تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

قحط الرجال ۾ مولانا عادل جو وڇوڙو

ڪراچي ۾ تازو ديني حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ مولانا ڊاڪٽر محمد عادل خان کي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. مولانا سان گڏ سندس ڊرائيور به شهيد ٿي ويو. مولانا پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ جاءِ تي جڏهن سندس گاڏي بيٺي ته جوابدارن کيس نشانو بڻايو. ڪراچي ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جي قتل جي هي تازي واردات ان دور جي ياد ڏياري ٿي جڏهن علم ۽ ڏاهپ سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي تسلسل سان حدف بڻائي قتل ڪيو ويندو هو. ڪراچي ۾ ئي ٻين ڪيترين ئي علمي شخصيتن کي قتل ڪيو ويو هو. بلوچستان ۾ به هڪ وقت آيو هو جو چونڊي چونڊي علمي شخصيتن کي قتل ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان مولانا عادل جي قتل تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي ڀارت جي سازش آهي ته پاڪستان ۾ ديني شخصيتن کي قتل ڪرائي مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ويڙهائجي. ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ شهيد ڪيل مولانا ڊاڪٽر محمد عادل خان جي عمر 63 سال هئي، مرحوم عالم اسلام جي مشهور علمي شخصيت شيخ الحديث مولانا سليم الله خان جو وڏو پٽ هو. 1973ع ۾ ديني درسگاهه جامعه فاروقيه مان ئي سند حاصل ڪئي، ڪراچي يونيورسٽي مان 1976ع ۾ بي اي هيومن سائنس، 1978ع ۾ ايم اي عربي ۽ 1992ع ۾ اسلامڪ ڪلچر ۾ پي ايچ ڊي ڪئي، 1980ع (اردو، انگريزي ۽ عربي) ۾ ڇپندڙ رسالي الفاروق جو هيل تائين ايڊيٽر رهيو. تحريڪ سواد اعظم ۾ پنهنجي والد محترم مولانا سليم الله خان سان گڏ بيٺل رهيو، 1986ع کان 2010ع تائين جامعه فاروقيه ڪراچي جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ ان ئي دوران هن پنهنجي والد سان گڏجي جامعه جا کوڙ تعليمي ۽ تعميري منصوبا پورا ڪيا پوءِ ڪجهه وقت آمريڪا ۾ رهيو، جتي هڪ وڏو اسلامي سينٽر قائم ڪيائين. مولانا ڊاڪٽر محمد عادل خان ملائيشيا ڪوالالمپور جي مشهور يونيورسٽي ۾ 2010ع کان 2018ع تائين معارف الوحي ۽ انساني علوم ۾ بطور پروفيسر خدمتون انجام ڏنيون. پنهنجي سڃاڻپ رکندو هو. مولانا پنهنجي شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هڪ خطاب ۾ چيو هو “ساٿي ذڪر ڪري رهيا هئا ته اسان جا عالم تيزي سان وڃي رهيا آهن. هي ڇا ٿي رهيو آهي. مون چيو ته اها ڳالهه آهي ته مان پنهنجي گهر ان کي گهرائيندو آهيان جنهن سان مون کي محبت هوندي آهي. الله رب العزت انهن کي گهرائي رهيو آهي جن سان الله رب العزت کي محبت آهي. اسان کي ان تي فخر آهي. اسان کي دنيا مان وڃڻو آهي. مون کي وڃڻو آهي. اوهان کي وڃڻو آهي، ايمان سان وڃي رهيا آهيون. الله جي نسبت تي وڃي رهيا آهيون ۽ دين جو ڪم ڪندي وڃي رهيا آهيون. اڄوڪي زماني ۾ حالتن جي گهرج آهي ان جو مقابلو ڪندي وڃي رهيا آهيون. مون کي ان موت تي فخر آهي” ايئن محسوس ٿئي ٿو ته کيس الهام ٿي رهيو هو.
پاڪستان ۾ اهو الميو آهي ته علم ۽ ڏاهپ سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. ملڪي عنصر ڪري رهيا آهن يا پرڏيهي، ان سان ڪنهن کي مطلب ناهي. هي حڪومت جي ذميواري آهي ته ان جون ايجنسيون واقعو پيش اچڻ کان اڳ ئي پتو لڳائين، وقت کان اڳ ماڻهن کي آگاهه ڪن ۽ انهن جي حفاظت جو ڳجهو انتظام به ڪن. اها ڪهڙي ڳالهه ٿي جو واقعو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ماڻهن کي واقعي جي ڏس پتن بابت ٻڌايو ۽ چئو ته ڀارت جي سازش آهي. ان کان انڪار ممڪن ناهي پر جيڪڏهن هي ڀارت جي سازش آهي ته حڪومت تي اهم ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته عالم سڳورن، علمي شخصيتن جي حفاظت جو انتظام ڪري. ضرور حفاظت ڪرڻ گهرجي. مولانا شام زئي صاحب کان ويندي اڄ تائين ڪنهن جي شهادت جا لڪل پر تصديق ٿيل سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن. حڪومت ۽ سياسي ۽ سماجي ۽ ديني شخصيتن جي ڪجهه بيانن کانپوءِ ڏينهن گذري وڃن ٿا ۽ ماڻهو به وساري ويهن ٿا. مرحوم مختار مسعود پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “واز دوست” ۾ ڊگهي مضمون قحط الرجال ۾ لکي ٿو “ڏڪار ۾ موت سان وڙهبو آهي ۽ قحط الرجال ۾ زندگي سان. موت جي ميڙ تي جشن ڏڪار آهي ته حياتي بي مقصد گذرڻ ڏاهپ جي کوٽ جي نشاني . هڪ عالم جو موت ناحق زحمت ته ٻيو زندگي ناحق تهمت بڻجي ٿي. آباديون، گهر ۽ زبانون خاموش. وڻ، ٽڻ ۽ چهرا مرجهايل. مٽي، موسم ۽ چپ خشڪ ڍنڍون ڍورا ۽ ڪاڪڙو سڪل. جتي پاڻي موجون هڻندو هو اتي واري اڏامڻ لڳي، جتن لاتون لنونديون هيون اتي باهه وسڻ لڳي. ماڻهو پهريان ٿڪجي پيا پوءِ بي حال. آباديون اجڙي ويون ۽ ويران ٿي ويون. زندگي اهو منظر ڏٺو ته ڪٿي پري نڪري وئي. نه ڪنهن کي ان جي خبر هئي نه ڪنهن کي ان جو پتو. هي ڏڪار ۾ زمين جو حال هو. دل جا بادل کلي وسيا، ننڍن ننڍن درياهن ۾ پاڻي چڙهي آيو. ڏسندي ئي ڏسندي ايئن جل ٿل ٿيو جو سڀ زرخيز ٿي ويا. دولت جي ٻوڏ آئي ۽ قناعت کي ڪک پن وانگر لوڙهي کڻي وئي. علم ۽ ڏاهپ درياءَ ڀيڙا ٿيا ۽ هوش ۽ عقل نشي پتي ۾ مدهوش . ڏينهن ڪم ڪار ۾ گذرڻ لڳو ۽ رات کائڻ پيئڻ ۾ . ڏينهن جي روشني ايتري ته تيز هئي جو اکيون کيريون ٿي ويون. رات جو گوڙ ايترو اوچو هو جو هر آواز ان ۾ ٻڏي ويو، قافلي دڳ ۾ ئي سفر جو سامان کولي ڇڏيو. ماڻهو خوشين جا شادمانا ڳائڻ لڳا، جڏهن ته منزل مراد اڃان پري هئي. زندگي اهو منظر ڏٺو ته ڪٿي پري نڪري وئي. نه ڪنهن کي ان جي خبر هئي نه ڪنهن کي ڪو پتو . هي قحط الرجال ۾ زمين تي رهندڙن جو حال هو. شاعر جيڪو هي حال ڏٺو ته نوحو لکيو:
“بي دلي هاءِ تماشا ڪه عبرت هي نه ذوق، بي ڪسي هاءِ تمنا ڪي نه دنيا هي نه دين”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *