Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9l17adc0hmp39i99idh1nuehrp, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
لبيا ڪرنل قذافي کان ڪمانڊر حفتار تائين - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar لبيا ڪرنل قذافي کان ڪمانڊر حفتار تائين - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

لبيا ڪرنل قذافي کان ڪمانڊر حفتار تائين

`لبيا اڳي ڪرنل قذافي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جنهن سيپٽمبر 1969ع ۾ بادشاهه ادريس جي تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. هو مصر جي جمال عبدالناصر کان ايترو ته متاثر هو جو بغاوت کان فورن پوءِ هن پنهنجو عهدو ميجر مان ڦيرائي پاڻکي ڪرنل قذافي سڏائڻ شروع ڪيو، حالانڪه هو جنرل به سڏائي پئي سگهيو. ان وقت 26 سالن جي جنهن فوجي نوجوان تختو انڌو ڪرڻ ۾ قذافي جي مدد ڪئي تنهنجو نالو حفتار هو ۽ ان ئي حفتار جنهن کي هاڻي ڪمانڊر خليفو حفتار سڏين ٿا تنهن 42 سالن کان پوءِ 2011ع ۾ ساڳي ئي صدر ڪرنل معمر قذافي جو آمريڪا ۽ ناٽو جي مدد سان باب پورو ڪيو. اڄ لبيا ۾ سڀ کان گهڻو نالو 77 سالن جي پوڙهي ڪمانڊر حفتار جو ورتو پيو وڃي جيڪو 1973ع ۾ يهودين جي روزي واري ڏينهن يوم ڪپور تي اسرائيل خلاف جنگ ۾ به وڙهيو، ته 1980ع ۾ پاڙيسري ملڪ شاڊ خلاف لبيا جي فوجن جي قيادت به ڪئي. پر 1987ع ۾ شاڊ جي فوجين جڏهن کيس گرفتار ڪري جنگي قيدي بنائي ورتو ته ڪرنل قذافي هن کي عاق ڪري ڇڏيو جنهنڪري هو ناراض ٿي 1990ع ۾ CIA سان ملي ويو جنهن شاڊ سان ڳالهين وسيلي سندس آزادي يقيني بنائي.هو آمريڪا ۾ آمريڪي شهري جي حيثيت ۾ رهندو هو ۽ کيس لبيا جي عدالت سندس غيرحاضري ۾ ڦاسي جي سزا ڏني هئي. هو 2011ع ۾ ناٽو جي چوڻ تي واپس لبيا موٽي آيو ۽ 2019ع ۾ بن غازي سميت ڏکڻ ۽ اوڀر جي مک علائقن تي سندس ٺاهيل لبين نيشنل آرمي LNA جي مدد سان قبضو ڪيو.قذافي وانگر هو به مصر جي فوجي صدر کان ايترو ته متاثر آهي جو پاڻکي “لبيا جو سسي” بنائڻ چاهي ٿو. روس، مصر، فرانس، متحده عرب امارات به سندس مدد ڪري رهيا آهن. مصر مان تازي رپورٽ موجب روس جي خانگي ڪمپني ويگنر جا 2000 ڪرائي جا سپاهي لبيا ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ سندن مدد لاءِ آمريڪي دعويٰ موجب روسي سرڪار تازو ڳجهي نموني جنگي جهاز به موڪليا آهن. رپورٽ موجب هن وقت 8 ارب روبل روسي ڪرنسي ملڪ ۾ گردش ڪري رهي آهي ۽ تازو ڪوڙن لبيائي دينارن سان ڀريل ٻه ڪنٽينر روس کان لبيا ايندي مالٽا وٽ پڪڙيا ويا جنهن۾ هڪ ارب دينار هئا جيڪي حفتار جي فوجين جي مدد لاءِ موڪليا پئي ويا. هڪ لبيائي دينار 120 پاڪستاني رپين برابر آهي. عرب امارات وري سندس مدد لاءِ نه فقط ڊرون موڪليا آهن پر حفتار مخالف GNA جي حڪومت کي اقتصادي طور ناڪام ڪرڻ لاءِ تيل جي ٻيڙن جي ناڪا بندي به ڪئي آهي. جنهن سان لبيا جي سرڪار کي 4 ارب ڊالرن جو نقصان پيو آهي.
ٻئي پاسي ڪمانڊر حفتار جي مخالف گورنمينٽ آف نيشنل اڪارڊ GNA جيڪا 2014ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ جنهن۾ فقط 18سيڪڙو ووٽرن حصو ورتو ۽ جنهنجي قيادت وزيراعظم فيض السراج ڪري رهيو آهي پهريائين ٽرپولي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. اقوام متحده سميت اٽلي، ترڪي ۽ قطر سندس فوجي، مالي ۽ سفارتي مدد ڪري رهيا آهن. ان حڪومت ۾ لبيا جي سابق فوج جا رهيل کهيل 30 هزار فوجي ۽ ٻيا هٿياربند گروهه شامل آهن ۽ سندن لبيا جي اترين ۽ الهندي علائقن تي قبضو آهي. انجي مدد لاءِ ترڪي شامي مهاجرن مان 2,000 سپاهي ڀرٿي ڪري کين 100 ترڪ فوجي آفيسرن جي قيادت ۾ لبيا موڪليو آهي ڇوته قذافي جي وڃڻ سان ترڪي کي وڏو نقصان پيو آهي.پر UAE جي دعويٰ آهي ته ترڪي 10 هزار شامي ڪرائي جا فوجي ڀرتي ڪري موڪليا آهن. سوڊان UAE تي الزام هنيو آهي ته هو سندن شهرين کي ڪرائي تي ڀرتي ڪري لبيا ويڙهه لاءِ موڪلي رهيو آهي.
ايئن تيل سان مالامال آفريڪي ملڪ جيڪو 1951ع ۾ آزاد ٿيو سو پرڏيهي طاقتن جي ٻين جي ڪلهي تي بندوق هلائڻ proxy war جي پاليسي جو ڳڙهه بنجي چڪو آهي ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتي سخت تشويش جو اظهار ڪيوآهي. لبيا جتي هن وقت في فرد سالياني سراسري آمدني 7 هزار ڊالر آهي سا عرب اسپرنگ جي نتيجي ۾ صدر معمر قذافي جي آڪٽوبر 2011ع ۾ قتل بعد طاقت جو خال ڀرڻ جي ڪوشش ۾ رسا ڪشي سبب پراڪسي ويڙهه جو شڪار آهي. جنهن۾ هزارين ماڻهو مري ويا آهن ۽ اقوام متحده موجب 2 لکن جي لڳ ڀڳ بي گهر ٿيا آهن، ٽيون حصو آبادي پاڙيسري ملڪ تيونس لڏي وئي آهي ۽ 13 لک ماڻهو امداد جا منتظر آهن. لبيا جي 66 لک مان 97سيڪڙو آبادي سني، مسلمان ۽ عربي ڳالهائيندڙ آهي جنهنکي بربر سڏين ٿا انڪري ان ويڙهه ۾ ملڪ جي جاگرافيائي سلامتي قائم آهي حالانڪه اوڀر ۾ ڪمانڊر حفتار ۽ اتر اولھه ۾ GNA جي حڪومت آهي جنهن پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٽرپولي کان منتقل ڪري تبرڪ ۾ قائم ڪيو آهي ڇوته 2012ع جي چونڊن بعد وزيراعظم زئيدان کي اغوا ڪري 2 پارلياماني ميمبرن سميت ماريو ويو ۽ سيپٽمبر 2012ع ۾ بنغازي ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري سفير ڪرسٽوفر اسٽيون ۽ انفرميشن آفيسر سين سمٿ کي به ماريو ويو جنهنجي ذميداري انصار الشرعيه گروپ قبول ڪئي. آمريڪا ۽ ناٽو انکان پوءِ لبيا مان ٽپڙ گول ڪيا.
قذافي انقلابي هيرو کان نفرت انگيز ليڊر تائين 42 سال حڪمراني ڪندو رهيو. کيس وچ اوڀر جي سياست جو پڪاسو سڏيندا هئا جيڪو ڪڏهن Pan-Arab جا نعرا هڻندو هو ته ڪڏهن پاڻکي مسلم دنيا جو امام ته ڪڏهن آفريڪا جي بادشاهن جو سرتاج سمجهندو هو. شروع۾ هو خوبرو فوجي نوجوان انقلابي آفيسر هو. 1954ع ۾ جڏهن هن ريگستاني غريب ملڪ۾ تيل جا ذخيرا دريافت ٿيا تڏهن ماڻهن جي حالت گهڻي نه سڌري ڇو ته انتي ٻاهرين تيل ڪمپنين جو قبضو هو، جن جو نفعي ۾ اڌ هو ۽ هو سندن پرڏيهي گراهڪن جي منشا موجب تيل جو اگھه مقرر ڪندا هئا. تنهنڪري اچڻ سان هن ڦڏو ڪيو ته جي تيل جون قيمتون نئين سر نه مقرر ڪيون ويون ته هو تيل بند ڪري ڇڏيندا پر تيل ڪمپنين جي ڪنن تي ڪابه جونءَ نه چري، جواب ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته جي لبيا 5 هزار سال تيل کانسواءِ جيئرو رهي سگهي ٿو ته ڪجهه سال ٻيا به انکان سواءِ رهي سگهي ٿو. سندس ان ڌمڪي ڪم ڏيکاريو ۽ پرڏيهي تيل ڪمپنين ۾ مک حصو لبيا جو ٿي ويو، جنهن سان ڪاري سون 30 لک ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ في فرد سراسري سالياني آمدني 11 هزار ڊالرن تي پهتي. قذافي حالانڪه بدو خاندان ۾ ڄائو ۽ گهڻو پڙهيل به نه هو پر پاڻکي فلاسافر سمجهڻ لڳو ۽ Green Book لکيائين جنهن ۾ چيل هو ته سندس نظريو سرمائيداري ۽ ڪميونزم جي ناڪامي بعد ٽيون عالمي نظريو آهي.اهو ڪتاب پرائمري کان يونيورسٽي تائين نصاب ۾ شامل ڪيو ويو هو. سندس ڊگهي حڪمراني ڪري لبيا ۾ اڻسهپ وڌندي وئي۽ سماج اندران ئي اندران ڀرندو رهيو. جنهن نظرئي وسيلي هن پنهنجي عوام جي آزادي جي ڳالهه ڪئي هئي، ان ئي سان عوام کي غلام بنائڻ لاءِ ڪتب آندو ويو. متبادل رستا، آواز، ۽ قيادت ختم ٿيندي وئي ۽ عوام سياست کان پري ڀڄندو ويو. سندس نظرئي تحت عوام جي مسئلن جو حل مسلسل چونڊن بجاءِ هڪ پارٽي جي جهنڊي هيٺ ڪميٽين ٺاهڻ ۾ هو. سبز انقلاب هيٺ جيڪو طاقت جو ٽڪنڊو ٺاهيو ويو هو تنهنجي چوٽي تي سندس خاندان ۽ وفادارن جو ٽولو ويٺل هو ۽ تري ۾ عوام هو. اختلاف رکندڙن کي گم ڪيو ويندو هو، يا مٿن تشدد ڪري ماريو ويندو هو، يا سزائون ڏئي کين ختم ڪيو ويندو هو. قابل ۽ تعليم يافتا ماڻهن بهتر سمجهيو ته ملڪ ڇڏي هليا وڃن. پوءِ به قذافي جي دعويٰ هئي ته جي دنيا ۾ ڪا سچي جمهوريت آهي ته اها لبيا ۾ آهي. آمريڪي دانشورن کي 2006ع ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هتي مخالفن کي آزادي ڏيڻ جو مطلب تقريرن جي آزادي ڏيڻ نه پر ڌماڪن ۽ ماراماري جي آزادي ڏيڻ آهي. 1986ع ۾ برلن ۾ آمريڪي سپاهين تي حملي ۽ 1988ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي علائقي لاڪربي مٿان اڏامندڙ Pan Am جي جهاز تي بم ڌماڪي ۾ 270 مسافرن جي مري وڃڻ تاريخ جا ٻه وڏا واقعا هئا جن کيس سرد جنگ جي آخر ۾ لوڏي ڇڏيو. صدر ريگن پاران ٽرپولي ۽ بن غازي تي آمريڪي حملن ۾ ته هو بچي ويو پر آخر 1999 ع ۾ لاڪربي حملي ۾ ٻن شڪين کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو جن مان هڪ کي جنم ٽيپ ۽ ٻئي کي آزادي ملي. عراقي صدر صدام جو حشر ڏسي هن اولھه سان ڳالهين ذريعي ڪيميائي ۽ ائٽمي هٿيار ڦٽا ڪيا جنهن۾ ڊاڪٽر عبدالقدير جو نالو به ورتو ويو. ان بعد لاڳاپن جي بحالي سان معاشي ناڪابندي ختم ٿي.2010ع ۾ جڏهن عرب اسپرنگ تيونس ۾ داخل ٿيو تڏهن ڪنهن کي گمان نه هو ته اهو لبيا۾ به ايندو. ماڻهن کان سندس صعوبتون ته وسريون نه هيون پر پوءِ به اڪثريت جو خيال هو ته هو ٻين عرب اڳواڻن وانگر مغربي ملڪن جو ڇاڙتو نه هو. آخر لبيا جو هي بي تاج بادشاه گادي واري شهر ٽريپولي کان ڀڄندي ڀڄندي پنهنجي اباڻي علائقي سرتي ۾ لڪي پهتو جتي 20 آڪٽوبر 2011ع تي ماڻهن کيس پڪڙي بيدردي سان ماري لاش مارڪيٽ ۾ نمائش لاءِ رکي ڇڏيو. سندس وصيعت موجب لاش اباڻي علائقي۾ دفن ڪرڻ بجاءِ ريگستان ۾ گمنام جڳھه تي پوري ڇڏيو. اقوام متحده جي تعاون سان 2018ع ۾ سمورن مخالف گروهن جي ڪانفرنس ۾ اهو اتفاق ڪيو ويو ته چونڊون ڪرايون وينديون جيڪي هر سال ملتوي ٿي رهيون آهن پر 2020 ع ۾ مجلس النواب ۽ صدارتي چونڊن سان لبيا جيڪا هن وقت رياست ڪوٺرائڻ جي لائق ناهي، اميد ته واپس پٽڙي تي چڙهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

Bookmark the permalink.

One Response to لبيا ڪرنل قذافي کان ڪمانڊر حفتار تائين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *