Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dehd19ui571drrmmknr1tl0mbc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪورونا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪورونا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪورونا

ملڪ ۾ پهريون ڪورونا جو ڪيس 26 فيبروري تي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ئي وقت ظاهر ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ اسان جو ملڪ به پنهنجي پاڙيسري ملڪ  چين جيان ڪورونا جي وبا ۾ وڪوڙجي ويو هو، ڪورونا جي ڪري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ٿيو، جنهن سان جيتوڻيڪ معاشي صورتحال ڪجهه خراب ٿي پر وائرس تي ضابطو اچي ويو ۽ انساني جانيون دنيا جي ٻين ملڪن جيان وڌيڪ ضايع ٿيڻ کان بچي ويون، آگسٽ کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ۽ سيپٽمبر ۾ تعليمي ادارا به کلي ويا، زندگي مڪمل طور معمول ڏانهن موٽي آئي هئي، پر وائرس مڪمل طور ختم نه ٿيو هو ۽ ڪجهه ڪيسز روزاني سڄي ملڪ مان رپورٽ ٿي رهيا هئا، ان باوجود نه انتظاميا وائرس تي ضابطي برقرار رکڻ  لاءِ ڪي جوڳا انتظام ڪيا ۽ نه ئي عوام ايس او پيز تي عمل ڪيو، نتيجي ۾ ٿڌ ۾ اضافي کانپوءِ  وائرس وري وڌي ويو آهي  ۽ وائرس جي وڪوڙجڻ سبب سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڄام مدد علي ڪالهه فوت ٿي ويو، ان کان اڳ پ پ  ايم پي اي  ۽ صوبائي وزير  مرتضيٰ بلوچ   به انهي وائرس سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو جڏهن ته  پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار سيٺ به ڪورونا جي ڪري  وفات ڪري ويو آهي،انهي کان علاوه  ٻيا به ڪيترائي ماڻهو  پنهنجون قيمتي جانيون ڪورونا سبب  وڃائي چڪا آهن ته ڪجهه ماڻهو ڪورونا جي ئي ڪري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهن. ڪورونا جو وائرس هن وقت اسانجي ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي چڪو آهي ۽ انهي وائرس کان بچڻ لاءِ احتياط کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، نه ڪا اڃان تائين ويڪسين آهي جنهن سان ماڻهو وائرس کان بچي سگهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا دوا آهي جيڪا کائڻ سان وائرس جي حملي کان بچي سگهجي، هن وقت رڳو هڪڙو ئي رستو آهي ته احتياط ڪجي، انهي احتياط سان نه رڳو پنهنجي حياتي پر پنهنجي گهر ڀاتين، پاڙيوارن، آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙن يا اسان سان لاڳاپيل هر ماڻهو جي حياتي بچي سگهي ٿي، پر اهو احتياط ڪري ڪير؟

اسان جو عوام جيڪو ظاهري طور باشعور نظر اچي ٿو پر عملي طور اهو احتياطي اپاءُ وٺڻ کان پاسو ڪري ٿو . سرڪار پاران ڪورونا جي وائرس تي ضابطي لاءِ جيڪي ايس او پيز جوڙيون ويون هيون ان تي عمل 5 سيڪڙو به ماڻهو نٿا ڪن، انهن ايس او پيز تي عمل ۾ جيڪو بنيادي ۽ ضروري ڳالهه هئي اها هئي ته ماسڪ پائڻ ضروري آهي ماسڪ اسان جا ماڻهو خريد به ڪن ٿا  پر پائين نه ٿا، اڪثر ماڻهو ماسڪ کيسي ۾ کڻي گهمندا آهن، جتي ماسڪ کانسواءِ اچڻ جي اجازت ناهي هوندي اتي ماسڪ پائي ڇڏين ٿا باقي جتي ڪير پڇا نٿو ڪري اتي ماسڪ کيسي ۾ رکيو ڇڏين، ان قسم جي غير سنجيدگي اسانکي هڪ ڀيرو ٻيهر امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اسين سمورا پاڪستاني ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهيون، ايس او پيز جوڙيندڙ سرڪار به پنهنجي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪا گهڻي سنجيده نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ جو رياست جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي عمل ڪرائڻ چاهيندي آهي ته ان تي  عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي پر هتي ته اختيارين پاران به ايس او پيز جاري ڪري رڳو فرض پورو ڪيو ويو آهي، انهن تي عملدرآمد لاءِ ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي، جنهن سبب وائرس هر هنڌ پکڙجي پيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر درگاهون بند ٿي ويون، شادي هالن تي جزوي طور پابندي لڳي وئي، تعليمي ادارن ۾ موڪلن تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ سماجي ڪاروهنوار معمول کان گهٽجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سرڪار کي گهرجي ته پنهنجي ئي جوڙي ايس او پيز تي عمل لاءِ سختي ڪري، ادارن کي بند ڪرڻ بدران اتي ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ هڪ طرف وائرس انساني جانيون ڳڙڪائي سگهي ٿو ته  ٻئي طرف معاشي حالتون وڌيڪ بدتر ٿي سگهن ٿيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *