تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

قبضا مافيا، شهرين جون تڪليفون ۽ انتظاميا

دادو ضلعي جو واپاري ۽ آدمشماري جي لحاظ کان ٻيو نمبروڏو شهر ميهڙ جيڪو روز ڦر ۽ چوري جي واقعن ڪري سماجي طور عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي، اتي ميهڙ شهر ۾ ناجائز حددخلين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ميهڙ شهر پنهنجي ماضي واري سونهن ۽ خوبصورتي وڃائي ويٺو آهي. شهر جي ورتل جائزي موجب ميهڙ شهر جي مختلف روڊن ۽ رستن، واپاري مرڪزن ۽ بازارن ۾ غير قانوني حددخلين سبب روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، جنهن سبب خريدارن توڙي عام ماڻهن جي پريشاني وڌي وئي آهي. بازارن ۾ دڪاندارن پنهنجي دوڪانن آڏو صندل رکي دڪا ٺاهي هڪ دڪان سان گڏ ٻيا دڪان ٺاهي ڇڏيا آهن. ميهڙ شهر جي ريشم گلي، ڪريانه بازار، بوٽ بازار، شاهي بازار، اناج بازار، سبزي بازار، ميهڙ شهر جي وچ مان گذرندڙ مين روڊ جوگهنٽا گهر چوڪ، گاهي مهيسر چوڪ، فريدآباد اسٽاپ، گاجي کهاوڙ اسٽاپ، ٻيٽو چوڪ، دعا جي هٿ ۽ ٻين روڊن سان ناجائز حد دخلين ڪري شهر جا اچ وڃ جا نه رڳو روڊ سوڙها ٿي ويا آهن پر ناجائز حددخلين سبب عوام کي خريداري ڪرڻ لاءِ سخت پريشاني پيش اچي رهي آهي. جڏهن ته دڪاندارن پاران ناجائز حددخلين، اڏاوتن سان گڏ پنهنجي دڪانن آڏو فروٽ، سبزي ۽ ٻيو سامان وڪرو ڪندڙ گاڏن وارن کي ماهوار ۽ هر روز الڳ الڳ مسواڙ تي ڏئي واپار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
حددخلين سبب نه رڳو ميهڙ شهر پر ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن مان بازارن ۾ خريداري ڪرڻ يا ڊاڪٽرن  کان اعلاج ڪرائڻ لاءِ ايندڙ مردن عورتن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. معصوم ٻارن، شاگردن، شاگردياڻين کي گهرن کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهرن ڏانهن اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿي رهي آهي.
ميهڙ جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ مسئلو اويڪيو ٽرسٽ جي دوڪانن ۽ دوڪانن اڳيان پلاٽن تي قبضي مافيا گروپن پاران زبردستي قبضا ڪرڻ ۽ قبضن جي ڪوشش ڪرڻ وارن عملن جو آهي جنهن شهرين کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو آهي. ان سان ميهڙ شهر ۾ اريگيشن جي رهائشي ۽ آفيسن جي پراڻين بلڊنگن سميت صوبائي ۽ ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي جي عملدارن جي آفيسن ۽ گهرن سميت روينيو، پوليس کاتي جي ڪروڙين روپين جي ماليت جي پلاٽن تي سياسي قبضي مافيا پاران گهر ۽ شاپنگ سينٽر ٺاهي وڪرو ڪرڻ وارو رجحان وڌي ويو آهي. ان عمل سان وري سياسي قبضي مافيا ۾ جهيڙا ٿيڻ عدالتن ۽ ٿاڻن تي هڪ ٻئي خلاف ڪيس ڪرڻ ڪري ميهڙ شهر جو امن امان خراب ٿي رهيو آهي.
ميهڙ شهر ۾ اويڪيو ٽرسٽ اوقاف کاتي مختلف سرڪاري کاتن جي عمارتن تي قبضن ۽ انهن تي ٿيندڙ تڪرارن جو ميهڙ پوليس سميت مختلف ادارن جي انتظامي عملدارن پاران ڪوبه نوٽيس نه وٺڻ ڪري نه رڳو جهيڙا معمول بڻيل آهن، پر ان سان ماضي جو پرامن ۽ خوب صورت شهر ميهڙ اجڙي تباه ٿي ويو آهي. ميهڙ شهر جي سڄاڻ ڌرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر مان ناجائز حددخلين سان گڏ اويڪيو ٽرسٽ جي پراپرٽين ۽ ٻين سرڪاري جاين تي قبضا ختم ڪرائي شهرين کي تڪليفن کان نجات ڏياري وڃي. ميهڙ شهر کي پر امن ۽ خوبصورت شهر بنايو وڃي. ميهڙ مان چونڊيل ايم پي فياض علي ٻٽ ۽ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري کي گهرجي ته ميهڙ شهر ۾ ٿيل ناجائز حد دخلين اڏاوتن ۽ اويڪيو ٽرسٽ جي شهرين کي الاٽ ٿيل پراپرٽين تي قبضو ڪندڙ ڌرين خلاف ڪاروائي ڪرائڻ ۾ عوام ۽ انتظاميا سان سهڪار ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *