Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_f8on9hh8jmkprronr7psnd2boe, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
لاهور جو ملتان روڊ ۽ مريم نواز جي واپسي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar لاهور جو ملتان روڊ ۽ مريم نواز جي واپسي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

لاهور جو ملتان روڊ ۽ مريم نواز جي واپسي

سنڌ جي قومي سياست کي عمر جو وڏو عرصو ارپي اڌ وهي ۾ وفاقي سياست جي گاڏي ۾ سوار شاهه محمد شاهه گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ هڪڙي ڳالهه چئي آهي. مون وٽ ان بابت ڪي چٽا ثبوت ته ناهن پر شاهه محمد شاهه جي چواڻي ته ملڪي سياست جي وڏي نالي غوث بخش بزنجي اسٽيبلشمنٽ سان جهيڙي دوران چيو هو ته “پنجاب مان ملڪي ليڊرشپ پيدا ٿيندي جيڪا هن اسٽيبلشمنٽ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندي. شاهه محمد شاهه اهو به چيو آهي ته خان ولي خان بزنجي جي ان ڳالهه کي وڌائيندي نواز شريف جو نالو کڻي چيو هو ته پنجاب ۾ ليڊرشپ پيدا ٿي چڪي آهي”.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته گڏيل هندستان ۾ هريانا ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل پنجاب وڏي عرصي کان وٺي ليڊرشپ جي ڏڪار ۾ رهيو آهي اسان جي پنجابي دوستن وٽ رنجيت سنگهه کانپوءِ ڪو اهڙو وڏو نالو نه هو جنهن کي هو ڳڻائي سگهن. غلام مصطفيٰ کر کان وٺي ميان منظور وٽو تائين پنجاب جا ليڊر وڏي عرصي تائين يا ته پنڊي جا سلامي رهيا يا وري ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي سفر ۾ شريڪ رهيا پر ضياءَ الحق کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جنهن نواز شريف کي پنجاب مان پ پ جي مخالفت ۾ ميدان تي آندو هو اهو ئي نواز شريف ۽ ان جي سياست هن وقت اسٽيبلشمنٽ جي سامهون اکيون اکين ۾ ملائي بيٺل آهي. اهو نواز شريف جيڪو وڏي عرصي تائين اسٽيبلشمنٽ جي ڇٽي هيٺ پاڪستان جي جمهوري قوتن سامهون ديوار بڻجندو رهيو ان نواز شريف کي مشرف دور کانپوءِ اصلي اقتداري ڌرين اهڙا ته ڌوڪا ڏنا جو هن وقت سمورين ڪوششن باوجود اصلي ڌڻي نواز شريف جي سياست کي اهڙي ريت ختم ناهن ڪري سگهيا جهڙي ريت هو پيپلز پارٽي کي وڏي عرصي تائين ختم نه ڪري سگهيا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ نه اها پيپلز پارٽي رهي آهي ۽ نه وري نواز ليگ ۾ اها پڪي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو سدائين اهڙي ريت جهيڙي ۾ رهندي جهڙي هن وقت آهي. پر بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پاڪستان جي سياست ۾ مسلم ليگ نواز جو ڪردار ڪجهه اهڙو رهيو آهي جو نواز ليگ جا سخت نقاد به تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.
نواز شريف جو ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪرڻ يا وري سندس اقتدار جي خاتمي بعد “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو هڻي ميدان تي نڪرڻ وارو عمل اهڙو آهي جيڪو يقينن انهن قوتن کي بلڪل نه وڻيو جيڪي پاڪستان ۾ جمهوري قوتن کي برداشت ناهن ڪنديون. نواز شريف اسلام آباد کان لاهور تائين پنهنجي سفر دوران جيڪي تقريرون ڪيون ۽ بار بار اهو جملو ورجايو ته آئون رڳو پنهنجي اقتدار نه پر پاڪستان جي انهن سمورن چونڊيل وزيراعظمن جو حساب وٺڻ لاءِ نڪتو آهيان جن کي اقتدار تان لاٿو ويو. اهي تقريرون شايد وڌيڪ خراب لڳيون جنهن جي ڪري نيب جهڙي اداري جا سمورا هٿيار نواز ليگ جي مٿان سڌا ڪيا ويا. توڙي جو ان سڄي عمل ۾ نيب ذريعي پيپلز پارٽي کي به بخش نه ڪيو ويو پر ٻنهي پارٽين تي ٿيل سختين جي تور ماپ ڪبي ته نواز ليگ جي کاتي ۾ سختيون ڪجهه وڌيڪ نظر اينديون. نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ بعد سڀ کان وڏو سهارو سندس جماعت لاءِ مريم نواز جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي بلڪل ايئن جيئن ڀٽو صاحب کي جيل ۾ وجهڻ بعد بينظير ڀٽو اسٽيبلشمنٽ سان اکيون اکين ۾ ملائي ميدان ۾ آئي هئي، اهڙي ريت مريم نواز به ان رستي تي نظر اچي ٿي. توڙي جو آئون اها ڳالهه يقين سان نه ٿو لکي سگهان ته مريم نواز ان رستي تي ڪيترو عرصو پنهنجا پير ڄمائي اسٽيبلشمنٽ سامهون مهاڏو اٽڪائيندي پر جهڙي ريت هوءَ نواز شريف جي گرفتاري بعد سامهون آئي بعد ۾ خاموش ٿيڻ بعد ٻيهر لاهور جي ملتان روڊ تي وسندڙ پٿر برداشت ڪيا آهن ايئن پئي لڳو جيئن ڪنهن زماني ۾ بينظير ملتان لٿي هئي ۽ مٿس هر طرف کان پٿر وسيا هئا.
مريم نواز جنهن ڳالهه تي سڀ کان زور پئي ڏنو اهو هي هئو ته اسان کي ليڊرن جا لاش نه پر زنده ليڊر کپن. هن اهو حوالو به ڏنو ته پنجاب ۾ جيڪا به سروي ڪرائي ٿي وڃي ان ۾ “ڌڻين ” کي اها رپورٽ ٿي ملي ته پنجاب ۾ اڄ به اليڪشن ٿئي ته نواز ليگ سڄو صوبو ٻهاري ويندي. آئون سمجهان ٿو ته مريم نواز جي ان موقف ۾ ان ڪري به سچائي آهي جو گذريل اليڪشن ۾ به ڌڻين کي آخري وقت ۾ اها ئي رپورٽ ملي هئي ته پنجاب نواز شريف کٽي ٿو ۽ سندن لاڏلو عمران خان هارائي پيو ان ڪري آخري هفتي ۾ “ڌڻين” اهڙيون ته اکيون ڦيريون جو ڪراچي ۾ فارم ڀرائي تڪ جو منهن به نه ڏسندڙ پي ٽي آءِ وارا کٽي ويا ۽ پاڳاري جو ڀاءُ صدرالدين شاهه ناري مان هارائي ويو. ان سروي ئي سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ جي ڊي اي کي سياسي شڪست جي ديوار سان لڳايو ويو. عمران خان جي حڪومت قائم ٿيڻ باوجود طاقتور ڌريون پنجاب اندر مسلم ليگ نواز کي ايترو ٽوڙي ناهن سگهيون جيتري توقع ڪئي پئي وئي ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪري پرويز مشرف پنجاب اندر نواز شريف جا ذري گهٽ سمورا ساٿي ق ليگ جي ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيا هئا پر هن ڀيري کين نواز ليگ ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي حوالي سان ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان ڪري ان ڳالهه ۾ صداقت آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ جنهن پارٽي جا پير وڌيڪ ڄميل آهن اها اقتداري ايوانن کي اوتري ئي ويجهي آهي.
پنجاب ۾ چيو ويندو آهي ته هر گهر مان هڪ ڀاءُ سياست ۾ آهي ته ٻيو اصلي اقتداري ادارن جو ملازم آهي، ان ڪري پنجاب اسٽيبلشمنٽ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان وانگر ايڏو آسان ناهي جو جيڏي مهل چاهين سمورا سياسي فصل ڀيلائي ڇڏين ۽ جيل ڀري ڇڏين. پنجاب اندر اگر پٿر وسن ٿا ته به انهن جو آواز سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيل بمباري کان وڌيڪ ٻڌو وڃي ٿو. ان ڪري هن وقت جڏهن مريم نواز لاهور جي ملتان روڊ تان وسندڙ پٿرن ۾ سياست اندر مزاحمتي قدم رکيا آهن ته ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ عوام دوست حلقن ۾ هڪڙو اميد ڀريو بحث پڻ شروع ٿيو آهي، جمهوريت پسند ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن مسلم ليگ نواز جي قيادت مريم نواز جي اڳواڻي ۾ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ هڪ ٻئي سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ بدران جمهوريت جي راهه تي هلن ٿا ته پاڪستان ۾ سياسي مايوسي ختم ٿي سگهي ٿي. پنجاب ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ مسلم ليگ نواز پنجاب جي سڀ کان وڏي عوامي حمايت رکندڙ سياسي جماعت آهي سنڌ اندر پيپلز پارٽي جون پاڙون اڃان تائين مضبوط آهن جيڪڏهن هي ٻئي وڏيون پارٽيون عوامي نيشنل پارٽي يا وري بلوچ قومپرست اڳواڻن کي گڏ کڻي نڪرن ٿيون ته عمران سرڪار لاءِ ته يقينن مشڪلاتون بڻجنديون پر اهي قوتون جيڪي پاڪستان اندر سياسي ماحول بڻجڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون رهيون آهن انهن لاءِ به کوڙ ڏکائيون پيدا ٿينديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *