Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_eh0hpgmthbupgtn0ski96komt1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
قصو منهنجي ڪچي گھر جي ڀت ۾ پيل ڏار جو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar قصو منهنجي ڪچي گھر جي ڀت ۾ پيل ڏار جو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ڪورونا وگهي مريض فوت*80 سالن جي حڪيم الدين پٽ شرف الدين جو مڙهه ايڌي پاران غسل ڪفن بعد وارثن حوالي *فوتي مريض جو تعلق عثمان آباد واري علائقي سان آهي:ايڌي انچارج*

قصو منهنجي ڪچي گھر جي ڀت ۾ پيل ڏار جو

هيلوڪي مينهن اسان تي قسطن ۾ پئي قهر ڪيا. هڪڙا بادل وسيا پئي ته ٻين بادلن وسڻ لاءِ پئي مس ڪالون ڏنيون. نيٺ پنهنجون پاڻي جون ٽانڪيون اسان مٿان هاري، اسان کي ٻوڙي اڳتي روانا ٿيا، مٿان وري گهارن اهڙا گهاءُ ڏنا جو بچيل گهرڙا، سامان ۽ فصل به لوڙهي ڇڏيائون. نتيجي ۾ منهنجي ڪچي گهر جي پوئين ڀت ۾ شاهي ڏار پئجي ويو. منهنجي ۽ طوطن ماءُ جي وچ ۾ ڪڏهن هلڪي ڦلڪي موسيقي ۾ ته ڪڏهن وري هانءُ ڦاڙ موسيقي وارو جهيڙو ٿئي ته پاڙي جون مايون اچو ڏار وٽ گڏ ٿين ڪا اک رکي پئي تماشو ڏسي ته ڪا وري ڪن رکي پئي اسان جا تيز ۽ ترش جملا ٻڌي. نوجوان وري ڏار تي موبائيل جي ڪئميرا رکي، فلمون ٺاهي، سڄي ڳوٺ ۾ وائرل ڪري اسان کي خوار ڪن. نتيجي ۾ اسان وارا پرڪار جتي ڪٿي پڌرا پيا ٿين. اهو معلوم ڪري ڏک ۾ منهنجي اهڙي حالت خراب ٿي وئي جهڙو ڪٻر مينهن ۾ پسي پئي هجي. مٿان وري انهي ڊپ اچي ورايو ته انهي ڏار جي ڪري جي ڀت ڪري پئي ته ڇت اسان جي مٿان اچي ڦهڪو ڪندي ۽ آئون پنهنجي پياري فيملي سميت انهي ۾ دٻجي مردار ٿي ويندس. پوءِ ريسڪيو آپريشن ٿيندو. چنبي واري مشين ايندي، اسان جا لاش ڪڍي ٻاهر اڇليندي. پوءِ وري سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽن جا نمونا وٺبا. هفتي ڏيڍ کانپوءِ لاشن جي سڃاڻپ ٿيندي پوءِ وارثن جي حوالي ٿيندا. تيسين لاشن ۾ اهڙي ڌپ ٿي ويندي جهڙو صوفا سيٽ جي فوم ۾ ڪئو مري ويو هجي. اهڙي دردناڪ موت جو سوچي منهنجو بدن ايئن ڏڪڻ لڳو جهڙو سياري ۾ ڪولر جي ٿڌي پاڻي سان وهنتو هجان. ٻئي پاسي منهنجي حسرت هئي ته وطن جي سر بلندي ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ آئون ڪفار سان جنگ ڪندي شهيد ٿي وڃان جڏهن ڪنهن مرهٽي يا سک جي گولي منهنجي سيني ۾ لڳي ۽ رت ڦونهارو ڪري نڪرڻ لڳي ته هي شعر چوان. “اي ديس تو لاءِ رت ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي، منهنجو به فرض ادا ٿئي تنهنجو به قرض لهي وڃي” باقي رهيو وياج اهي پونئر پاڻيهي پيا ڀريندا. ڀت جي ڏار کي ڀرڻ لاءِ مون وٽ پئسا ڪو نه هئا. مون طريقو نمبر 13 اختيار ڪيو. صبح جو مون پريس ڪلب مان پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪرنٽ ميڊيا جا سڀ صحافي گهرائي انهن کي ڀت ۾ پيل ڏار ڏيکاريو. انهن انهي ڏار جا هر زاويي کان ڪيئي فوٽو ڪڍيا. مون پنهنجي تاريخي خطاب ۾ علامه اقبال، مرزا غالب، مير تقي مير ۽ کليل کوسي جا شعر ٻڌائي کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت سازش ڪري منهنجي ڀت ۾ ڏار هڻايو آهي جيئن آئون ان جي ڪري گهر ۾ دٻجي مري وڃان نه جيئرو هجان نه وفاق خلاف پريس ڪانفرنسون ڪري سگهان. الله الله ڪري ڇتي ڪوري جي ڊيگهه واري منهنجي پريس ڪانفرس پوري ٿي ته صحافين مون تي سوالن جا ڌوڙيا لائي ڏنا. سوال به اهڙا بيسرا جو ڇا ٻڌايان؟ مثال طور سهڻي پنهنجي مڙس ڏم سان دوکو ڪري ميهار سان ڇو ملڻ ويندي هئي. ڄام سلطان جڏهن نوري سان عشق ڪرڻ لاءِ ڪينجهر پهتو ته اتي موجود سوين مهاڻن کي غيرت ڇو ڪا نه آئي، ڏير جڏهن پنهون کي ٺرو پياري وڏي فجر جو کڻي ويا ته سسئي کي جاڳ ڇو ڪا نه ٿي؟ ڇا سسئي به ٺرو پيتو هو؟ مون کين هٿ ٻڌي چيو ته ادا ڪلمي نال ميڪون ڪا خبر ڪانهي ته ايوين ڪيون ٿيا! آخري سوال ۾ هنن چانهه جي فرمائش ڪئي. هاڻي منهنجي گهر ۾ نه کير نه کنڊ نه پتي! 36 صحافين کي ڪيئن چانهه پياريان؟ مون وري به طريقو نمبر 13 استعمال ڪيو ڇا ڪيم جو اڪ پٽي ان مان کير جو جڳ ڀري آيس پتي جي بدران ڪٽلي ۾ ٽي مئن پڙيون وڌم ۽ کنڊ جي پاران ڪمند جو رس وڌم چانهه اهڙي ڀلي ۽ ذائقيدار ٿي جو پيارن صحافين ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ڪوپ ڏوڪي ڇڏيا. ٿوري دير۾ چانهه پنهنجا اثرات شروع ڪري ڏنا. صحافي سڳورن جي پيٽ ۾ اهڙا اچي وٽ پيا جهڙو ڀريل مهينن واري مائي دائي جي ورچڙهي هجي. پوءِ ته بچن شل ليڪا ڪڍندا وڃي پريس ڪلب پهتا. ٻئي ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وين ۾ منهنجو ڇهه باءِ ڇهه فوٽو پيو اچي آئون وفاقي حڪومت خلاف باهيون ٻاريو بيٺو هجان. نيٺ عمران خان فون ڪري مون کي ٻڌايو ته تنهنجي گهر جي ڀت ۾ جيڪو ڏار پيو آهي انهي ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ڪونهي. اها سڀ صوبائي حڪومت جي نااهلي آهي جنهن هر سال ڀت تي راڳو ڪو نه ڏياريو. مون وري صوبائي حڪومت خلاف هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪئي ته رئيس وڏي مون کي فون ڪري ٻڌايو ته اسان هر سال هنگامي فنڊ مان تنهنجي ڀت کي راڳو ڏياريو هو پر تو کي جڏهن آرايون ٿينديون هيون ته ٻڪري وانگر پٺا ڀت تي گسڪائيندو هئين. نتيجي ۾ راڳو لهي ٿي ويو ۽ ڀت ۾ ڏار پئجي ويو. مون نڪ جي پڪائي ڪري اها ڳالهه ٺپ ڪانه مڃي ۽ وڃي عدالت جو در کڙڪايو. عدالت جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي جنهن جو سربراهه نانا پيرو هو ميمبر کنجو کنڀڙاٽي، پپو پاسراٽي، نورل نماڻو ۽ ڏاڙهون ڏکايل هئا. ڊگهي جاچ کانپوءِ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته راڳو برابر آيو هو پر گاري جي چلهي ۾ چارمڻ بهه جي بجاءِ 5 تولا بهه وڌو ويو ۽ ڪلر اٺي مٽي استعمال ٿي. انهي رپورٽ کي صوبائي سرڪار رد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ نئين جي آءِ ٽي ٺاهي جنهن جا ميمبر ڊي سي، اي سي، ايس ايس پي ۽ جاڙو جمعدار هئا. انهن رپورٽ منهنجي ٺپ خلاف ٺاهي ان ۾ لکيو ته “طوطن پيءُ گهر ۾ آفيم چرس، مئن پڙيون ۽ ڌماڪيدار مادو رکيو هو ان ڪري گهر جي ڀت ۾ ڏار پيو آهي. هيءَ ڪميشن سفارش ٿي ڪري ته طوطن پيءُ تي منشيات ۽ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو وڃي!” رپورٽ پـڙهي ڊپ ۾ آئون ايئن ڏڪڻ لڳس جهڙو ٻير تي ويٺل ڪڪڙ جي نظر گدڙ تي پئي هجي. پوءِ مون سوچيو ته ڀڄي روپوش ٿي وڃان نه ته هي ظالم مون کي تباهه ڪري ڇڏيندا. مون ٻچا ڪڇ ۾ ڪيا، هڪ ٻيڙي تي چڙهي وڃي ڀنڊار ٻيٽ تي جهوپڙي اڏي ويٺس. اتي جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، سمنڊ مان مڇيون ماري پيٽ گذر ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن وفاق کان هڪ آفيسرن جي ٽيم اچي لٿي انهن ٻڌايو ته هتي ملٽي نيشنل شهر ٿا اڏيون تون پنهنجا ٽپڙ کڻ، جهوپڙي ڊاهه ۽ گهوڙي ٻاهر ٻڌ! جواب ڏنو مان ته هي ٻيٽ هزارن سالن کان اسان سنڌين جا آهن توهين ڪير ٿيندا آهيو خالي ڪرائڻ وارا؟ آئون هتان ڪو نه اٿندس اهڙو ڪو مائي جو لال ڄايوئي ڪونهي جيڪو مون کي منهنجي ٻيٽن تان اٿاري! ابا انهن همراهن اها ڳالهه وڃي عمران خان کي ٻڌائي. اهو پنڊ پاڻ هيليڪاپٽر تي چڙهي، ٽوال ڪلهي تي رکي اچي پهتو چيائين هي ٻيٽ سنڌين جا ڪونهي پورٽ قاسم اٿارٽي جا آهن. اها وري وفاق جي آهي ان ڪري تون ٻيٽ خالي ڪر! چيومانس پورٽ قاسم اٿارٽي جمعو جمعو اٺ ڏينهن جي ڳالهه آهي هي ٻيٽ هزارن سالن کان اسان سنڌين جا آهن. لکين مهاڻن جي گذر سفر جو وسيلو آهن. نيٺ هن مون کي چيو ته تون ڪهڙي شرط تي ٻيٽ خالي ڪندين؟ چيومانس هڪ شرط تي تون ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جا صحيح نالا ٻڌائي ته ٻيٽ تنهنجي پيءُ جا آهن! هن نالا ورتا ڏنگي کي چيائين ڊينگي ۽ ڀنڊاڙ کي چيائين بڊار اهو ٻڌي آئون کل ۾ اونڌو ٿي ويس چيومانس، ٻئي نالا غلط آهن ڊينگي مليريا بخار جو نالو آهي بڊار بڊي جي بکن ۾ ڄمندڙ ٻارن کي چئبو آهي. پوءِ ته ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ مون کي ٻيٽ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي هليو ويو. پوءِ خبر پئي ته ٻيٽن جي مالڪي لاءِ سنڌ جو هر حلالي ٻچو اٿي پيو آهي. سياسي سماجي رهنما، وڪيل، ڊاڪٽر، صحافي، سنڌياڻيون، اديب، شاعر، سگهڙ، شاگرد احتجاج جي ميدان تي آهن. اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ فخر سان منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. سوچيم سنڌي قوم هر ڏکئي وقت ۾ شاندار جدوجهد ڪيون آهن. جنرل ضياءُ جي ظلمن خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف شاندار تحريڪ، سنڌ جا ٻيٽ ۽ ڪراچي صدين کان سنڌين جا آهن ڪنهن جي بابي جي ملڪيت ڪونهي. اڃان اسان جو ضمير زنده آهي، اسان جي رڳن ۾ قومي غيرت جو رت ڊوڙي پيو. اسان نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ، ارغونن ۽ ترخانن کي ڊوڙائي ڪڍيو هي وفاقي حڪمران وري ڪهڙي باغ جي موري آهن. منهنجي ذهن تي شاهه جو هي بيت تري آيو.
کپر گاروڙين سين وڏو وڌئي وير
نانگ نه ويندين نڪري تو ڏرمٿي پير
هيءُ تنين جو ڍير جن جو ناڳڙهه جلايو (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *