تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

قصو هڪ ادبي گڏجاڻي جو!

ميم سان الاهي سٺا لفظ شروع ٿا ٿين مثال طور ماءُ، محبت، ماڻهو، محبوب، مجاهد، ملاقات، مٺاڻ، ماکي، ميندي، ماني، مکڻ وغيره وغيره پر ڪيئي بيڪار ۽ بيسرا لفظ به شروع ٿا ٿين مثال طور موت، مرض، موڪا، مرگهي، مهمان (بي دعوتو)، مار، موچڙا، مصيبت، منهن ماري، ماري، مڪر، مڪڙ، ميسڻو، مشڪرو، مرچ، منشي ۽ مينهن. مينهن تان ياد آيو ته هيلوڪي مينهن اسان غريبن کي صفا تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ڌوٻي جي ڪتي وانگر نه گهر جا رهياسين نه گهاٽ جا. مينهن اسان تي وسيو، ڪُٽيو، ماريو ۽ ٻوڙيو وڃي. اسين شڪر ڪريون ته مينهن ٽريو جان ڇٽي پر بيسري ۽ بي دعوتي مهمان وانگر ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ وريو اچيو نازل ٿئي ۽ ڦهه ڦهان پيو ڪري. مينهن اسان جا گهر ڊاٺا، مال ماريا، فصل ٻوڙيا، بجلي وڃائي، روزگار کسيو، دربدر ڪيو، اسان ٻچڙا ڪڇ ۾ ڪري وڃي کلئي آسمان هيٺ، مٿانهين جاين تي ويٺاسين اتي به مينهن اسان کي اچي پهتو. اهڙي وٺ وٺان ڪيو بيٺو آهي جهڙو اسان سندس ٻانهن کنئي هجي ۽ جوابدار هجون. جتي مينهن جي ڀينگ کان ماڻهو بچي ويا هئا اتي وري نئين، نالن، واهن، شاخن  ۽ سم نالن ۾ گهارن ڀينگ ڪئي. قدرتي آفتن کانپوءِ سرڪاري نمائندن، اميرن، وزيرن، اي سين، ڊي سين، آبپاشي عملدارن ۽ ووٽ وٺندڙ ڀوتارن به اسان کي نو لفٽ ڪرائي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو. اسان سان “گهٽتائي گهوٽ ۾ نه ڪمي منجهه ڪنوار” واري حالت ٿي. ٻيو ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو پر ڪڏهن ڪڏهن کتيجان کلڻي جهڙي بيسري محبوبا سان سليماني ملاقات ٿيندي هئي. اها به مينهن جي ڪري سنڌي نوجوانن جي نوڪرين جي انٽرويو وانگر غير معينه مدت تائين ملتوي ٿي وئي. هڪ ڳالهه ياد اچي وئي. هڪ همراهه کي اک جي مٿان گولي لڳي ۽ گذاري ويو. ڳوٺ جا ماڻهو لاش ڏسڻ آيا. ممون موالي لاش ڏسي چيو “شڪر خدا جو گولي اک ۾ ڪا نه لڳي همراهه جي اک ته بچي وئي!” همراهه گذاري ويو سو ڇٽو. ان واري ڳالهه ته سڄي سنڌ ٻڏي وئي مون کي وري اچي کتيجان کلڻي جي ملاقات نه ٿيڻ جو الڪو ٿيو آهي. اهو شڪر ڪو نه ٿو ڪريان جو پنهنجو طوطن ۽ طوطن ماءُ جو سر بچائي اچي پوٺي تي ويٺو آهيان. هتي به مينهن اسان جو پيڇو ڪو نه ٿو ڇڏي. اوچتو اچو اهڙا ڦهڪا ڪري جو ڇا ٻڌايان! ڏک ۾ منهنجو منهن اهڙو لهيو وڃي جهڙو جمال گهوٽي جو جلاب ورتو هجيم. نيٺ مون هٿ ٻڌي مادري زبان ۾ مينهن کي عرض ڪيو ته “ادا مينهن مئين تيڏا ڪهڙا ڏوهه ڪيتا؟ نه مئين تيڏي ٻانهن چاتي ، نه تيڏي ٻني تي قبضا ڪيتا ، نه تيڏي ٻڪري ڪاهي هم، نه کاٽ ماريا هم، نه تئين تي ڪوڙي ڪيس ڪيتا هم، پڇي به تئين مي ڪون خدا ڪارڻ دربدر ڪيتا، پوٺي تي آٻيٽا هيان اڃان به جان نه هوين ڇوڙيندا!” مينهن جواب ۾ مون کي قمبراڻي وارو ڪلام ٻڌايو. “مرويسا ڪو نه ڇوڙيسان تيڪون در در رليسان!” مينهن جو اهڙو بيسرو جواب ٻڌي ڏک ۾ منهنجي منهن تان ايئن ڳوڙها وهڻ لڳا جهڙو گجر نالو اٿلي پيو هجي. مينهن کي چيم. ٺيڪ هي ادا تون ڀلي پيا زور لڳا مئين به اديب هيان وڏا لکاري! تيڏي خلاف اهڙي ليک لکيسان جو ٽڪي هڪڙي دا ٿي ويسين! چيائين! ڀلي وڃ ڪاڳرين دا ڪالا منهن ڪر مئين تي ٽڪي دا به اثر ڪو نه پوسي مئين وڏي ماڻهين ۽ حڪمرانين وانگر نڪ دا بنهه پڪا هيان! اهو جواب ٻڌي مون پڪو فيصلو ڪيو ته مينهن جي خلاف وڏا ليک لکندس. هونئن به سنڌ جا اديب ڪنهن ظلم، ڏاڍ، زيادتي ۽ جبر جي خلاف عملي جدوجهد ڪو نه ڪندا آهن رڳو قلم کڻي ڪاغذ ڪارا ڪري، انهن خلاف، ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا ۽ شاعريون لکي اندر جي باهه اجهائيندا اهن. مون به قلم کي پني تي ڊوڙائڻ لاءِ ٽاپ گيئر لڳايو ۽ مينهن جي خلاف ڪيئي مضمون، مقالا، ڪالم، ٽيڙو، چوسٽا، پنج ڪڙا، گيت، غزل، وايون، نظم ۽ آزاد نظم لکي ڪيئن دفتر ڀري ڇڏيا. پوءِ سوچيم ڇو نه شهر وڃي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ هڪ اهڙو دونهيدار ليک پڙهان جيئن شهر جي عاليشان ايئرڪنڊيشن ڊرائنگ رومن ۾ جام نوش ڪري گل بلبل ۽ عشق و محبت جا داستان لکندڙ قلم ڌڻين جو ضمير جاڳي پوي کين به غيرت اچي اهي به مينهن جي تباهه ڪارين ۾ دربدر ٿيل، اڃين، بکين، غريب ماڻهن لاءِ ليک لکن ته من سندن ڪو تدارڪ ٿئي ۽ مينهن کي به خبر پوي ته سنڌ جا قلم ڌڻي سندس خلاف محاذ کولي ويٺا آهن. وري سوچيم بي ترس مينهن تي ڪهڙو اثر پوندو. ادا جو ٽن سالن جو پوٽو صدام فرش تان ترڪي ڪري پوندو آهي ته مون کي سڏي چوندو آهي. دادا فرش کي مار! پوءِ آئون فرش کي زور سان ڌڪ هڻندو آهيان ته خوش ٿي چوندو آهي. دادا بس بس هاڻي ڀلي فرش روئي! سو مون به مينهن جي خلاف فرش ڪٽڻ وارو جهاد شروع ڪري ڏنو. ٻئي ڏينهن جر جهاڳي پٽڪو ٻڌي ليک ور ۾ هڻي آئون شهر وڃي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ پهتس. هال ۾ ڏٺم ته ڪيئي ڀلوڙ سنڌ دوست، غريب دوست ۽ سچ پرست اديب به ويٺل هئا. انهن ۾ ڪجهه منهنجا سڃاڻو به هئا. مثال طور مڌ سئو فلڪي، فل ٽاڪ ڪل، جهل پڪار سي آل، جهاجهه ٽويو، ڦلڪور شڪارو، خفي ٽانڊيو، آجا بٽر، مفت شفا سئو نلڪي، لذيذ ٿالهه ڀر، کليل ٺونشو، دستچير بٺي، نڪسير يرزا، مون لاءِ بخش ميڻ بتي، ڪٺل گسڪاڻي، کير آهضم ٿالهه ڀر، بدنام بکڙائي، ڇٽو نهيري، آپاش پنساري، رف ڪيڪ خاص تغاري، آياد ڪنڌ ڀرو ٻيا به ڪيئي سڃاتل ۽ اڻ سڃاتل قلم ڌڻي موجود هئا. هڪ ڳهڻ ڳالهائو اديب پنهنجو تعارف ڪرايو نالو هئس جي سائين جلد باز، منهنجا ڳوٺائي نورل نماڻو ۽ ڏاڙهون ڏکاريل به اتي موجود هئا. ڪٺل گسڪاڻي جي صدارت ۾ گڏجاڻي شروع ٿي سيڪريٽري ساز باز ساڙاڻي هو. اديب تنقيد لاءِ پنهنجون نڪور لکڻيون پيش ڪيون. مون به مينهن جي خلاف ۽ حڪمرانن جي بي حسي تي تباهه ٿيل غريبن جي حق ۾ هڪ دونهيدار ڪالم پڙهي ٻڌايو. سڀني اديبن واهه واهه ڪئي پر جي سائين جلد باز خطرناڪ تنقيد ڪندي منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا. شايد هو صاحب حڪمرانن جو چمچو ۽ خوشامد هو.
سو حڪمرانن خلاف مواد ٻڌي ڇتو ٿي پيو چئي طوطن پيءُ هر ڀيري مينهن تي ڇو ٿو لکي؟ هر ڀيري حڪمرانن خلاف ڇو ٿو لکي؟ مينهن قدرتي آفت آهي ان خلاف حڪمران بيوس آهن. بار بار وفا ناٿن شاهي وارو شعر جهرڪين جا خدا ڇو ٿو لکي. اهو ادبي ٻولي ۾ ورجاءِ آهي ۽ ورجاءِ وقت جو زيان آهي، ادبي بي ايماني ۽ مفاهمت آهي. اهو ٻڌي آئون سڙي ويس، جواب ۾ چيم اهو ورجاءِ ناهي جيئن مينهن تباهيون پيو ڪندو آئون مينهن تي پيو لکندس. جي سائين جلد باز صاحب مينهن کي روڪي ته آئون ٻئي موضوع تي لکندس. وفا ناٿن شاهي جو شعر موضوع سان ٺهڪي ٿو اچي ته آئون هڪ وار نه بار بار لکندس. چيائين توکي طاقت ئي ڪانهي جو بار بار لکين. چيم پڻهين جي بادشاهي ڪانهي آئون بار بار لکندس روڪي سگهين ته وڃي روڪ، ابا اهو ٻڌي جلد باز ماڳهين ڇتو ٿي پيو. چيائين طوطن پيءُ غير پارلياماني ٻولي ڳالهائي آهي. هن جي ميمبرشپ ختم ڪريو؟ اصل ۾ جلد باز سرڪاري چمچو ۽ خوشامدڙيو ماڻهو هو هن کي حڪمرانن خلاف لکيل ڳالهه ڇتو ڪري وڌو هو. مون چيو سچ هضم نه ڪرڻ ۽ اڻ سهپ جي ڪري ادبي سنگت ٻه ٽڪر ٿي پئي آهي. ٽڪي جي ڳالهه تي اسان جهڙن سينئر ميمبرن جي ميمبرشپ ختم ڪندو ته سنگت جا اڃان به وڌيڪ ٽڪرا ٿيندا. آئون پنهنجو ڪالم کڻي گڏجاڻي مان ٻاهر نڪري آيس. مون کي جي سائين جلد باز جي رويئي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. آئون روئڻهارڪو ٿي پيس. ٻاهر نڪري چيلهه جيڏو پاڻي جهاڳيندي دڙن، پوٺن ۽ ڪپرن تي کلئي آسمان هيٺ ويٺل بک ۾ باهه ٿيندڙ غريب بي گهر ٿيل هم وطنن کي ڏسي آئون وري به مري جهري ۽ ڏري پيس. مون کي اردو شاعر جو هي شعر ياد اچي ويو.
بادلون سي کيلتي رهين اونچي عمارتين
بجلي گري تو غريب ڪي ڪچي مڪان پر

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *