تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

قصو وونئڻن ۽ فيملي سميت چنڊ تي پهچڻ جو!

هيل مون غربت مان نڪرڻ لاءِ وونئڻ پوکيا پر نصيب خراب، ٻج نقلي، ڀاڻ نقلي، دوائون نقلي، اڀرا سڀرا جيڪي وونئڻ ڦٽا سي کدڙن فقيرن وانگر رڳو هوا تي بيٺا نچن ڦر ڏين ئي نه! انهن تي به مڪڙن حملو ڪيو جيڪي بچيا تن کي وري مولا جي مينهن اچي ٻوڙيو، چئن ايڪڙن مان باقي اڌ ايڪڙ بچيو. انهي تي وري بچي شل ڳاڙهي سنڍي اچي حملو ڪيو. انهن جا گوگڙا وڏي ماڻهو جي پيٽ وانگر رڳو پيا ڦوڪجن، ڦاٽن ڪو نه! نيٺ مون رئيس گلڻ خان گول باڊي جي پيٽ جيڏو هڪ وڏو گوگڙو پٽيو ۽ زرعي يونيورسٽي وڃي هڪ زرعي ماهر ڪٺل گسڪاڻي کي ڏيکاريو جيڪو سدائين اخبارن ۾ عبرت جهڙا زرعي مشورا مفت ۾ ڏيندو هو. چيومانس سائين هي گوگڙو ڦاٽي نٿو هن کي ڦاڙڻ لاءِ ڪو قيمتي مفت مشورو ڏيو. هن صاحب گوگڙي مٿان پنجاهه سٺ دوربينيون ۽ خوردبينيون لڳائي، اٺن ڏينهن جي جاچ جونچ کانپوءِ 32 صفحن تي مشتمل گوگڙي جي رپورٽ ٺاهي ڏني. آئون حيران ٿي ويس. گوگڙي جي رپورٽ به ڄڻ وزيران ڇڇر جي قتل جي رپورٽ هجي جيڪا سجاول جي ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر ٺاهي آءِ جي  صاحب کي ڏني هجي. هٿ ٻڌي چيومانس سائين هي شيطان جي آنڊي جيڏي انگريچي ۾ لکيل رپورٽ منهنجي بابي کي به سمجهه ۾ ڪا نه ايندي. مهرباني ڪري سولي سنڌي ۾ ٻڌايو ته گوگڙو ڇو نٿو ڦاٽي؟ چيائين سولي سنڌي ۾ رپورٽ جو حاصل مطلب اهو آهي ته گوگڙي ۾ مائي ڳاڙهي سنڍي، زيتون آپا ڪريسي وانگر ٻه درجن ٻار ڄڻيو ويٺي آهي جيڪا گوگڙي کي ڦاٽڻ نٿي ڏي. ٻيو سبب اهو آهي ته هي چائنا جو ٻج آهي جنهن جي گوگڙي جي ڦاٽڻ جي ڪا به ضمانت ڪا نه هوندي آهي. اهو ٻڌي حيرانيءَ ۾ منهنجو منهن صفا ڏڌل ٻڪري جهڙو ٿي ويو. ڳوٺ اچي مون وونئڻ ڀيلائي ڇڏيا ۽ وونڻاٺين جي گڏهه گاڏي ڀري گهر کڻي آيس. پوءِ مون گذر سفر لاءِ مزدوري شروع ڪئي. مزدوري ملي ٽي چار سئو! سا به ڪڏهن ملي ته ڪڏهن ڪا نه ملي رڳو تاڙيون پيو وڄايان. عمران خان مهانگائي جو ڪانٽو 100 کان به مٿي ڪري ڇڏيو. گهر جو ضروري کاڌي پيتي جو سامان به هزار ڏيڍ کايو وڃي. گهر ۾ هنگامي ۽ جنگي حالتون پيدا ٿي ويون. صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مون کاڌي پيتي جا سامان چوري ڪري پئي گهر آندا. هڪ ڏينهن پڪڙجي پيس. وڃي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ پهتس اتي صوبيدار صاحب سان ڏنو پٽ ڇٽو واري اصول مطابق معاملا طئي ڪري ٻاهر نڪتس. پوءِ مون حسيب ڪانهيي واري طريقي نمبر 13 تي عمل ڪيو. مون سيڌي واري کي، سبزي واري کي، کير واري ۽ ٻين دڪاندارن کي ليکو ڏنو ته منهنجي ڦٽين جي گاڏي شهر وئي آهي. شام جو کوڙ پئسا ۽ پوءِ اوڌر تي سامان کنيو اچان. ايئن مهينو کن گذارو ڪيم پوءِ ته قرض گهرڻ وارن جون روز منهنجي گهر جي اڳيان ايئن قطارون هجن جهڙو آري تي ويٺل ڪڪڙ کي اوڙي پاڙي جا ٻانگا ڦري آيا هجن. نيٺ ان مسئلي جو به حل ڪڍيم. رات جو گهر جي در تي جام ڍينگهر رکي مون اندران سرنگ ڪڍي، ٻني تائين پڄائي، اتان اچڻ وڃڻ شروع ڪيم پر نصيب خراب موبائيل جو دور آهي سو قرض وٺندڙن گوگل تي سرچ ڪئي ۽ سرنگ جي منهن تي اچي پهتا. کين هٿ ٻڌي ٻن هفتن جو ٽائيم ورتم. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم ته ناسا جي سائنسدانن چنڊ جي روشن پاسي تي پاڻي ڳولي لڌو آهي. پوءِ ته خوشي ۾ آئون ايئن پيو جهمريون هڻان جهڙو ڪاڄ ۾ ماسي بصران کي گهور پئي ملي. مون چنڊ تي وڃڻ جو پڪو پروگرام ٺاهيو ۽ هڪ خلائي سائنسدان سان دوستي رکيم. کيس مٺڻ موالي جي اوتاري تي اهڙي وي آءِ پي ڀنگ پياريم جو هو مون تان قربان قربان پئي ٿيو. نيٺ کيس چنڊ تي وڃڻ لاءِ راڪيٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ منٿ ڪيم. پهرين هو مڃي نه پيو پوءِ کيس گيدوڙن جي آچار، ميهڙ جي پلي، دادو جي بيهن، واهي پانڌي جي وڏن ۽ بدين جي مٺن گدرن جي آفر ڏنم ته همراهه راضي ٿي ويو. راڪيٽ ٺهي ويو. ان ۾ اسان گهر جا سامان رکيا. ڦلي ڪڪڙ، گيدوڙي تي ويٺل ڪانگڙي، بي اولاد منڊڙي گڏهه، دادلي ڪتي گلرن سميت ويهاري. رات جو هر ۽ هرلو هلائڻ لاءِ مون ماسي گامون جا ڍڳا ۽ کير پيئڻ لاءِ مامي بخشي جي مينهن چوري ڪري آندي. اهي به راڪيٽ ۾ وجهي اسين اڏامي اچي چنڊ تي پهتاسين. چنڊ تي مزا لڳا پيا هئا نه ماڻهو نه ڇيڻو، نه قرض وٺڻ وارا نه تبليغي، نه ڏن وٺڻ وارا مرشد، نه مڪڙ نه ڇتا ڪتا نه ڪورونا، نه پوليس وارا، نه نوجوانن کي کنڀڻ وارا، پر مسئلو اهو هو ته اتي جي زمين ۾ ڪشش ثقل هئي ڪا نه. ڍڳا جوٽي هر هلايان ته زمين کان اٺ فوٽ مٿي پئي کيڙي ٿئي. اسان جو پٽ تي پير لڳي ئي نه جنن ۽ پرين وانگر پيا فضا ۾ اڏامون اوچتو طوطن ۽ طوطن ماءُ اڏامي پري هليا ويا. مون کين زور سان سڏ ڪيا ته ننڊ مان جاڳي پيس. اصل ۾ خواب ۾ آئون وڃي چنڊ تي پهتو هئس. ڏٺم ته طوطن ۽ طوطن ماءُ ڀرسان گهري ننڊ ۾ ستل هئا. مون اٿي کين پيار ڪيو ۽ سمهي پيس. صبح جو اخبار ۾ پڙهيم ته ڏنگي ڀنڊاڙ ٻيٽن ۽ ڪارونجهر جبل تي قبضي خلاف اياز لطيف پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين محبت سنڌ بيداري مارچ پيو نڪري. سوچيم ته آئون به فيملي سميت انهي مارچ ۾ شامل ٿيان هڪ ته قومي فرض ادا ڪندس، ٻيو ته هفتو کن بورچيخاني جي خرچ مان نجاب ملي ويندي. سو ڪپڙن جو ٿيلهو تيار ڪري، مٺي مهيري کان اٺ وٺي آئون طوطن ۽ طوطن ماءُ سميت وڃي ڪنڌڪوٽ پهتس. اتان 4 نومبر تي مارچ شروع ٿيو. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڊکڻ، ڳڙهي ياسين، غوثپور، ڪرمپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، وڳڻ، وارهه کان ٿيندو نصير آباد پهتو رات جو اتي شوڪت تنئي جي رائيس مل واري اوطاق تي ترسياسين. اتي ٻه سئو ماڻهن لاءِ هڪ باٿ روم هو. اصل قطارون لڳيون پيون هيون. ٻئي ڏينهن ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، دادو، نوشهروفيروز، مورو، نواب ولي محمد، قاضي احمد، سعيد آباد، هالا کان ٿيندي اچي ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پهتاسين. ٽئي ڏينهن خيبر، سيکاٽ، مٽياري، ڇلگري اسٽاپ، هٽڙي، قاسم آباد، حيدرآباد، نارا جيل، هوسڙي موڙ، کٿڙ، سيري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، متارو اسٽاپ، ڪڙيو گهنور، راهوڪي کان ٿيندا اچي گولاڙچي پهتاسين. چوٿين ڏينهن، جاتي چوڪ، بٺورو، سجاول، ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاهي تي پهچي محترم رسول بخش پليجو صاحب جي مزار تي حاضري ڀري گجو ۽ گهارو کان ٿيندي گهگهر ڦاٽڪ پهتاسين، پنجين ڏينهن داٻيجي، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، قائد آباد کان ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب پهتاسين جتي عظيم الشان جلسو ٿيو جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو. انهي عظيم محبت سنڌ ريلي ۾ جي يو آءِ، ايس ٽي پي، جسقم، اين پي پي ٻين تنظيمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ عام ماڻهن ڀرپور ساٿ نڀايو. جلسي ۾ اڳواڻن زبردست تقريرون ڪيون. آخر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم اياز لطيف پليجو قهر جي تقرير ڪئي. انهي سنڌي عوام جي شاندار جدوجهد کانپوءِ مون کي يقين ٿي ويو ته سنڌي قوم جاڳي پئي آهي. هاڻي ڪو به مائي جو لال نه اسان کان ڏنگي ڀنڊاڙ ٻيٽ ۽ ڪارونجهر جبل کسي سگهندو نه ڪراچي کي ڌار ڪري سگهندو. منهنجو ضمير مطمئن هو ۽ قومي جدوجهد ۾ مون پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪيو هو. انهي شاندار جدوجهد کانپوءِ هڪ دفعو وري سنڌي قوم جو ڪنڌ ڪارونجهر جبل وانگر ڪر کڻي بيٺو آهي. منهنجي ذهن تي شاهه سائين جو هي بيت وري تري آيو.
کپر گاروڙين سين وڏو وڌيئي وير
نانگ نه ويندين نڪري تو ڏر مٿي پير
هي تنين جو ڍير جن جهوناڳڙهه جلايو (شاهه)
هي تنين جو ڍير جن جنرل ضياءُ کي ڀڄايو
هي تنين جو ڍير جن  ڪالاباغ ڊيم ڦٽايو
هي تنين جو ڍير جن ڏنگي ڀنڊاڙ ۽ ڪارونجهر تي قبضو ڪندڙن کي للڪاريو

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *