تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو؟

هن سال برساتون هر سال پوندڙ برساتن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون پيون آهن، جنهن سبب سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، ان تباهي جو وڏي ۾ وڏو نقصان ۽ متاثر غريب پورهيت، هاري ناري ننڍا آبادگار ڏهاڙي تي مزدوري ڪرڻ وارا ماڻهو ٿيا آهن. هنن قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اسان وٽ سرڪاري يا غير سرڪاري سطح تي ڪا به منصوبا بندي يا ڪي به اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جو نه رواج آهي، نه ئي وري عادت آهي نتيجي ۾ اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ ناقص منصوبا بندي ، سرڪاري غير سنجيدگي ۽ لاپرواهي جي ڪري وڏو نقصان ٿئي ٿو. ماڻهو غير قانوني طريقن سان زمين خريد ڪن ٿا ۽ قبضا ڪري اتي پنهنجا گهر ٺاهن ٿا، خاص ڪري ڪراچي ۾ ته وري چائنا ڪٽنگ جي ذريعي ٿيل پلاٽنگ جي ذريعي نالن ۽ گٽرن مٿان ۽ انهن جي پاسن کان گهر ٺاهيا ويا آهن. جنهن سبب برساتن سبب پاڻي جا جيڪي قدرتي وهڪرا آهن اهي، بند ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري اڪثر اها شڪايت ڪئي ٿي وڃي جڏهن به مينهن ۽ برسات ٿيندي آهي ته شهرن ۾ روڊ ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويندو آهي، ڪراچي ۾ ته وري هٿن جي صفائي ڏيکاري گٽر بند ڪري پوءِ ان تي سياست ڪئي ويندي آهي.
ياد ٿو اچي ته جڏهن 2017 ع ۾ ڪراچي ويسٽ يونين ڪائونسل 38 ۾هڪ اين جي او ۾ پروجيڪٽ مئنيجر ايمر جنسي ريسپانس طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ، اسان جي ڪم ڪرڻ جا جيڪي علائقا هئا اهي سرجاني ٽائون، يوسف ڳوٺ هئا انهن علائقن ۾ صفائي سٿرائي جو ڪو خاص انتظام ناهي هوندو،ان وقت شهري ٻوڏ جي ڪري متاثر ٿيل 616955ماڻهن کي هنگامي حالتن ۾ جيڪي خدمتون فراهم ڪيون اهي هن طرح هيون . شهري ٻوڏ جو شڪار ٿيل متاثر ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي پيئڻ جو صاف پاڻي 15 ڏينهن تائين ڏنو ويو هو، جيڪو ٽئنڪرن ذريعي انهن تائين پهچايو ويو. ڪم جي شروعات علائقي جي متاثر ماڻهن جي سروي ڪري ڪئي ويئي هئي، جنهن لاءِ پندرنهن کان ويهن ماڻهن تي مشمل هڪ ٽيم هئي ، ڏينهن رات ڪم ڪيو، هن سلسلي ۾ هڪ اهم ڪم اهو به ڪيو ويو ته علائقي جي جيڪا پمپنگ اسٽيشن هئي ان کي ڪراچي سيوريج ۽ واٽر بورڊ جي فني معاونت ۽ تعاون سان ٻيهر فنڪشنل ڪيو ويو هيو، متاثر علائقن ۾ صحت ۽ صفائي جي لاءِ خاص ڪري هيلٿ ۽ کاڌ خوراڪ پهچائڻ وقت صحت جي اصولن جو خاص خيال رکيو ويو .
هن ۾ ڪجهه ڪم اهڙا به هئا جيڪي ماڻهن جي لاءِ تمام گهڻا فائديمند هئا ،مثال طور اهي ماڻهو جن جا گهر ڊهي پيا هئا انهن کي گهر جي مرمت لاءِ پئسا ڏنا ويا، اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن فطري مجبوري سبب لاچار هئا يا معذور انهن کي بغير ڪنهن شرط جي في خاندان ڪجهه رقم ڏني وئي ، ڪجهه ماڻهن کي ڪم جي عيوض پئسا ڏنا ته جيئن هو پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي سگهن. انهن لاءِ 40 گروپ ٺاهيا ويا هئا ۽ هر گروپ کي هڪ ڪٽ ڏني ويئي هئي. جنهن ۾ ٽرالي، بيلچا، ڪوڏر،۽ ٻيو صفائي وارو سامان، هن پروگرام۾ خاص طور تي بيواهه عورتن، يتيم ٻارن، ۽ عمر رسيده مردن ۽ عورتن کي به شامل ڪيو ويو هو.
هنن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي خاص اپاءُ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي سرڪار کي به وٺڻا پوندا ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت کي به وٺڻا پوندا، جيئن ڪجهه اسان وٽ اسان جي پاڙيسري ملڪن جاڪجهه ماڊل آهن ، اتي ڪميونٽي سطح تي ٽاسڪ فورس گروپ ٺاهيا ويندا آهن ۽ اسان کي سنڌ سطح تي ۽ ملڪي سطح تي پنهنجي مدد پاڻ تحت شروع ڪرڻ کپن جن جا ڪجهه نمونا هن ريت آهن. مقامي سطح تي ترتيب ڏنل هڪ منظم ٽاسڪ فورس گروپ جا ميمبر وقت بوقت گڏجي ويهندا ۽ ڳوٺ جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ ڳالھه ٻولھه ڪندا.
ٽاسڪ فورس گروپ جا ميمبر ڳوٺاڻي سطح تي هيٺيون قائم ڪندا .
1. صحت ۽ صفائي ڪميٽي: هي ڪميٽي ڳوٺ ۾ صفائي سٿرائي واري ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ، ڳوٺاڻي سطح تي، صفائي جو ڏينهن ۽ صفائي جو هفتو پنهنجي مقامي ڳوٺاڻي سطح تي ملهائيندا. جنهن ۾ ڳوٺ جون باشعور عورتون، مرد، نوجوان ۽ بزرگ شامل هوندا، جنهن ۾ ڳوٺ جون گهٽيون، ناليون صاف ڪرڻ ۽ گھرن کي صاف سٿرو رکڻ ۽ گھرن جو گند ڪچرو ڪنهن محفوظ هنڌ ضايع ڪرڻ هوندو.
2.تعليم ڪميٽي: هي ڪميٽي ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندي ڳوٺ جا پڙهيل لکيل ماڻهو، ڳوٺ جي اڻپڙهيل کي رضاڪارانا پڙهائيندا ۽ ساڳي طرح ڳوٺ جون پڙهيل لکيل عورتون اڻپڙهيل عورتن کي پڙهائينديون ساڳي طرح ٻارن جي تعليم کي يقيني بنايو ويندو.
3.هارين جي ڪميٽي:هن ڪميٽي ۾ ڳوٺ جا هاري مرد ۽ عورتون، زراعت سان لاڳاپيل پنهنجن مسئلن تي ويهي ڳالھه ٻولھه ڪندا ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪهڙا ڪهڙا فصل پوکي سگھجن ٿا ۽ ڪهڙي نموني انهن کي بچائي سگھجي ٿو.
4.امداد ۽ بچاءُ واري ڪميٽي:هي ڪميٽي هڪ خاص صورتحال ۾ مثال، ٻوڏ جي دوران، قدرتي آفت ۽ زلزلي جي دوران، باھه لڳڻ جي صورت ۾ متحرڪ ٿيندي جنهن ۾ ڳوٺ کي بچائڻ، ڳوٺ جي ماڻهن کي بچائڻ، انهن جي مدد ڪرڻ ۽ ڏکي صورتحال مان انهن کي ڪڍڻ، ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪرڻ شامل هوندو.
5.ڳوٺاڻي سطح تي رابطا ڪميٽي جو قيام:هي ڪميٽي ڳوٺ جي مقامي سطح تي يا علائقائي سطح تي ڪم ڪندڙ سڀني سياسي، سماجي تنظيمن سان رابطاڪاري ڪندي ۽ تنهن کان علاوه سڀئي واسطيدارن سان لھه وچڙ ۾ ايندي جنهن ۾ پوليس کاتو، صحت کاتو، تعليم کاتو، سماجي ڀلائي، علائقائي ترقياتي پروگرام جو ادارو،ميڊيا، مقامي، سياسي ۽ سماجي ڳوٺاڻن سان پڻ رابطاڪاري ڪندا.
مقامي ٽاسڪ فورس جا ميمبر ڳوٺ جي ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ گڏيل جدوجھد ڪندا وقت بوقت ڳوٺ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ گڏجاڻيون ڪندا. اهي سمورا ڪم مقامي سطح تي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿيڻ کپن ته جيئن سرڪار سان گڏوگڏ ماڻهو پنهنجو پاڻ بچاءُ ڪري سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *