تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

قصو ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال جو!

هيل اسان غريبن سان ڏاڍي ٿي، پهرين مڪڙ مهمان ٿي آيا ڀينگ ڪري ويا، پوءِ لاڪ ڊائون لاهه ڪڍيا، مٿان مينهن ماري وڌو، گهارن گهاءُ ڏنا. وري درياهه ۾ دهشت آئي ته اسان جو ڪچو ٻڏي ويو. گوارون ۽ جوارون ته ٻڏي ويون پر ڪيلي ۽ ڪمند به غوطا کائي کائي نيٺ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مال سهڻي وانگر سڏڙا ڪندي لڙهي ويو. اسين ٻچڙا ڪڇ ۾ کڻي اچي مٿانهين ڪپرن ۽ پوٺن تي ويٺاسين. اتي نه اَنُ نه پاڻي جهڙو صوماليا ۾ ويٺا هجون. مٿان وري بيٺل پاڻي جي ڪري مڇرن ۽ مکين جو بمپر فصل تيار ٿي آيو ته هڪ پاسي مليريا اچي ميٽنگ ڪئي ٻئي پاسي گيسٽرو، دستن جا دٻڙاٽ ۽ الٽين جا ٻرڙاٽ شروع ٿي ويا. ٻچا ڪڇ ۾ ڪري آءٌ موٽي ڳوٺ جي اباڻن ڪکن ۾ پهتس. ابا اتي اوچتو ڇيلي جيڏا وڏا چمڙا اچي لٿا، تن بچيل فصل جي ڀينگ شروع ڪري ڏني. سوچيم اسان کان الائي ڪهڙي خطا ٿي آهي جو قهر مٿان قهر پيا نازل ٿين، رب پاڪ کي هٿ ٻڌي ٻاڏائي چيم ”مولا سائين! مال سڀ وڏا ماڻهو کائي ويا، لوڙيون اسين غريب پيا، لکي لکانو پڙهي، الله نو وارو ڪم لڳو پيو آهي” غيبي آواز آيو “صبر ڪريو غريبڙا! هيءُ سڀ آزمائشون آهن، وڏن ماڻهن لاءِ اسان نيب جا نيش تيز ڪري ڇڏيا آهن” سوچيم الله سائين وٽ دير آهي پر انڌير ڪونهي في الحال هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن وارو پيريڊ پيو هلي. بهرحال مون کي جو صدمن جي مٿان صدما چڙهيا ته ٽينشن گهٽائڻ لاءِ مون به سگريٽ مٿان سگريٽ پيئڻ شروع ڪري ڏنو. سگريٽ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. ڏٺم ته گهٽيءَ ۾ هڪ وڏو دونئس ڪتو هڪ مسڪين ننڍڙي ڪتي کي ائين ماري رهيو هو جهڙو ڀوتار پيو هاري کي ماري.
مون کي وڏي ڪتي تي ڪاوڙ اچي وئي سو ڏيڍ پاءُ جو ڀتر کڻي ٺڪاءُ جو ڪرايومانس ته ڪتو ماڳهين مونتي ڪاوڙجي پيو. ابا ڪتو ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو سيڪٽر انچارج هجي، تنهن فونون ڪري ٻيا ويهارو کن دهشتگرد ساٿي ڪتا گهرائي ورتا. انهن مون تي حملو شروع ڪري ڏنو. سنڌي ۾ چوندا آهن جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو. سو مون به کڙين تي زور ڏنو، ڪتا نادر شاهه ۽ مدد خان پٺاڻ جي لشڪر وانگر منهنجي پٺيان ڪاهيو پيا اچن. چڪن کان آءٌ بچي ويس باقي سلوار جا ٻئي پائنچا ائين اڊيڙي ڇڏيائون. اوچتو اڳيان کتيجان کلڻيءَ جو گهر اچي ويو. مون اندر گهڙي در بند ڪيو ته ڪتا اهڙا ڦڪا ٿيا جهڙو ٻار جي هٿ مان قلفي ڪري پئي هجي. سامهون ڏٺم ته کتيجان کلڻي اچي پيئي. مون يڪدم هٿن سان پنهنجا بيقرار زلف سنواريا ۽ رومانٽڪ موڊ ٺاهي کيس گانو ٻڌائڻ لڳس. “بي خودي مين صنم، اٺ گئي يي قدم، آگئي پاس هم!” گانو ٻڌي کتيجان کلڻي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو “عاشق صاحب! قدم بيخودي ۾ ڪونه کنيا اٿئي ڪتن ڊوڙايو اٿئي!” آءٌ به استاد ماڻهو سو مڃيائي نه! مون بادشاهه پير جي پاران پتاشا کير ۽ نور ڀٽاري جي پاران نورو ڀانڊاري جو قسم کڻي چيو ته ”جان جانان! تنهنجي سڪ سمهڻ ئي نه ڏي سو هليو آيس” کتيجان کلڻي چيو ”ڪوڙ نه ڳالهاءِ هڪ ته تنهنجا پائنچا ڦاٽل آهن ٻيو ته آءٌ ڇت تي هئس سڄو لقاءُ ڏٺو هئم” اهو ٻڌي آءٌ اهڙو ڦڪو ٿيس جهڙو کدڙو کڏ ۾ ڪري پيو هجي. اڇا اڇا پير ڏيئي اتان نڪري سڌو گهر آيس.
طوطن ماءُ کي ڏسي وري رومانٽڪ موڊ موٽي آيو کيس گانو ٻڌايم. ”يي دل تم بن لگتا نهين مين ڪيا ڪرون“ گانو ٻڌي طوطن ماءُ چيو “مئا! هڪ ته ڪتن کان پائنچا ڦاڙائي آيو آهين ٻيو وري گانو پيو ڳائين ته مين ڪيا ڪرون شرم ئي ڪونه ٿو اچئي، وڃي ڪيلي جي گڏ ڪڍ ته گذر سفر لاءِ چار پئسا ملي پوندئي”. طوطن ماءُ منهنجي رومانٽڪ موڊ تي دانگي ملي ڇڏي. منهنجي اهڙي حالت ٿي وئي جهڙو لڙهي جي بيماري ۾ ٽرڙي ڪڪڙ کي مالڪ پڇ هيٺان ڏنڀ ڏنو هجي، ڦڪائي وندرائڻ لاءِ آءُ وري به ڳائڻ لڳس. “يي دنيا يي محفل ميري ڪام ڪي نهين، يي ڪيلي يي گڏ ميري ڪام ڪي نهين” اهو ٻڌي طوطن ماءُ جواب ڏنو ”جا ري صنم جا! جتي کپئي اتي وڃي ڌوڙ پاءِ!” اهو ٻڌي اسين ٻئي کل کلان ۾ هئاسين. تيسين منهنجو ڀائيٽو ڊوڙندو آيو تنهن ٻڌايو ته بابا جي طبيعت الاهي خرابي آهي توهان کي سڏيو اٿس. وڃي ڏٺم ته ادا کي کاٻي ڄاڙيءَ ۾ الاهي سور هو هيٺان ڳوڙها به هيس. ادا کي وٺي ٽنڊي جي هڪ ڏاٺ ڪڍائو ڊاڪٽر کي ڏيکاريم، وٽس 1965 ماڊل جي مريضن واري هڪڙي ڪرسي هئي. ان 200 رپيا في وٺي حيدرآباد اچڻ جو چيو. حيدرآباد وياسين اتي ساڳيو ڊاڪٽر اسپيشلسٽ لڳو پيو هو. في 1200 هيس. هن ڊاڪٽري مشينون ته سڀ هلائي ڇڏيون. ڪلاڪ تپاسڻ کانپوءِ في وٺي همراهه ٻئي ڊاڪٽر ڏانهن موڪليو. ٻئي ٽئين ڏانهن، ٽئين چوٿين ڏانهن نيٺ ڏهين تائين پهتاسين. انهي هل هلان ۾ مون کي ناني جي ٻڌايل ڪهاڻي ياد اچي ويئي جنهن ۾ ڪانءُ ٻار کان لولو ڦري وڃي وڻ تي ويهي ٿو. لولو واپس وٺڻ لاءِ ٻار جو پيءُ وڻ واڍي، بادشاهه، راڻي، ڪوئي، ٻلي، ڪتي، ڏنڊي، باهه، پاڻي ۽ ڏاچيءَ تائين پڄي ٿو. پوءِ وري سڀني کان واپس اچي ڪانءُ کان لولو وٺي ٻار کي ڏئي ٿو. انهيءَ دوران ڊاڪٽرن دنيا جهان جون ٽيسٽون به ڪرايون. ويندي مردانه طاقت جي به ٽيسٽ ڪرائي. ادا ٻروچڪو ٻار هو سو اها ٽيسٽ به 16 آنا صحيح آئي. آخري ڊاڪٽر ٻوٿاڙا لاجسٽ سرجن هو تنهن ٻڌايو ته ڀاءُ کي ڪينسر آهي. ان جو آپريشن ٿيندو، ان وري ڪراچي جي پلاسٽيڪولاجسٽ سرجن ڏانهن موڪليو. ٻنهي ڊاڪٽرن ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ گڏجي آپريشن ڪرڻ جو چيو. اسپتال جي في پڇايم هڪ نالي واري مشهور اسپتال 30 لک گهريا انجي ماسات اسپتال 20 لک ۽ پڦاٽ اسپتال 10 لک گهريا. نيٺ ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ساڍا 4 لک گهريا. اسان لاءِ اهي پيسا به وڏا هئا. نيٺ مال ڍور، زيور ذڙو ۽ ٻه ٽي ٻارا ٻنهيءَ جا وڪڻي، ڪجهه پيسا سيٺ صوفن سودائي کان وياج تي کڻي اسين وڃي اسپتال پهتاسين. پهرين پيسا جمع ڪرايم ته پوءِ انهن ادا کي جمع ڪيو.
صبح جو بک لڳي اتي موجود هڪ ڪينٽين تي ناشتو ڪيم، ابا چانهه 100 رپيا ڪوپ هجي ۽ اڍائي تولا اٽي جو پراٺو 120 رپيا هجي، وڄي ويس. آءُ اتي ويٺو هئس ته هڪ گلاب جي گل جهڙي مائي اچي پهتي، سنڌي ماڻهن ۾ وري دائمي عشق جون بيماريون. مون مائي کي چانهه جي صلاح ڪئي، مائي يڪدم مٿي تي مراقبو ٻڌو، تسبيح ڪڍي ڦيرڻ لڳي ۽ چيائين ته مونکي روزو آهي. ڪراچيءَ ۾ اهڙي ديندار مائي کي ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس، پوءِ مائي هتان هتان جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري منهنجو پرس ۽ سگريٽ ماچس ڪڍي گولي ٿي وئي، چڱو جو پرس ۾ پئسا ڪو نه هئا هڪڙا پئسا اسپتال وارا ڦري ويا هئا، ٻيا ڪينٽين واري ڦري ورتا، باقي ٻه ٽي هزار مون ابداڻي ۾ لڪائي ڇڏيا هئا. مائي ڀٽاري پرس کولي اهڙي ڦڪي ٿي هوندي جهڙو ڪانڌين کي ڪانڌپي جو ڀت نه مليو هجي، اهو ڳوٺ وارا کائي ويا هجن، خير اسين ڇنڇر تي ويا هئاسين آچر تي آپريشن ٿيڻو هو، بجلي جي فالٽ جي ڪري ڪو نه ٿيو، اڱاري تي ٿيو، آپريشن ڪرڻ لاءِ به ڀلوڙ ڊاڪٽر آيا هئا هڪ لطيف آباد جو سيد هو ٻيو سعيدآباد جو سيد هو بيهوشي وارو ڊاڪٽر ڪنري جو جٽ هو جيڪو اسپتال جو منتظم به هو، انهن ٽنهي محنت ڪري اٺ ڪلاڪ تائين ڪم ڪري ادا جو آپريشن ڪيو، مون کين سلام ڪيو. ڪنري واري ڊاڪٽر ته مهربان ٿي جمع ڪرايل پئسن مان ڳچ پئسا واپس به ڪرائي ڏنا، انهن جي مهرباني سان ادا جا سڀ ڳوڙها ڳنڍا نڪري ويا، زخم ڇٽڻ تي موڪل ملي اسين ڳوٺ موٽي آياسين. ادا کي صحتمند ڏسي ڀاڄائي ۽ سندس ٻارڙا خوشي ۾ باغ بهار ٿي پيا منهنجو ضمير به مطمئن هو جو مون ڏکئي وقت ۾ پنهنجي موڀي ڀاءُ جي خدمت ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *