻي بيهڻ جا سبب نالن ندين تي قبضا ئي آهن جو ڪجهه ڪلاڪن جي برسات پوري ڪراچي شهر کي مفلوج بڻائي ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به خاص طور هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيٺل رهيو خاص طور ناظم آباد، سرجاڻي ٽائون، گڏاپ ٽائون، يوسف ڳوٺ، لياري، بلوچ ڪالوني، ڪورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي بيٺل رهيو پر شهر جي مرڪزي علائقن مان پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو. ڪراچي ۾ هي برسات ڇا پر جيڪا به برسات ايندي اها ان وقت تائين نقصان ڪندي رهندي جيستائين هن شهر جي ندين ۽ نالن تان قبضا ختم نه ٿا ڪرايا وڃن.
انهن قبضن خالي ڪرائڻ لاءِ هڪڙي انتهائي بي رحم آپريشن جي ضرورت آهي جيڪو سياسي مصلحتن سبب نه ٿو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ جيڪا برسات پوندي آهي ان کي پاڪستان جي ميڊيا ۽ ڪراچي ۾ بنياد رکندڙ سياسي پارٽيون الڳ طريقي سان ڏسنديون آهن ۽ ان ڪري ڪراچي ۾ نه ته مڪاني ادارن جي هزارين گوسڙو ملازمن کان ڪم وٺڻ آسان آهي نه ئي قبضا خالي ڪرائڻ آسان آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مڪاني ادارن جو اڳوڻو صوبائي وزير سعيد غني توهين عدالت جون شنوائيون ته ڀوڳي رهيو آهي پر هو چئي چڪو آهي ته قبضا خالي ڪرائڻ ان جي وس ۾ ناهي، نه رڳو سعيد غني پر پ پ جي موجوده حڪومت ڪراچي اندر ندين ۽ نالن مٿان آباد هزارين گهر ۽ دڪان ڊاهي پنهنجي لاءِ ڪي وڏا مسئلا پيدا ڪرڻ نه ٿي چاهي ان ڪري ڪراچي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو حل ٿيڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ڪراچي ۾ توڙي جو نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي آندو ويو آهي ۽ ان اٿارٽي جي واڳ هن وقت پاڪستان جي طاقتور ادارن وٽ آهي جيڪڏهن اين ڊي ايم اي نالا صاف ڪرڻ دوران وفاقي سرڪار آڏو اها تجويز رکي ته جيستائين ڪراچي جي نالن مٿان قبضا خالي نه ٿيندا تيستائين ڪراچي ۾ جيڪي به برساتون پونديون انهن جو پاڻي بازارن، گهرن ۽ مارڪيٽن جو رخ ڪندو رهندو اهڙي تجويز بعد اگر وفاقي سرڪار سچي ٿئي ۽ ڪراچي جون سياسي پارٽيون ان فيصلي سان گڏجي بيهن ته ڪراچي اندر برساتن کان بچڻ لاءِ اپاءُ ٿي سگهن ٿا. ڪراچي جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو حل صرف هڪڙو ئي آهي ته لياري ۽ ملير ندين سميت سموري برساتي نالن مٿان قبضا خالي ڪرايا وڃن، گڏوگڏ ڪراچي جي ميونسپل ادارن ۾ جيڪي هزارين گوسڙو ملازم آهن انهن کان يا ته ڪم ورتو وڃي يا انهن کي فارغ ڪري انهن جي جاءِ تي اهڙا ملازم رکيا وڃن جيڪي انهن نالن جي صفائي ڪن ۽ شهر ۾ جيڪو گند ڪچرو گڏ ٿئي ٿو جيڪو انهن نالن ۾ اڇليو وڃي ٿو اهو اتان کڻي ڪنهن مناسب هنڌ تي پهچائين جيستائين مستقل حل نه ڪڍيو ويندو تيستائين ڪراچي ۾ برساتون ٽي وي چينلن جي هيڊلائين ۽ سياسي پريس ڪانفرنس جو موضوع رهنديون شهري ايئن ئي تڪليفن مان گذرندا رهندا.
ڪراچي ۾ جيڪي برساتون پون ٿيون، انهن جا اثر هن مُلڪ جي ٻين شهرن ۾ پوندڙ برساتن کان ڪجهه ان ڪري مختلف هجن ٿا جو هتان جي برسات مقامي ماڻهن اندر ويڇا به کڻي اچي ٿي، ڪجهه سازشي ماڻهو برساتي پاڻي جو بهانو ٺاهي مُلڪ جي قديم وحدتن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا ۽ فوري طور ڪجهه سازشي ماڻهو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي به ڳالهه ڪن ٿا، ان ڪري خود موجوده صوبائي سرڪار کي ان مسئلي تي سوچڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي مُلڪ جو سڀ کان وڏو صنعتي، ڪاروباري ۽ رهائشي شهر آهي ان ڪري هاڻي جڏهن سنڌ ۽ وفاق گڏجي ڪراچي ڪميٽي ٺاهي آهي ته سنڌ سرڪار ان ڪراچي ڪميٽي جي نالي تي پنهنجي ووٽرن کي ناراض ڪيو آهي ۽ هيڏي وڏي تنقيد برداشت ڪئي ته پوءِ هاڻي وفاق کان ان جو اجورو به وٺڻ گھرجي. اهي سڀ وڏا منصوبا جيڪي ڪراچي سان تعلق رکن ٿا انهن بابت وفاق کان فنڊ به وٺڻ گھرجن ۽ منصوبا وقت سِر مڪمل ڪرڻ گھرجن. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ بابت سچي آهي ۽ اها ڪراچي لاءِ اعلانيل پيڪيج ڏيڻ سان گڏ شروع منصوبن کي مڪمل ڪرائي ٿي ته ڪراچي جا اڌ مسئلا حل ٿي ويندا.
ڪراچي جي برسات تي عملي ڪم بدران سموريون سياسي پارٽيون سياست ڪن ٿيون، گٽر اُٿلي گھرن ۾ وڃن ٿا، نالا پلٽي بازارن ۾ اچن ٿا، سياسي پارٽين جا چونڊيل نمائندا انهن گٽر ۽ نالن جي ڀر ۾ بيهي سيڪلفيون ڪڍرائي ويڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي سِڌو پنهنجي سياسي هائوسن ۾ اچي پريس ڪانفرنسون شروع ڪن ٿا پر انهن مان ڪو به مُڙي وڃي نالن جي صفائي لاءِ ڪم نه ٿو ڪري، ڪراچي ۾ 30 کان 40 سالن تائين مڪاني ادارن جو نظام متحده قومي مومينٽ وٽ رهيو، جنهن جون سياسي جڙون شهر سان ئي آهن، اڄ جڏهن برساتن جو پاڻي ڪراچي شهر ۾ ڪاهي پيو آهي ته ايم ڪيو ايم الڳ صوبي جي ڳالهه ته ڪري ٿي پر اهو نه ٿي ٻڌائي ته انهن ايڏي وڏي عرصي تائين ڪراچي جي ميونسپل نظام کي بهتر ڇو نه ڪيو؟ ايم ڪيو ايم جڏهن پنهنجي عروج ۾ هئي تڏهن اگر چاهي ها ته ڪراچي جي ندين ۽ نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ سندن ساڄي هٿ جو کيل هو. جهڙي ريت لياري ايڪسپريس وي ٺهڻ وقت ايم ڪيو ايم اپاءُ ورتا ته فوري طور لياري ندي جي ڪناري تان قبضا خالي ٿي ويا. خود پي ٽي آءِ جا جيڪي هن وقت چونڊيل نمائندا آهن اهي ماضي ۾ متحده کان ئي شڪايتون ڪندا رهيا. پر هاڻي ڇاڪاڻ ته سندن وفاق ۾ حڪومت آهي ۽ سنڌ ۾ هُو اپوزيشن ۾ آهن، ان ڪري سندن الزامن جو به سڄو زور صوبائي حڪومت مٿان آهي. اهي سڀ پارٽيون ۽ ادارا اگر پريس ڪانفرنس ۽ الزام تراشين جي اسٽيج تان هيٺ لهن ته تڏهن به هن شهر جو ڀلو ٿي سگھي ٿو.
ڪراچي جي آبادي انتهائي تيزي سان وڌي رهي آهي جهڙي ريت موٽروي جي ٻنهي پاسن کان آباديون ۽ وڏيون هائوسنگ اسڪيمون ٺهي رهيون آهن جيڪي زري گھت نوري آباد سان وڃي ڇيڙو ڪن ٿيون، انهي سڀني آبادين لاءِ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال واري نظام جي ضرورت پوڻي آهي. تنهن ڪري نه رڳو صوبائي سرڪار پر خود وفاقي سرڪار اهو سمجھي ٿي ته ڪراچي شهر مُلڪ لاءِ سونا بيضا ڏيندڙ مرغي آهي ته ان شهر جي زندگي بچائڻ لاءِ به فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان وفاقي پي ايس ڊي پي جي 8 کان 10 سالن جو رڪارڊ کڻي ڏسنداسين ته شهر لاءِ جيڪي به 3 کان 4 وڏا منصوبا شروع ڪيا ويا اهي اڃا تائين مڪمل ناهن ٿي سگھيا. نه هن شهر جي ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪيولر ريلوي وارو منصوبو مڪمل ٿي سگھيو آهي نه ئي هن شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي فور منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا مڃتا ملي آهي. هن شهر جي ڪچري کڻڻ لاءِ جڏهن ڪراچي جي صفائي واري عملي ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ته چائينيز ڪمپني کي ٺيڪا ڏنا ويا. ڪچري جي استعمال لاءِ بورڊ جوڙيا ويا. پر عمل جي ميدان تي ڪاري وارا ڪک ئي نظر اچن ٿا. ان ڪري ڪراچي ۾ گذريل جيڪا برسات پئي آهي ان ڀلي غريبن جا گھر ٻوڙيا هجن جاني ۽ مالي نقصان ڪيو هجي پر گڏوگڏ وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارن جي روين تان پردا پڻ هٽرايا آهن. هن شهر لاءِ هڪ بي رحم پاليسي جي ضرورت آهي جيئن مون پهريان به لکيو آهي ته سڀ کان اڳ انهن نالن ۽ ندين تي آباد لکين ماڻهن تي اتان لڏائي انهن نالن کي پاڻي کڻڻ جو ڪم ئي ڏنو وڃي. گڏوگڏ ماضي جي سياسي حڪومتن هزارين گوسڙو ملازم ڀرتي ٿيا انهن خلاف پڻ ڪاروائي ٿئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *