Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_jdp4d53fke12gr40g8ja0ogiqv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
قصو بنا ليسڻ واري صحافت، ڊاڪٽري ۽ وڪالت جو!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar قصو بنا ليسڻ واري صحافت، ڊاڪٽري ۽ وڪالت جو!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

قصو بنا ليسڻ واري صحافت، ڊاڪٽري ۽ وڪالت جو!!

گذر سفر ايترو ڏکيو ٿي ويو جو ڇا ٻڌايان؟ حالت اهڙي هئي جو پڇ پٽي ڪن کي پيا کارايون ۽ ڪن پٽي پيا پڇ کي کارايون. پوءِ شابس هجي حسيب ڪانهيي صاحب کي جنهن بنا ليسڻ واري صحافت جو ڏس ڏنو. اها شروع ڪيم ته ڀاڳ اچي ڀاڪر پاتا، قسمت اچي قدمن تي ڪري، خوشحالي اچي کيڪار ڪئي.
طوطن ۽ طوطن ماءُ آرڊر تي پيا پيزا، برگر ۽ رول گهرائين. اسين غريب فيملي مان ڦري برگر فيملي ٿي پياسين پر مون اسان جي ضلعي جي نمائندي ڏي وٺ ڏنڀاڻي کي ڪمائي مان اڌ ڏيڻ جي بجاءِ آڱوٺو ڏيکاريو ته اهو ڇتو ٿي پيو ۽ اهڙي لٺ گهمايائين جو مونواري صحافت وئي پوري ٿي. پوءِ وري مون بنا ليسڻ واري ڊاڪٽري شروع ڪئي جيڪو مريض ور ٿي چڙهيو تنهن کي اٺ اٺ بوتلون ۽ ڇٽيهه ڇٽيهه نيليون پيليون سيون هڻي چار پنج هزار پئي ڪمايم.
آئون مٺو مهيري جي اٺ تي شهر مان بوتلن ۽ سين جا ٻورا ڀرائي کڻي ايندو هئس پر مونوارو ازلي دشمن قادن ڪوراڙ منهنجي خوشحالي ڏسي سڙي ڪار منهن ٿي پيو. تنهن ڇاپو هڻائي مونواري ڪلينڪ ئي سيل ڪرائي ڇڏي. پوءِ مون وري بنا ليسڻ واري وڪالت شروع ڪئي. هڪ همراهه خون ڪري آيو هو. آئون ان جو وڪيل ٿيس سڄي رات کيس سمجهايم ته خون قبول ناهي ڪرڻو. شنوائي تي کيس ڪوٽار قسم کڻائي چيو ته “بيان ۾ سچ ڳالهائجان! تنهن بيان ڏنو ته” جج صاحب خدا جو ڏينهن پيو آهي خون مون ڪيو آهي انهي سنهي وڪيل مون کان ٻه لک وٺي سڄي رات مٿو هنيو آهي ته خون قبول نه ڪريان. مون وارا دليل به قانون کان ٻاهر هئا اصل ڌراڙن وارا ڌڪ پئي هنيم. مخالف وڪيل مون کي بنا ليسڻ وارو وڪيل قرار ڏنو. جج صاحب گرفتاري جا وارنٽ ڪڍيا. مون ڀڄي جان بچائي. وري به غربت گهر ۾ اچي ڌرڻو هنيو ۽ طوطن ماءُ بلو، بغاوتون ۽ پاڻي پٽ واريون لڙايون شروع ڪري ڏنيون.
ياد آيم ته بنا ليسڻ واري صحافت دوران غريب خان غائباڻي کان انٽرويو ورتو هئم ته ان غربت ۾ جيئڻ جا ٻه ٽي قيمتي ۽ مجرب نسخا ٻڌايا هئا. هڪ ته هلڪي ڦلڪي چوري ڪرڻ ٻيو هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ ٽيون پير ٻڌي ڪوڙ هڻڻ. مون اهي سبق پڪا ڪيا هئا. انهن جي دل ۾ داخلا رکي هينئن سان هنڊايا هئا. مون انهي ٿيوري کي عملي پاجامو پرايو. وونئڻن ۾ تر جو گاهه ڪرڻ وڃان ته اٺ ڏهه ڪلو ڦٽيون گاهه جي ڀري ۾ لڪايو کنيو اچان. ان جا ست اٺ سئو ملن ته گهر جو سيڌو سامان وٺيو اچان پوءِ ڌڻين ڏٺو ته چونڊو ٿيو ڪونهي. ڦٽيون نڪري ويون. انهن ٻٻر تي هڪ خفيه ڪئميرا لڳائي ابا آئون سڳ سوڌو قابو ٿي پيس. نيٺ ستن راڄن ۾ مون تي وونئڻن مان گاهه ڪرڻ تي پابندي لاڳو ٿي وئي. 144 جو قلم لڳي ويو.
وري مون وڃي سارين ۾ لابارا شروع ڪيا ڏينهن جو ول کري تي کنيو وڃان، رات جو گهر کنيو اچان. اها ڳالهه به ليڪ ٿي وئي مون تي لاباري جي به پابندي مڙهي وئي. وري به گهر ۾ بک جي بلا ڊانسون ڪرڻ لڳي. ڳوٺ جي ڀرسان  هڪ سيٺ جي رائيس مل هئي ان ۾ سارين جو ايڏو وڏو ڍڳ هو جهڙو ٿر جي ڪا ڀٽ هجي. اهو ڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي اچي ويو. مون طريقو نمبر 13 استعمال اختيار ڪيو. حد جي چوڪيدار سان دوستي ڪيم کيس گٺل ڪلام ۽ لطيفا ٻڌائي پنهنجو ڪيم.
رات جو مٺڻ موالي جي اوتاري تان مارشل لا ڀنگ جي ٿيلهي چورائي سلوار جي کيسي ۾ لڪائي کڻي آيس. اها شيشي جي بوتل ۾ وجهي کيس پيش ڪيم چيومانس “هي ٺار مولا” جي مشهور ڪمپني جي مار تولا شربت آهي. ابا چوڪيدار ڳٽ ڳٽ ڪري سڄي بوتل پيءُ ويو. گهڙي کانپوءِ کٽ تي ڪري غش ٿي ايئن پيو کونگهرا هڻي جهڙو ڍنڍ جي ڪپ تي ڪنگ سائيز ڏيڏر گجي ڦوڪي پيو ٽران ٽران ڪري. آئون ڪٽو کڻي اندر ويس. اندر ڍير جي چوطرف ڪنڊن واري تار جو لوڙهو هو. ابا انهي ۾ ڪا بجلي به هئي. مون وڃي هٿ وڌو ته ذري گهٽ مئس ٿي. بجلي مون کي پري وڃي اڇلايو. نه ته پٺاڻ واري ڳالهه ته آئون پرديس ۾ مردار ٿي وڃان ها. گهڙي کانپوءِ مون اٿي ڪلمو پڙهيو ته ساهه بچي ويو پوءِ ٻروچڪي ضد تي چڙهي ويس. گهران رنبو کڻي آيس ڀت واري پاسي کاٽ هڻي ڪٽو چڪار ڪري گهر کڻي آيس. طوطن ماءُ ڀريل ڪٽو ڏسي ٺري پئي. چيائين شابس اٿئي جو اڃان مڻ وزن جو کنيو وڃين. اهو ٻڌي مون گانو ڳايو “ابهي تو مين جوان هون، ابهي تو مين جوان هون” گانو ٻڌي طوطن ماءُ کل ۾ اونڌي ٿي پئي. چئي مئا! واهه جو جوان آهين. مٿي تي گنج ايئن پئي چمڪئي جهڙو واهه جي پٽڙي تي وڏي ڪمي تڙڪي تي ويٺي هجي. وات مان ڏند ڏاٺون ايئن موڪلائي ويون آهن جهڙو موالين جي اوتاري تي پوليس ڇاپو هنيو هجي. عقل اهو اٿئي جو سلوار جو هڪڙو پائنچو هيٺ ٻيو مٿي. سلوار به ڪڏهن سبتي پائين ته ڪڏهن ابتي پايو، بازار ۾ پيو لانگ مارچ ڪرين. طوطن ماءُ جي ڳالهه سچي هئي. سندس ڳالهه ٻڌي آئون اهڙو ڦڪو ٿيس جهڙو ڀاڳئي جي دٻي مينهن کي ڦر ڌائي ويو هجي. هوڏانهن رائس مل ۾ لڳل خفيه ڪئميرائن مون وارا سڀ پرڪار پڌرا ڪري ڇڏيا. سيٺ جي فون تي صوبيدار صاحب مون کي گرفتار ڪري ورتو.
خير آئون به غريب خان غائباڻي جو شاگرد هئس سو چوري مڃيان ئي نه، وڏا وڏا قسم کڻي چيم چور منهنجو همشڪل آهي. آئون صفا نيڪ نمازي پاڪ پوتر ماڻهو آهيان. نيٺ صوبيدار کي مرليون ٻڌائي مونواري دادلي ڪتي جو ڀلوڙ گلر رشوت ۾ ڏنم ته هن مون مان هٿ ڪڍيا. گهر پهچي مون فيصلو ڪيو ته آئنده چوري چڪاري، هيرا ڦيري ۽ ڪوڙ تي سندرو ڪو نه ٻڌبو. حق حلال جي روزي ڪمائبي. ٻئي ڏينهن تاريخ لڳي سڄو ڏينهن بيلچا هڻي، ريتي بجري ۽ سرون ڍوئي منهنجو سر ويو هليو. شام جو مليا 500 ڀلا. رات جو ننڊ ڦٽي ويم. سوچيم حق حلال جي روزي ڪمائڻ وارا ڪيترا نه ڏکيا آهن. هن سماج ۾ حرامخور، دلال، چمچا، چور، وياج خور ۽ راشي ماڻهو ڪيڏا نه خوشحال آهن. الله سائين جون آمائشون به عجيب آهن. پوءِ مون اخبارن جو مطالعو ڪيو ۽ ٽي وي جون خبرون ٻڌيون. منهنجا وار ڪانڊارجي ويا. ٻوڏ ۽ گهارن جي ڪري سنڌ جا لکين ماڻهو بکن ۽ اڃن ۾ دربدر آهن. سندن ڪو به اوهي واهي ڪونهي. اسان جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت ناجائز قبضو ٿي ڪري، اسان جي ڪراچي کي ڌار ڪيو پيو وڃي. اسان جي درياءَ تي ڊيم ٿا ٺاهين، ٿر جي اسپتالن ۾ غريبن جا ٻارڙا بک جي بيمارين ۾ روز پيا  مرن، معصوم نياڻين سان لڄالٽ پئي ٿئي. عورتن سان اجتماعي زيادتيون پيون ٿين. ماڻهو ۽ عورتون هن سماج جي عذابن کان بيزار ٿي خودڪشيون پيا ڪن. اسان جا گهڻا سياسي رهبر مال ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن.
مون سوچيو ته هڪ دفعو وري سنڌين کي ايم آرڊي ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيندڙ تحريڪن جي ضرورت آهي. سنڌ گير احتجاج، لانگ مارچون ۽ سنڌين کي اٿي پوڻ گهرجي. آئون سنڌين ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ گهران نڪري پيس. ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، شهر شهر ۽ چوڪ چوڪ تي وڃي اعلان ڪيم.
نه روئڻ ۾ پٽڻ ۾ اسان جو علاج
نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسان جو علاج
ڌيئرون پٽ سنڌ جا اٿي پئو
اٿڻ ۾ ئي آهي اسان جو علاج

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *