Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_0p0d514e3nr4qvg6g76safgdma, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
قومي اسيمبلي ۾رڳو جي آءِ ٽي ۽ ڪي اليڪٽرڪ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar قومي اسيمبلي ۾رڳو جي آءِ ٽي ۽ ڪي اليڪٽرڪ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

قومي اسيمبلي ۾رڳو جي آءِ ٽي ۽ ڪي اليڪٽرڪ

قومي اسيمبليءَ جوڪالهه هنگامي سان ڀرپور اجلاس ٿيو آهي مقرر وقت کان لڳ ڀڳ 20 منٽ دير سان شروع ٿيل اجلاس جي شروعات ۾ ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل دهشتگردي کي ناڪام بڻائيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ عملي کي وزيراعظم جو شهيدن لاءِ طئه ڪيل پئڪيج نه ملڻ بابت ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو ويو، مزي جي ڳالهه اها ته اهو ڌيان طلب نوٽيس مخالف ڌر جي ڪنهن ميمبر نه پر حڪمران جماعت جي نصرت واحد پيش ڪيو، جنهن تي پاليسي بيان ڏيڻ لاءِ گهرو وزير اعجاز شاهه موجود نه هيو، ان ڪري گهرو وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري شوڪت علي ان تي بيان ڏنو. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ميمبر اسلم خان ايوان کي ٻڌايو ته سندس گهر تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي،
منهنجو تڪ نائين زيرو جي علائقي وارو آهي. سنڌ حڪومت مون کي 24 ئي ڪلاڪن تائين سيڪيورٽي فراهم ڪري، پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي سيڪيورٽي مليل آهي. جنهن تي پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته آئين هر ڪنهن جي زندگي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. سنڌ حڪومت کان ان تي رپورٽ طلب ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي اسلم خان پاران اٿاريل مامري کي دل جي ڳالهه سمجهي جي ڊي اي جي غوث بخش خان مهر چيو ته سنڌ جي قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ته سيڪيورٽي مليل آهي پر پ پ جي ورڪرن کي به سيڪيورٽي ڏنل آهي، مون لاءِ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي ڏيڻ جو چيو پر سيڪيورٽي نٿي ڏني وڃي، جنهن تي جواب ڏيندي پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر مير غلام علي ٽالپر چيو ته مان به پ پ جو اسيمبلي ميمبر آهيان مون ته پ پ ميمبرن وٽ سيڪيورٽي نه ڏٺي آهي، ورڪرن کي سيڪيورٽي ملڻ ته ٻئي ڳالهه آهي پ پ ميمبر شگفته جماڻي چيو ته شڪارپور مان چونڊيل ميمبر غوث بخش مهر جي ڳالهين تي افسوس ٿيو مان پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آهيان پر سيڪيورٽي نه مليل آهي. غوث بخش مهر وزير رهندو آيو آهي ان کي وزير بڻايو وڃي ته کيس سيڪيورٽي ملي ويندي، پنهنجي سيڪيورٽي واري مامري بعد شگفته جماڻي چيو ته پارليامينٽ لاجز جتي قومي اسيمبلي جا 342 ۽ سينيٽ جا 104 ميمبر رهن ٿا اتي ڪي بندوبست نه ٿيل آهن ڪو ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه هوندو آهي دوا نٿي ملي. ان بعد پ پ جي آغا رفيع الله، شگفته جماڻي، شازيه مري، شميم آرا پنهور پاران ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ واري مامري تي حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو. ان مامري تي بجلي جي وفاقي وزير عمر ايوب جيڪو بيان ڏنو اهو حيرتناڪ هو. وفاقي وزير عمر ايوب ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن فرنس آئل، معاهدي تحت 650 ميگاواٽ کان هڪ سو ميگاواٽ وڌيڪ بجلي قومي گرڊ مان ڏيڻ ۽ گيس به اضافي ڏني پئي وڃي. معاهدي کان به وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ باوجود ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ڇو ڪئي پئي وڃي ۽ وفاقي سرڪارڪمپني آڏو ڇو بيوس بڻيل آهي جي سوالن جو جواب ڏيڻ بجاءِ لوڊشيڊنگ جي مامري کي اڳوڻين حڪومتن کي ذميوار قرار ڏيندي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته نيپرا ۾ سنڌ جو ميمبر ڪي اليڪٽرڪ مٿان جرمانن جي مخالفت ڪري ٿو، ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اندر موت ٿيا آهن انهن جي سنڌ حڪومت ذميوار آهي. جنهن تي پ پ جي شگفته جماڻي چيو ته هر مامري تي هي گهمي ڦري سنڌ حڪومت طرف اچن ٿا،
ڪراچي ۾ بجلي نه آهي ته برسات جو پاڻي ڪيئن نڪرندو، گٽرن جو پاڻي ڊٻن سان ته نه نڪري سگهندو. شازيه مري چيو ته وزير جيڪي دونهيدار بيان ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن ان سان بجلي اچي وڃي ٿي ته هو ڀلي روز اهڙا بيان ڏئي جيڪڏهن نه ته اهڙن بيانن سان اسان جا ڪن نه پچايا وڃن. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري شازيه مري کي رولز ياد ڏياريا ته رولز تحت ڌيان طلب نوٽيس تي توهان سوال ڪري سگهو ٿا، تقرير نٿا ڪري سگهو. شازيه مري جي ڳالهين جو وفاقي وزير عمر ايوب اهو جواب ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ سنڌ صوبي ۾ آهي، جتي پ پ جي حڪومت آهي، شازيه مري چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو، وفاقي وزير ان سوال جو سڌو جواب ڏيڻ بجاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري وفاقي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته شازيه مري کانسواءِ پي ٽي آءِ ميمبرن به اهو سوال ڪيو آهي. اوهان ٻڌايو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو، تڏهن وڃي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ جو مستقل حل ٻن سالن ۾ ٿي سگهندو، جنهن تي نو نو ۽گوڙ شروع ٿي ويو،ان دوران پ پ جي شميم آرا پنهور چيو ته هي استعيفيٰ ڏين، پ پ کي حڪومت ڏيو ته 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين. ان دوران حڪومتي ميمبر اسلم خان پ پ جي عورت ميمبرن سان مخاطب ٿيندي غير مناسب جملن جو استعمال ڪيو ته پ پ ميمبرن گوڙ ڪيو، اهو گوڙ اهڙو شديد هو جو ڊپٽي اسپيڪر کي اسلم خان کي اهي لفظ واپس وٺڻ سان گڏ عورت ميمبرن جو احترام ڪرڻ جي هدايت ڪرڻي پئجي وئي. استعيفيٰ ڏيڻ واري پ پ جي مطالبي تي رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته مون کي ياد آهي ته ڪراچي ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، جڏهن صبح جو اٿياسين ته ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت ختم ٿيل هئي ۽ ملڪ ۾ مارشلا لڳي چڪي هئي، هي 45 سالن کان لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن ۽ 6 مهينن ۾ لوڊشيدنگ ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
جنهن تي اسد عمر ۽ پ پ جي ڪراچي مان چونڊيل آغا رفيع الله ۾ تلخ ڪلامي ٿي ته ڊپٽي اسپيڪر آغا رفيع الله تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اوهان هميشه ايوان کي يرغمال بڻايو ٿا. ان بعد پ پ جي راجه پرويز اشرف چيو ته حڪومت ۾ اچڻ جي 4 کان 6 مهينن تائين ته مسئلن جي ذميواري اڳوڻين حڪومتن تي هڻڻ سان سلسلو هلائي سگهجي ٿو پر اوهان جي حڪومت کي ٻن سالن جو عرصو ٿي ويو آهي. هن وفاقي وزير علي زيدي پاران عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ بابت ڪجهه ڏينهن اڳ ايوان ۾ ڪيل تقرير جو ذڪر ڪندي چيو ته ان وٽ موٽر سائيڪل تي آيل لفافو جنهن ۾ پ پ قيادت کي گاريون ڏنل آهن اهو هتي گهرايو، ڪو اسان کي اوهان بابت ڪو اهڙو لفافو ڏئي وڃي ان کي اسان هتي پڙهون ته توهان کي ڪيئن لڳندو؟ هي ڄاڻي واڻي پنهنجي وزيراعظم جي بي عزتي ڪرائڻ لاءِ ڪن ٿا. ان بعد ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير امين الحق تقرير ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مافيا ٿي وئي آهي ان رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهريان ان خلاف ڌرڻو هڻنداسين. هي اها ڪي اليڪٽرڪ آهي جنهن جي پرويز مشرف جي دور ۾ نجڪاري ٿي رهي هئي ته ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو ۽ ڪي اي ايس سي جي نجڪاري جي حمايت ۾ سڀ کان اڳڀري هئي. جيڪڏهن اها مافيا ٿي وئي آهي ته ان ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو قصور نه آهي؟ وفاقي وزير جو عهدو رکندي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ووٽرن جي اکين ۾ سرمو وجهڻ جي ڪوشش آهي، جيئن پي ٽي آءِ جا ڪراچي مان چونڊيل ميمبر ڪراچي ۾ مليل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.
ڪي اليڪٽرڪ جا مامرا توڙي بجلي شعبو وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي پر ان باوجود حڪومت ڌر جا ميمبر احتجاج ڪري رهيا آهن . ڪي اليڪٽرڪ جو مامرو هلي رهيو هو ته بحث جو رخ موڙڻ لاءِ مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد تقرير ڪرڻ شروع ڪئي جنهن سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽن ۾ علي زيدي پاران سامهون آندل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ فرق بيان ڪندي چيو ته هنن جي جي آءِ ٽي ۾ قتل ڪرڻ، ڀتو وٺڻ، ڀنگ لاءِ اغوائون ڪرڻ، قبضا ڪرڻ جو ذڪر آهي پر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو ويو انهن جا نالا علي زيدي پاران سامهون آندل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ آهن ان بعد مراد سعيد عذير بلوچ پاران 164 جي رڪارڊ ڪرايل حلفيه بيان جي ڪاپي گهرائيندي عذير بلوچ جو 164 جو بيان پڙهڻ شروع ڪيو ته پ پ ميمبرن نه رڳو گوڙ ڪيو پر پ پ ميمبر شاهده رحماني ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، رولز تحت جنهن وقت ڪورم جي نشاندهي ڪئي وڃي، ڪارروائي روڪي ڳڻپ ڪرائڻي آهي پر ڊپٽي اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي کي نظرانداز ان ڪري ڪيو جيئن مراد سعيد عذير بلوچ جي 164 جي بيان جا 5 نقطا پيش ڪري سگهي، پ پ ميمبرن نه رڳو گوڙ ڪيو پر ڪجهه ميمبر اسپيڪر جي روسٽروم تائين به اچي ويا. گوڙ۽ ڪورم جي نشاندهي باوجود مراد سعيد تقرير ڪندو رهيو . وفاقي وزير جي تقرير جاري هئي ته پ پ جي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ميمبر نصيبان چنا هيڊ فون مراد سعيد کي هڻڻ لاءِ اڇلايو جيڪو مراد سعيد کي نه لڳو پر ان جي ڀرسان اچي ڪريو، ان دوران ڪراچي مان چونڊيل آغا رفيع الله وڏي آواز ۾ ڪورم ڪورم جا آواز بلند ڪيا ان بعد مجبورن ڊپٽي اسپيڪر کي ڪارروائي روڪي ڳڻپ ڪرائڻي پئي، ميمبر پورا نه هئڻ ڪري ڊپٽي اسپيڪر ڪارروائي ڪورم پورو ٿيڻ تائين ملتوي ڪئي، ڪارروائي ملتوي ٿيڻ بعد 48 منٽن تائين حڪومتي ڌر ميمبرن کي گهرن مان ايوان ۾ اچڻ لاءِ فون گهمائيندي رهي پر حڪومت اجلاس جو ڪورم پورو نه ڪري سگهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس اڄ جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪرڻو پئجي ويو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *