تازا ترين
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

قومي اسيمبلي ۾ سياسي ڇڪتاڻ جي گرمي

اربع ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس کي پارليامينٽ جي تاريخ جي ڪجهه منفرد ۽ غير معمولي اجلاسن مان هڪ اجلاس قرار ڏجي ته اهو غلط نه ٿيندو، ڇو ته ڪالهوڪو قومي اسيمبلي جو اجلاس نه رڳو ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ ڪهڙي سطح تي پهتي آهي جي منظر ڪشي ڪري ٿو پر حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ تعلقات ڪنهن حد تائين ڳنڀير ٿي ويا آهن جي به تصوير پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڪالهوڪو اجلاس ملڪي تاريخ جو ان ڪري به انوکو ۽ منفرد اجلاس هو جو ان وقت اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪراچي مان چونڊيل آغا رفيع الله کي ايوان مان زبردستي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سارجنٽ ايٽ آرمز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، جيڪڏهن سارجنٽ ايٽ آرمز ڊپٽي اسپيڪر جي هدايت تحت آغا رفيع الله کي ٻانهن کان پڪڙي زبردستي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ها ته مخالف ڌر جا ميمبر به ان جي ڀرسان هئا ۽ ايئن ايوان ۾ سيڪيورٽي عملي ۽ ميمبرن وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ يقيني هو. اسيمبلي جي سارجنٽ ڊپٽي اسپيڪر پاران بار بار هدايتون جاري ڪرڻ باوجود آغا رفيع الله کي زبردستي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن ڪري ايوان هڪ وڏي جهيڙي يا حادثي کان ته بچي ويو پر ان باوجود اهو به پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن ميمبر لاءِ اسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺل ڊپٽي اسپيڪر زبردستي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جي هدايت ڪئي هجي. رولز تحت ته اسپيڪر يا اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهي ڪارروائي هلائيندڙ کي ڪنهن ميمبر کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ يا ڪارروائي معطل ڪرڻ جا اختيار آهن پر اهي اختيار ڪنهن غير معمولي نوعيت ۾ ئي استعمال ڪرڻ جي نيت رکي اسپيڪر جي عهدي تي رهندڙ ڪنهن به اسپيڪر انهن کي استعمال نه ڪيو آهي. سوال هي آهي ته آغا رفيع الله اهڙو ڇا ڪيو جو ڊپٽي اسپيڪر کي کيس سيڪيورٽي عملي ذريعي زبردستي ٻاهر ڪڍرائڻ جي ضرورت پيش آئي؟ ان حوالي سان اوهان کي ٻڌايان ته ڪالهه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ميمبرن جي لکت ۾ پيش ڪيل سوالن جي تحريري جوابن تي ٻڌل جيڪو بوڪ ليٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، ان ۾ پهريون سوال ئي آغا رفيع الله جو هو ته وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن پاران ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا ويا آهن يا نه؟
جن صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا آهن ته انهن جا تفصيل ڇا آهن ۽ جن جمع نه ڪرايا آهن انهن جا سبب ڇا آهن؟ ان سوال جو ناڻي وزارت لکت ۾ جواب نه ڏنو، جڏهن سوالن جوابن جي ڪارروائي شروع ٿي ته ڊپٽي اسپيڪر ان سوال کي نظر انداز ڪري ٻين سوالن تي ڪارروائي شروع ڪئي ته آغا رفيع الله پنهنجي سيٽ تي بيهي سوالن جوابن جي ڪتابچي کي لهرائي وڏي آواز سان اهو چوڻ شروع ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر صاحب منهنجي سوال جو جواب؟ جڏهن بار بار اهو آواز بلند ڪرڻ باوجود ڊپٽي اسپيڪر کيس نظر انداز ڪيو ته هو ان جي ڊائيس وٽ پهتو ته ڊپٽي اسپيڪر مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته توهان تمام گهڻي بدتميزي ڪرڻ لڳا آهيو،
توهان کي مان ايوان مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيندس، اهو چئي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري سارجنٽ کي هدايت ڪئي ته هن کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو وڃي، اوهان کي ٻڌايان ته سارجنٽ قومي اسيمبلي جي سيڪيورٽي عملي جو انچارج هوندو آهي، ان لاءِاسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺل جي هدايت نظر انداز ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو، پر جيئن ئي ڊپٽي اسپيڪر اها هدايت ڪئي ته واڪ آئوٽ تي ويل مخالف ڌر جا ميمبر ايوان ۾ اچي ويا ۽ اهي آغا رفيع الله جي ارد گرد جمع ٿي ويا ته سارجنٽ اهو محسوس ڪري ورتو ته جيڪڏهن آغا رفيع الله کي ٻانهن کان وٺي زبردستي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري سيڪيورٽي عملو زباني طور تي آغا رفيع الله کي چوندو رهيو پر ان انهن جي هڪ نه ٻڌي. ڊپٽي اسپيڪر کي ايئن ڪيترائي ڀيرا آغا رفيع الله کي ايوان کان ٻاهر ڪڍڻ جي هدايت ڪرڻي پئي، سيڪيورٽي عملي مان ڪيترائي سيڪيورٽي اهلڪار ايوان ۾ اندر اچي هڪ جڳهه تي بيهجي ويا، پر انهن آغا رفيع الله کي زبردستي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان مامري کي وڌڻ کان بچائڻ لاءِ حڪومتي ڌر کي وچ ۾ اچي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر ايوان ۾ نظر اچي رهيو هو ته انساني حقن جي وفاقي وزير شيري مزاري بار بار سيڪيورٽي عملي سان مخاطب ٿي اهو چئي رهي هئي ته هن کي ٻاهر ڇو نه ڪڍي رهيا آهيو؟ خير وري به ايوان جو ماحول خراب ٿيڻ ۽ جهيڙي کان بچڻ لاءِ هيٺاهين مخالف ڌر ئي ورتي. راجا پرويز اشرف آغا رفيع الله پاران معذرت ڪئي ۽ اهو به چيو ته ان ڪو به غلط لفظ نه ڳالهايو آهي، پر ان معذرت باوجود ڊپٽي اسپيڪر ان ضد تي قائم رهيو ته رولنگ تحت هي ڪجهه دير لاءِ ايوان کان ٻاهر وڃي ۽ ان کان پوءِ واپس اچي نيٺ ڊپٽي اسپيڪر جي ان ضد اڳيان به مخالف ڌر جهڪي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ گوڙ، هنگامي کي ختم ڪرڻ لاءِ آغا رفيع الله کي لابي ۾ وٺي ويا، ان بعد جڏهن آغا رفيع الله ايوان ۾ واپس اچڻ لڳو ته ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته جيستائين قومي اسيمبلي جي رول 20 کي معطل ڪرڻ جي رٿ منظور نه ٿي ٿئي، آغا رفيع الله ايوان ۾ نه ٿو اچي سگهي، ايئن پارلياماني مامرن جي وزير اها رٿ به پيش ڪئي،
جنهن کي منظور ڪرڻ کان پوءِ آغا رفيع الله ايوان ۾ ٻيهر اچي سگهيو. آغا رفيع الله مخالف ڌر جي انهن ميمبرن مان آهي جيڪي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪرڻ وقت سڀني کان نمايان هوندا آهن، نعرا هڻڻ کان وٺي گوڙ ڪرڻ تائين وارن مامرن جي اڳواڻي ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته آغا رفيع الله کي پهريان به ڊپٽي اسپيڪر توڙي اسپيڪر هدايتون ڪري چڪا آهن ته توهان گوڙ گهڻو ڪندا آهيو، نه رڳو ايترو پر ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڪجهه مهينا پهريان هڪ ئي ڏينهن جي اجلاس ۾ ڪجهه منٽن اندر مخالف ڌر جي احتجاج کي نظر انداز ڪري جڏهن 8 کان وڌيڪ بل منظور ڪرايا هئا ته مخالف ڌرجي پارٽين به قاسم سوري خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي هئي، جنهن تي ووٽنگ ڪرائڻ جي هڪ اڌ ڏينهن کان پهريان ئي حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهيون منظور ڪرايل بل واپس وٺڻ ۽ ٻيهر منظور ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي اها بي اعتمادي جي رٿ واپس ڪرائي هئي. مطلب چوڻ جو اهو ته ڊپٽي اسپيڪر مٿان به مخالف ڌر مسلسل ايوان جي جانبداراڻي نموني سان ڪارروائي هلائڻ جو الزام لڳائيندي رهي آهي، جيڪو الزام اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهندڙ ڪنهن به عهديدار لاءِ بهتر ناهي. خير ان مامري کي اتي ڇڏي هاڻي اچون ٿا ان غداري جي الزامن بابت جيڪي پهريان وزيرن جي پريس ڪانفرنسن ۾ مخالف ڌر خلاف ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، انهن غداري جي الزامن جي گونج ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پهچي وئي آهي، نه رڳو ايترو پر حڪومت مخالف ڌر مٿان آئين جي آرٽيڪل 251 جي خلاف ورزي ۽ توهين ڪرڻ جو به الزام لڳايو ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم خلاف مذمتي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جيڪا حڪومت اڪثريت راءِ سان منطور ڪرائي ورتي، اوهان کي ٻڌايان ته حڪومت پاران مخالف ڌر مٿان جنهن آئين جي آرٽيڪل 251 جي خلاف ورزي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان آئين جي آرٽيڪل تحت اردو ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي، ان آئين جي آرٽيڪل ۾ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا جا ميمبر قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ مسلسل ترميمي بل پيش ڪري سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جون تجويزون پيش ڪندا رهيا آهن پر اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڪو به ترميمي بل منظور نه ٿي سگهيو آهي، وفاقي وزير مراد سعيد ان آرٽيڪل جي خلاف ورزي ۽ توهين ڪرڻ جي قرارداد محمود خان اچڪزئي جي پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪيل خطاب کي بنياد بڻائي پيش ڪئي، اها قرارداد منظور ٿيڻ کان پوءِ ان مخالف ڌر خلاف سخت تقرير ڪئي. هن نيب قانون ۾ ترميمن جو مخالف ڌر پاران حڪومت کي پيش ڪيل ڊرافٽ کي اين آر او قرار ڏيندي مخالف ڌر جو اهو دستاويز ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو، حڪومت پاران منظور ڪرايل قرارداد ۽ مخالف ڌر مٿان ڀارتي بيانيي تي هلڻ جي لڳايل الزامن جو جواب ته راجا پرويز اشرف به ٺيڪ ڏنو پر حڪومت جي ان تنقيد جو جواب دليلن ۽ مهذب انداز سان ڪجهه مهينا پهريان تائين حڪومت جي اتحادي سردار اختر مينگل انتهائي زبردست طريقي سان ڏنو، هن چيو ته حڪومت پي ڊي ايم خلاف قرارداد پيش ڪئي آهي، مان وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان سمجهي نه سگهيا هئاسين ته پي ڊي ايم ايترو سٺو ويندي،
هن چيو ته محمود خان اچڪزئي کي اُچڪزئي چوڻ مناسب ناهي، اهو به هن ايوان جو ميمبر رهيو آهي، ان جلسي ۾ اردو خلاف ڪجهه نه ڳالهايو آهي، ان اهو چيو هو ته اردو اسان جي قومي ٻولي آهي پر صوبن اندر ٻيون جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن جو به احترام ڪيو وڃي، انهن کي به حيثيت ملڻ گهرجي، انهن کي ايترو نظر انداز نه ڪيو وڃي جو اهي اڳتي هلي ختم ٿي وڃن. هن چيو ته هتي آزاد بلوچستان جي نعري لڳڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، اهو شاهه احمد نوراني جي پٽ شاهه اويس نوراني تي الزام لڳايو ويو، جنهن پاڪستان جي آئين جي منظوري ۾ ڪردار ادا ڪيو هو، هن حڪومت کان ئي سوال ڪيو ته هتي هڪ آئين جي آرٽيڪل جي خلاف ورزي جي مذمتي قرارداد ته پيش ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن سڄي آئين جي لتاڙ ٿئي ٿي ان وقت اهي جذبا ڪٿي هوندا آهن، هن وفاقي وزير مراد سعيد کي پيش ڪش ڪئي ته آئين جي لتاڙ ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ قرارداد آڻي انهن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، پوءِ اهو آئين جي لتاڙ ڪندڙ فوجي هجي يا سويلين، مان ان قرارداد جي حمايت ڪيان ٿو، هن چيو ته هتي به ڳالهائڻ نه پيو ڏنو وڃي، جلسن ۾ به تقريرون نه ٿيون ڪري سگهجن ته ان جو مطلب ته اهو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لڳل آهي، هن چيو ته آزاد بلوچستان جي ڪو بلوچ ڳالهه ڪري ها ته ان کي ڦاهي چاڙهيو وڃي، آزاد بلوچستان جي ڳالهه نواب خير بخش مري جو پٽ هريبيار مري ڪري رهيو آهي، نواب اڪبر بگٽي جو پوٽو برهمداغ بگٽي ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر الله نذر ڪري رهيو آهي، هريبيار مري تي جڏهن برطانيا ۾ دهشتگردي ۽ بغاوت جو ڪيس هلي رهيو هو، تڏهن ان جي بيگناهي جي وڊيو لنڪ ذريعي گواهي 2009ع ۾ عمران خان ڏني هئي، پوءِ اهڙي گواهي ڏيڻ تي ٿوري سزا جو حقدار عمران خان به بڻجي ٿو، سردار اختر مينگل نه رڳو ايترو پر اهو به چيو ته قائد اعظم جي مزار جي بي حرمتي اگر ٿي آهي ته نه ٿيڻ گهرجي ها، پر ڇا 70 سالن ۾ قائد اعظم جي خوابن جي بي حرمتي نه ٿي آهي،
ڇا قائد اعظم مارشلائن لڳڻ ۽ ڊي ايڇ ايز ٺاهڻ جا خواب ڏٺا هئا، ڇا قائد اعظم پاپا جونز جا پيزا کائينداسين جا خواب ڏٺا هئا؟ ڇا قائد اعظم بلوچستان ۾ 5 فوجي آپريشن ڪرڻ ۽ بنگلاديش قائم ٿيڻ جو خواب ڏٺو هو؟ ڇا قائد اعظم بلوچستان مان هزارين ماڻهن جي مسنگ ٿيڻ ۽ اتي اجتماعي قبرون بنائڻ جو خواب ڏٺو هو، قائد اعظم جي خوابن تي ڪنهن پاڻي ڦيريو؟ پاپا جونز وارن ڦيريو آهي، انهن جو نالو به ته ورتو وڃي، مخالف ڌر مٿان حڪومت پاران مودي جو بيانيو اختيار ڪرڻ جي الزامن جو خواجا آصف به ڀرپور جواب ڏنو ۽ ان به سوال اٿاريا، ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي حوالي ڪرڻ وقت ان جي موٽ ڀارت مان به ملڻ جو اسان کي ٻڌايو ويو هو، پر ان جو ته ڪو نتيجو نه نڪتو، ڪلڀوشن کي ته ڀارت حوالي ڪرڻ جي تياري هي حڪومت ڪري رهي آهي،
مودي جي اليڪشن ۾ ٻيهر ڪاميابي جون دعائون ته عمران خان ڪيون، والاريل ڪشمير جو سانحو ته هن حڪومت ۾ ٿيو، پوءِ ٻڌايو وڃي ته ڪشميرين جي خون سان غداري ڪنهن ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان جو نالو ڪارن اکرن سان تاريخ ۾ لکيو ويندو، عمران خان خلاف تقرير تي حڪومتي ڌر جا ميمبر ايتري تائين جو وزير به اٿي گوڙ ڪرڻ لڳا ۽ عمران خان لاءِ ڳالهايل سمورا غير پارلياماني لفظ ان وقت اجلاس جي صدارت ڪندڙ پرزائيڊنگ آفيسر ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا، راجا پرويز اشرف سوال اٿاريو ته جيڪڏهن مخالف ڌر مان اهي چور ۽ غدار جا لفظ استعمال ٿين ته اهي غلط، ته پوءِ حڪومتي ڌر مان جڏهن اهي لفظ استعمال ٿين ٿا ته اهي پارلياماني ڪيئن ٿي وڃن ٿا، راجا پرويز اشرف جو اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور ڪجي ٿو ته اهو شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته ايوان ۾ اسپيڪر جي ڪرسي تي ويهندڙ شخص جڏهن غير جانبداراڻو ڪردار ادا ڪندو ته تڏهن شايد ايوان ۾ ڪنهن کي به اهي سوال اٿارڻ جي همت نه ٿي سگهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *