تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

قصو ماما ميرل جي موت ۽ منهنجي سالي جي شادي جو!

اسان جا حال هيڻا، سور ٻيڻا، ڪير پڇي ته ٽيڻا، ٻڌايون ته چئوڻا، نٿا ٻڌايون ته پنجوڻا! وڃون ته ڪيڏانهن وڃون! هڪ لاڪ ڊائون لاک لاٿي، ٻيو مينهن مات ڏني. ٽيون بيروزگاري بڇڙو ڪيو. چوٿون مهنگائي ايتري وڌي وئي جو شين جا اگهه ڊرون تي چڙهي وڃي ستين آسمان تي پهتا. آئون اٽي، کنڊ، دال ۽ ڀاڄين جا اگهه ٻڌان ته حيراني ۾ منهنجو وات ايئن ڦاٽيو وڃي جهڙو ڊاٽسن جو ڊالو کلي پيو وهجي. پوءِ نورل نماڻو ۽ ڏاڙهون ڏکاريل نلڪي واري مستري کان چئين پانو گهرائي، ان جي چئن ڄاڙي کان ڦيرائي منهنجو پٽيل وات ٿورو بند ڪن. نيٺ سنگت صلاح ڏني ته مهانگائي کي هڻ گولي! تون سامان ٿور  ٿورو وٺ.
مون انهي صلاح کي عملي پاجامو پهرايو ۽ 50 رپين ۾ گهر جو سڀ سامان وٺي آيس. يعني گلاس ڀريل اٽي جو، کنڊ جو ڀريل ماچيس جو کوکو، گيهه سان ڀريل بوتل جو ڍڪ، ڏيڍ درجن دال جا داڻا ٻه درجن چانورن جا داڻا، اڌ پٽاٽو، اڌ ٽماٽو، اڌ بصر، 6 ڀينڊيون، 6 گوار جون ڦريون، هڪ سائي مرچ، ٽي پن ڦودني جا ۽ چار پن ساون ڌاڻن جا! اهو سامان جو آڻي طوطن ماءُ کي ڏنم ته مائي ڦوڪجي صفا لوهار واري ڌوڻ ٿي پيئي. چيائين آئون ڪا ڪڪڙ آهيان ڇا جو اهي شيون ويهي چڳندس!“ چيومانس جان من! توتان قربان وڃان! مهانگائي تمام گهڻي آهي. آئون ڪيڏانهن وڃان!” شاعري ۾ جواب ڏنائين طوطن جا ابا! ڌوڙ وڃي پاءِ! سامان اڱڻ تي اڇلي ڇڏيائين جيڪو اڌ ڪلاڪ ۾ ماڪوڙيون ٻهاري ويون. منهنجا وري به مٿي تي هٿ! تيسين اوچتو مسجد مان اعلان ٿيو ته ماما ميرل گذاري ويو آهي.
مون طوطن کي چيچ مان جهليو ماما کي مقام ۾ دفن ڪري اچي ڪانڌپي جي ڀت تي ڪرياسين، چار چار پليٽون کيسن ۾ هڻي، گهر آڻي طوطن ماءُ جي خدمت ۾ پيش ڪيم ته مائي خوشي ۾ ايئن ٺري پئي جهڙو ڳجهه جي نظر مئل ڍور تي پيئي هجي. اهو ڏينهن ته خيرن جو گذري ويو، سوچيم روز روز ته ماما ميرل ڪو نه مرندو. گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ ٻئي ڏينهن مون طوطن ۽ طوطن ماءُ کان روئي موڪلايو ته شهر وڃي ٿو سخت مزدوري ڪريان. ابا ٻئي ايئن رويو رويو پيا لڙڪ لاڙين جهڙو آئون مقبوضه ڪشمير ۾ شهيد ٿيڻ لاءِ پيو وڃان. مون نلڪي تان پاڻي جي بالٽي ڀري ٻنهي جا ٻوٿ مبارڪ ان ۾ وجهي ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي ڌوتا ته ٻئي کلڻ لڳا پوءِ آئون گولي ٿي ويس. شهر ۾ به روزگار ملي ئي نه صبح کان شام تائين اسين پنجاهه سٺ ماڻهو فوٽ پاٿ تي ويهي ويهي شام جو منهن تي 12 وڄائي اداس ٿي هليا وڃون. نيٺ هڪڙي هوٽل تي بيراگيري ملي. اتي به مهانگائي جي ڪري ويهه روپين ۾ ملندڙ چانهه 50 روپين جي ٿي وئي ته گراهڪن جا سيٺ سان اهڙا جهيڙا هجن جهڙو ڪو سڱاوتي تڪرار هجي. چوندا آهن ته وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا سو، جهيڙو سيٺ سان گاريون ۽ ٺونشا مون کي لڳن. آئون بيزار ٿي پيس، تيسين ڳوٺان فون آئي ته مون واري سالي صابو جي شادي پئي ٿئي تون جلدي اچ. سوچيم اهي شادي وارا ڏينهن کاڌي پيتي جو بار سهريجن تي هوندو سو آئون وڃي ڳوٺ پهتس. اتي رات جو طوطن ماءُ شادي لاءِ پنهنجن ۽ طوطن جي ڪپڙن، جتين ۽ سينگار جي سامان جي شيطان جي آنڊي جيڏي لسٽ ٺاهي ڏني. لسٽ پڙهي مون کي مرگهي جا دورا پوڻ لڳا.
ٻئي ڏينهن مون اهو درد جو داستان وڃي کنجوکنڀڙاٽي کي ٻڌايو تنهن حسيب ڪانهيي وارو طريقو نمبر 13 ٻڌايو، ان تي عمل ڪندي شام جو اسان مارشلا ڀنگ ۽ ڏنڊو ڪونڊو ڪٽي ۾ کنيو، مٺي مهيري کان اٺ وٺي اسين وڃي سائين سڪل شاهه جي درگاهه تي لٿاسين. اتي مجاور سان دوستي رکيسين. مجاور کي کنجوکنڀڙاٽي ليکو ڏنو ته طوطن پيءُ ڪروڙ پتي ماڻهو آهي. ستن واٽرن جو ڌڻي آهي. ست رائيس ملون ۽ نو شگرملون اٿس. درگاهه تي مسافر خانو ۽ وڏي سبيل ٺهرائي ٿو ڏئي، توکي به ٻه ٽي لک نذارنو ڏيندو. ابا پوءِ ته مجاور اصل ٺريو پيو ٺري.
رات جو اسان مارشلا ڀنگ گهوٽي ڏاڍا نعرا هڻي کيس ٻه ٽي پيالا پياريا ته همراهه غش ٿي ويو. واڇن مان گگون ڳاڙي ايئن پيو کونگهرا هڻي جهڙو چڻن جي دال وارو  ديڳڙو پيو ٻڙڪي، ڪم پڪو ڪري اسان سندس اڳٺ مان چاٻي کولي درگاهه جي پيتي جو تالو کولي مال ڪڍيو. ريزگاري ڇڏي ڏنيسين باقي 12500 جا نوٽ ڪڍي، سلوار جي کيسي ۾ هڻي، مٺو مهيري جي اٺ تي چڙهي گولي ٿي وياسين. صبح جو همراهه جي حالت سسئي واري ٿي هوندي ۽ اٺ نه اوطاقن ۾ ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو هوندس. بحرحال اسان شهر مان طوطن ماءُ جي لسٽ وارو سامان ورتو. اهو کڻي گهر پهتس ته طوطن ماءُ صدقو صدقو پئي ٿئي. اڳي مئا پٽيا چوندي هئي هاڻي سرتاج ۽ سر جا سائين پئي چوي. ايئن خوشي ۾ پئي ڦڙڪيون کائي جهڙو ڀنڀوري گلاب جي گل تي پيئي ڦيرا ڏي.
ٻئي ڏينهن سندس ڀاءُ صابو جي شادي هئي. زناني ڇني ۾ مائي ڇيرون ٻڌيو پئي نچي ۽ سهرا ڳائي. مون کي ڏسي وري نئون ڪلام ڳائڻ لڳي، ڪلام هو “منهجي مئي کانپوءِ سهڻا تنهنجي مرضي!” پر خوشي جي اوور ڊوز ۾ مائي ڳائڻ لڳي “تنهنجي مئي کانپوءِ سهڻا منهنجي مرضي!” مون وڃي ڳچي ۾ هٿ وڌا مانس چيو مانس شرم ئي ڪو نه اٿئي جو منهنجي مئي کانپوءِ پنهنجي مرضي هلائيندين! انهي سوران ته آئون مران ڪو نه ٿو ،طوطن ماءُ ڏاڍي ڦڪي ٿي چيائين مئا ڳچي مان هٿ ڪڍ ماڻهو ٿو کلائين ڪلام ابتو چئي ويس. مون هٿ ڪڍيا ته سبتو ڳائڻ لڳي. نيٺ سرگس ٿي صابو گهوڙي تي چڙهيو سندس موڙ مٿي ڪري چيومانس خوش پيو ٿين ته شادي پئي ٿئي، چريا تنهنجي منهن تي دانگي ملجي ويئي مون وانگر سڄي عمر پيو لوڙيندي! الله الله ڪري شادي جي ڏچن مان واندا ٿياسين. ٻئي ڏينهن سنگت ساٿ سان گڏ مٺن موالي جي اوتاري تي ويٺو هئس ته ڪجهه وطن جي وسيلن جي مالڪي ڪندڙ آدرشي ساٿين جي ٽيم اچي پهتي. تن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کانپوءِ سنڌ جي قديم ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسين سندن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ ۾ وڃي ڌرتي ڌڻين ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائيندي اوهان وٽ پهتا آهيون. اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس.
اسان غريبن جي اوتاري تي اڳي سدائين ڀتاخور ۽ چنده خور پارٽين جا ڪوڙا ڪامريڊ ايندا هئا. نماز قائم ڪرڻ لاءِ قبر ۾ پير لڙڪائيندڙ باريش مڙها اسان کي دوزخ جي باهه جا ڊپ ڏيئي ويندا هئا پر وطن دوستي جون بي لوث جذبن واريون سچيون ۽ کريون ڳالهيون ٻڌائڻ وارا همراهه پهريون دفعو پهتا هئا. هنن رات جو دير تائين تقريرون ڪري قومي گيت ٻڌائي. مون کي صفا سندن ديوانو بنائي ڇڏيو. صبح جو انهي بيداري مهم لاءِ آئون ساڻن گڏجي پيس.
اسان سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي لاءِ ۽ محترم علي قاضي صاحب جي ڏنل سڏ ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ جي لاءِ سڀني کي بيدار ڪري عملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ۽ هوشيار ڪيو. اسان انهي لاءِ روزانه مظاهرا ڪرڻ پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪرڻ، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين ٿيندڙ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ، ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ سنڌي ماڻهن جو سمنڊ اٿلائڻ، حق جا هوڪا ڏيڻ، مڙسي ڪرڻ ۽ پوءِ 6 ڊسمبر تي ڀرپور، جذبن سان ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو پيغام ڏنو ته جيئن ٻيٽن تي قبضو ڪندڙ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪندڙ سنڌ دشمنن کي خبر پئي ته سنڌ جا حلالي پٽ جاڳي پيا آهن. سنڌڙي نڌڻڪي ڪانهي ڪا. اسان گڏجي پياسين، جاڳي پياسين، نڪري پياسين ته پنهنجن ٻيٽن، شهرن ۽ وسيلن جا مالڪ بنجي سڀني محرومين جو پلاند ڪنداسين. منهنجي ذهن تي شاهه سائين جو هي بيت تري آيو.
جاڳو جاڙيجا سما سک م سمهو
پسو آن پارا لاکو ٿو لوڙيون ڪري (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *