تازا ترين
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

لطيف يونيورسٽي ۽ انتظامي بدعنواني

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جيڪا ڪجهه سالن کان خبرن جي زينت بڻيل آهي. جيڪڏهن اهي خبرون يونيورسٽي جي حوالي سان سٺي ڪارڪردگي ڪا سائنسي ايجاد يا ڪنهن تعليمي ڪارڪردگي جي حوالي سان هجن ها ته ڏاڍي خوشي ٿئي ها پر هتي ڪڏهن يونيورسٽي ملازمن جي پگهارن نه ملڻ تي هڙتال جي خبر آهي ته ڪڏهن وري استاد صاحبان طرفان پگهار نه ملڻ ۽ ٻين بلن جي ادائگي نه ٿيڻ جي خبرن سان اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ڀريل آهن، ڪڏهن وري شاگردن کي مختلف روٽن تي اوچتو نه هلندڙ بسن جي احتجاج ڪرڻ جون خبرون نروار نظر اينديون ان سڄي مامري جي پٺيان اصل ڪارڻ مالي بحران آهي.
هاڻي جڏهن نئين وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڇپجي چڪا آهي ته اميد ڪيون ٿا ته يونيورسٽي ۽ قوم جي مستقبل لاءِ ڪنهن با صلاحيت، ايماندار ۽ مخلص ماڻهو کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويندو جيڪو نه صرف يونيورسٽي کي بحران مان ڪڍي سگهي پر ان کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃي. اها حالت نه صرف لطيف يونيورستي جي آهي پر ڪجهه وقت کان ساڳيون خبرون زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان به اچن ٿيون پر انهن جو ايترو حشر برو نه ٿيو آهي جو ملازمن کي پگهار به نه ڏئي سگهن. اڄوڪي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ يونيورسٽي جي اهميت ۽ افاديت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، يونيورسٽي هاڻ صرف تعليم تربيت ۽ ريسرچ تائين محدود ڪو نه رهيون آهن پر اڄوڪي ناليج بيس اڪنامڪس (Knowledge Base Economics) جي اداري جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، اهڙي طرح يونيورسٽي هڪ معاشي اداري جي حيثيت پڻ ماڻي چڪيون آهن ان ڪري ئي اهو چوڻ بيجا نه آهي ته ملڪن جي ترقي جو دارومدار يونيورسٽي جي تحقيق تي هوندو آهي ۽ يونيورسٽي ۾ تحقيق جي نتيجي ۾ نيون شيون ايجاد ڪيون وينديون آهن ۽ اهي قومن جي تر قي ۽ واڌاري جا دڳ ڏسينديون آهن.
يونيورسٽيز نه صرف سائنسي ايجادون ڪن ٿيون پر مستقبل جا معاشي ماهر بهترين انجنيئر ڊاڪٽر سوشل سائنٽسٽ ۽ سياسي قيادت پڻ مهيا ڪن ٿيون، نه صرف ايترو پر اڄ جي دور ۾ يونيورسٽيز Skills Work Force هنر مند ورڪر تيار ڪري ملڪ ۽ دنيا جي مارڪيٽ ۾ موڪلين ٿيون جيڪي ملڪ جي ترقي ۽ ترويج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. يونيورسٽي اهي سڀ عمل ان وقت پورا ڪري سگهندي جڏهن اها پنهنجي جوڙيل قانون ۽ تنظيم سازي تي عمل ڪندي ۽ هڪ با صلاحيت اڳواڻ (Vice Chancellor) جي اڳواڻي ۾ پاليسي مرتب ڪري انهن تي عمل ڪندي ۽ جڏهن يونيورسٽي پاڻ ڪمزور ۽ هيڻي هوندي ته ملڪ ۽ قوم جي ٻين ادارن جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندي تنهنڪري هڪ اداري جي حيثيت ۾ جيڪا به تنظيم ۽ جيڪو به قانون آهي ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اڃان به وڌيڪ ڀلائي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هڪ باصلاحيت ۽ دور انديش ايماندار ۽ ڪميٽيڊ فرد قيادت سنڀاليندو ڇو ته ڪنهن به تنظيم يا اداري جي ڪاميابي يا ناڪامي جو دارومدار ٻين جزن سان گڏ قيادت تي به هوندو آهي جيڪڏهن قيادت باصلاحيت سوچ سمجهه ۽ ويزن (Vision) واري آهي ته هو ايمانداري سان پنهنجيون صلاحيتون استعمال ڪري اداري ۽ تنظيم کي ڪامياب بڻائيندي.
قيادت جي اها ذميواري هوندي آهي ته پاڻ به تنظيم ۽ اداري جي مقرر ٿيل ضابطن ۽ قاعدن تي عمل ڪري ۽ ٻين کي به ان تي عمل ڪرائي ۽ جيڪڏهن قاعدن ۽ ضابطن تي عمل نه ٿيندو ته حشر لطيف يونيورسٽي جهڙو ٿي ويندو. هاڻي جائزو وٺون ته ڪيئن لطيف يونيورسٽي ۾ بد انتظامي وڌي آهي ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ذاتي ۽ گروهي مفادن کي يونيورسٽي جي مفادن کان مٿانهون رکي انتظامي بدعنواني جي ور چاڙهيو ويو ته جيئن سولائي سان مالي فائدا حاصل ڪري سگهجن. جيڪڏهن يونيورسٽي جي تنظيم سازي تي نظر وجهنداسين ته اداري جو اعليٰ سربراهه وائيس چانسلر آهي جنهن جي نگراني هيٺ ٻيا انتظامي سربراهه جهڙوڪ رجسٽرار ، ڊائريڪٽر فنانس ، ڪنٽرولر آف ايگزيمينيشن ، انسپيڪٽر آف ڪاليجز ،ڪئمپس جا ڊائريڪٽرز ۽ اهڙي طرح اڪيڊمڪ هيڊز يعني ڊينس آف فيڪيلٽيز يعني چيئر مين آف ڊپارٽمينٽس اچي وڃن ٿا.
رجسٽرار :- رجسٽرار جيڪو يونيورسٽي جي ڪوڊ مطابق فل ٽائيم آفيسر آهي جنهن لاءِ يونيورسٽي جي ڪوڊ صفحي 10 تي واضح لکيل آهي ته جيڪو 3 سالن لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو ۽ ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ساڳئي فرد کي ٻيهر اپلائي جو حق مليل آهي، رجسٽرار جي قابليت لاءِ ڪوڊ جي صفحي 56 تي ڪو به ماڻهو جيڪو ماسٽر ڊگري فرسٽ ڪلاس هجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 17 گريڊ يا ان کان مٿي جو 13 سالن جو تجربو رکندو هجي اهو ان پوسٽ لاءِ اهل آهي هاڻي نظر وجهنداسين ته موجوده وائيس چانسلر جي وقت ۾ ڪو به رجسٽرار مستقل بنيادن تي مقرر نه ڪيو ويو معني 8 سالن جي پوري دور ۾ مستقل بنيادن تي رجسٽرار مقرر نه ڪرڻ انتظامي نااهلي نه ته ڇا چئبي.؟ موجوده وائيس چانسلر جي ٻن دورن ۾ مستقل رجسٽرار نه رکڻ وڏي ڪوتاهي ۽ بدعنواني جي دائري ۾ اچي ٿي ۽ وري ان پوسٽ تي پروفيسرز کي مقرر ڪري هڪ ته آفيسرن جي حق تلفي ڪئي وئي ته ٻئي طرف استادن کي ان بنيادن تي ورهايو ويو جنهن جي شاهدي اڄ لطيف يونيورسٽي جي تاريخ ۾ نمايان آهي.
ڪنٽرولر آف اگزيمينشن:-رجسٽرار کان پوءِ ٻي اهم پوسٽ ڪنٽرولر آف ايگزيمينشن آهي جنهن لاءِ يونيورسٽي ڪوڊ ۾ واضع هدايتون لکيل آهن ته اهو به فل ٽائيم آفيسر آهي ۽ جنهن جي اهليت ۽ قابليت ماسٽر ڊگري فرسٽ ڪلاس ۽ 13 سالن جو 17 گريڊ جو انتظامي تجربو لازمي آهي پر افسوس ته لطيف يونيورسٽي ۾ ڪو به مستقل ڪنٽرولر آف اگزمينيشن مقرر نه ڪيو ويو آهي ڪڏهن پروفيسرز کي چارج ڏني وئي ڪڏهن آفيسر مقرر ڪيا ويا مطلب ته ڪنٽولر جي پوسٽ به رولنگ چيئر جهڙي رهي آهي ڪنٽرولر آف اگزميشن ان شعبي جو سربراهه آهي جتي وڌ ۾ وڌ يونيورسٽي کي آمدني ٿيندي آهي ۽ پوسٽ تي مستقل آفيسر مقرر نه ڪرڻ ڪيترائي شڪ ۽ شبها پيدا ڪن ٿا، جنهن لاءِ اڳ ۾ به لکجي چڪو آهي ته امتحاني مد ۾ ملندڙ پئسا گم ٿي / کاڄي ويا آهن.
ڊائريڪٽر فنانس:- ڊائريڪٽر فنانس جي پوسٽ تمام گهڻي اهم آهي ڇو ته مالي طور تي ڊائريڪٽر فنانس ئي مالي شعبو سنڀالڻ جو ذميوار آهي پر هن تي ان ڪري نه ٿو لکجي ته هن جي اپائٽمينٽ / ڀرتي جا اختيار وائس چانسلر کي نه پر گورنمينٽ آف سنڌ کي آهن.
انسپيڪٽر آف ڪاليجز:- انسپيڪٽر آف ڪاليجز جي پوسٽ يونيورسٽي جي آفيسرن جي تمام اهم پوسٽ آهي جنهن لاءِ آفيسرن جي وڏي ڊوڙ هوندي آهي ته اها پوسٽ حاصل ڪن، جنهن تي هن وي سي جي دور ۾ هڪ پروفيسر سميت ڪيترائي آفيسر تبديل ٿي چڪا آهن تازو ان تي ڊائريڪٽر ايڊميشن کي ويهاريو ويو آهي انسپيڪٽر ڪاليجز جو اهم ڪم يونيورسٽي جي حدن ۾ ايندڙ ڪاليجن کي الحاق ڏيڻو آهي جنهن ڪري هن پوسٽ کي سڻڀي پوسٽ ڪري ڳڻيو وڃي ٿو ڇو ته اڪثر ڪري پرائيويٽ ڪاليج الحاق لاءِ گهربل معيار پورو ڪري نه سگهندا آهن جنهن ڪري ڏيتي ليتي ڪري الحاق وٺندا آهن، ان جي سچائي جي خبر ان وقت پئجي ويندي جڏهن الحاق ٿيندڙ ڪاليجن جو فزيڪل وزٽ ڪجي ته مقرر ٿيل ڪلاس رومس، لائبرريز ۽ فيڪلٽي هجڻ جو جائزو وٺجي ته ڳالهه پڌري پٽ پئجي ويندي.
ڪيمپس ڊائريڪٽرز:-شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي ماتحت هينئر ٻه ڪيمپس يعني گهوٽڪي ۽ شهداد ڪوٽ هلي رهيا آهن جنهن جا ڊائريڪٽرز خبر ناهي الائي ڪهڙي ميرٽ جي بنياد تي رکيا / مقرر ڪيا ويا آهن ڇو ته مقرر ٿيل ڊائريڪٽرز کان گهٽ ۾ گهٽ 25 پروفيسرز سينيارٽي ۾ اڳتي آهن جن مان نه صرف ٻاهران PHD پر Post Doctorate به ٿيل آهن انهن سينئر پروفيسرن کي ڇڏي جونيئرز کي ڊائريڪٽرز بڻايو ويو آهي حالانڪه يونيورسٽي جي ڪوڊ مطابق چيئرمين مقرر ڪرڻ جي لاءِ ٽن سينئرز مان هڪ کي مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح ڊين آف فيڪلٽي لاءِ پڻ ٽن سينئر پروفيسرز مان هڪ کي ڊين بڻايو ويندو آهي ته ان صورتحال کي ڏسي هئڻ ته ايئن گهرجي ته ڪنهن به سينئررز پروفيسرز کي ڊائريڪٽر بڻايو وڃي ها پر لطيف يونيورسٽي جي سينئرز کي پوئتي رکيو ويو آهي.
سينيٽ يونيورسٽي جو اهم ادارو۽ سپريم اٿارٽي آهي جنهن جو يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پاس ڪرڻ (Statutes) آئين ۾ تبديلي ڪرڻ، يونيورسٽي جي بجيٽ جي منظوري ۽ سينڊيڪيٽ جي فيصلن جي منظوري ڏيڻ به سينيٽ جو اختيار آهي پر افسوس ته موجوده وي سي جي دور ۾ ساڍن 3 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود به سينيٽ جو اجلاس نه سڏايو ويو آهي حالانڪه يونيورسٽي جي ڪوڊ مطابق اهو واضح لکيل آهي ته سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اجلاس هئڻ گهرجن. بنا بجيٽ پاس ڪرڻ ۽ اجلاس گهرائڻ جي يونيورسٽي جو ڪارو وهنوار هلايو پيو وڃي.
اهو حشر نه صرف سينيٽ سان آهي پر سينڊيڪيٽ سان به ڪيو ويو آهي، سينڊيڪيٽ يونيورسٽي جي انتظامي باڊي آهي ۽ يونيورسٽي جي ڪوڊ مطابق ۽ جنهن جو ڪم يونيورسٽي جي سڀني ادارن جي نگراني ڪرڻ ۽ انتظامي فيصلا ڪرڻ آهي ۽ ان لاءِ به ڪوڊ ۾ صفحي 290 تي واضح نموني لکيو ويو آهي ته مهيني ۾ هڪ اجلاس سوا اونهاري جي موڪل جي لازمي ٿيڻ گهرجي.
سڄي ڳالهه جو مقصد صرف هڪ ئي آهي ته يونيورسٽي ڪوڊ مطابق نه هلي آهي جنهن جي ڪري يونيورسٽي ۾ انتظامي مالي بحران پيدا ٿيا آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يونيورسٽي کي ڪوڊ مطابق هلايو وڃي ۽ ايڊهاڪ ازم کان پاسو ڪري مستقل پاليسيون جوڙي مستقل مقرريون ڪري يونيورسٽي کي ترقي جي واٽ تي آندو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *