تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

لياري

شيڪسپيئر ڀلي چوي ته “زندگي ھڪ اسٽيج آھي ۽ اسان سڀ اداڪار آھيون” پر زندگي ۽ ڊرامي ۾ بنيادي فرق اھو آھي ته ڊرامي ۾ اداڪار لکيل اسڪرپٽ تي عمل ڪندا آھن. جڏھن ته زندگيءَ جي اسڪرپٽ کي اڄ ڏينھن تائين ڪوئي به پڙھي نه سگھيو آھي. تقدير تي يقين نه رکڻ وارا چون ٿا ته انسان پنھنجي تقدير پنھنجي عمل سان ٺاھي ٿو. جڏھن ته قسمت جا قائل ان خيال جا آھن ته ھر انسان جي اسڪرپٽ اڳواٽ لکيل آھي ۽ ھو پنھنجي تقدير جي لکئي تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور آھي. مجبوريءَ ۽ مختياريءَ جو اھو ڊگھو بحث ھن وقت تائين ھلندو رھي ٿو پر اھا حقيقت آھي ته لياريءَ جي ڪرمنل ڪردارن کي اھو معلوم نه ھو ته اڳين ڏينھن ڇا ٿيڻ وارو آھي؟ ھو ھڪ اھڙي ڀائي گيريءَ واري فلم جا اداڪار ھئا، جن کي پنھنجي ڪردار جو اسڪرپٽ معلوم نه ھو. جيڪڏھن ارشد پپوءَ کي اھو معلوم ھجي ھا ته ھن جي ھولناڪ قتل جو سبب اھو ڇوڪرو بڻبو، جنھن جي پيءُ کي ھن ماڪوڙيءَ وانگر مھٽي ماري ڇڏيو ھو ته لياريءَ ۾ عذير بلوچ ھڪ مشھور ڪردار بڻجي نه اڀري ھا ۽ نه وري رحمان ڊڪيت پيپلز امن ڪميٽيءَ کان پوءِ عبدالرحمان بلوچ بڻجي لياريءَ کي نبيل گبول لاءِ نوگو ايريا ٺاھي ھا.
ان مھل عذير بلوچ بلڪل ننڍو ھو، جڏھن ھن جو پيءُ فيض محمد عرف فيضو بلوچستان ويندڙ بسن جو ٽائيم ڪيپر ھو. ھو بس مالڪن کان ڀتو وٺي ڪجھه پوليس جي پاڪيٽ ۾ وجھندو ھو ۽ باقي رحمان ڊڪيت جي ھٿن تي رکندو ھو. ھو پوليس ۽ مجرمن جي وچ ۾ پل جو ڪم ضرور ڪندو ھو پر پاڻ ڪرمنل نه ھو ۽ نه وري ھو پنھنجي پٽ عذير کي جرم جي دنيا ۾ داخل ڪرڻ جي سوچ رکندڙ ھو. ھن جو خيال ھو ته لياري جنرل اسپتال ۾ وارڊ بواءِ جو ڪم ڪندڙ عذير جيڪڏھن باڪسنگ جي ڪوٽا تي ڪنھن سرڪاري اداري جو ملازم ٿي ويو ته ھن جي زندگي ٺھي ويندي. پر پنھنجي پٽ کي ڪراچيءَ جي تمام وڏي ڊان جي روپ ۾ ڏسڻ کان اڳ ۾ ھو ان ارشد پپوءَ ھٿان قتل ٿي ويو، جيڪو رحمان ڊڪيت جي سمورن پيداگيرين کي پنھنجي ھٿ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ۾ مسلسل مصروف ھو. جڏھن ارشد پپوءَ عزير بلوچ جي والد فيضوءَ کي قتل ڪيو، ان کان پوءِ بلوچستان مان واپس وري رحمان ڊڪيت عذير جي مٿان ايئن ھٿ رکيو، جيئن ھن جي پيءُ جي قتل کان پوءِ ھن مٿان حاجي لالوءَ ھٿ رکيو ھو. ان مھل لياريءَ ۾ اھو خيال عام ھو ته عذير بلوچ ۽ رحمان ڊڪيت جي رشتي جو اھوئي حشر ٿيندو، جيڪو حاجي لالوءَ ۽ رحمان ڊڪيت جو ٿيو ھو پر زندگيءَ جي معاشرتي فلم فارمولا نه ھوندي آھي.
عذير ۽ رحمان ڊڪيت ۾ اعتبار جو رشتو قائم رھيو. رحمان ڊڪيت انڊرورلڊ جو ڪم عذير جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو ۽ پاڻ باعزت سياسي اڳواڻ بڻجڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو ھو. ھي اھو دور ھو، جڏھن بينظير ڀٽو پرڏيھه مان واپس وري ھئي ۽ جڏھن 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ جي ڪارساز وٽ ھن مٿان خودڪش حملو ٿيو ھو، تڏھن ماڻھن کي پنھنجي گاڏيءَ ھيٺان ڪچليندو بلاول ھائوس پھچائڻ وارو به اھو رحمان ھو، جنھن کي ان وقت عبدالرحمان بلوچ جي نالي سان پڪاريو ويندو ھو. ھن کي پڪ ھئي ته ھو نه صرف لياريءَ مان پ پ جو ايم اين اي ٿيندو پر ھن کي وزارت به ملندي. پيپلز امن ڪميٽي ڪنھن ٺھرائي؟ ان سوال تان تمام جلد پردو ھٽندو پر اھا پيپلز امن ڪميٽي ايتري ته سگھاري ٿي وئي ھئي جو ان بلدياتي چونڊن دوران پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اميدوار بيھاريا ۽ اھي کٽي به ويا. لياريءَ جي جرم ۽ سياست جي سنگم واري تاريخ ان سوال جو به صاف ۽ سڌو جواب نه ٿي ڏئي ته آخر پوليس جي انڪائونٽر اسپيشليٽ چوڌري اسلم جي حوالي اھو ڪم ڪنھن ڪيو؟ جنھن ڪم ۾ رحمان ڊڪيت جو ڪم تمام ٿيو!
رحمان ڊڪيت کان پوءِ لياريءَ جو سماجي ۽ سياسي اڳواڻ اھو عذير بلوچ بڻيو، جنھن جي ڀر ۾ بيھي ان دور جو گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چوندو ھو ته عزير منھنجو ننڍو ڀاءُ آھي. ھي اھو دور ھو، جنھن دور ۾ الطاف حسين کان پيپلز امن ڪميٽي برداشت نه پئي ٿي. ڇو ته ان دور ۾ عذير بلوچ پيپلز امن ڪميٽيءَ کي لياريءَ مان ٻاھر ڪڍي آيو ھو ۽ ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي چاڪنگ ٿيڻ لڳي ھئي. ان دور ۾ عذير بلوچ جي خوف سبب ايم ڪيو ايم جا ويڙھاڪ به ڪک پن ٿي ويا ھئا. اھو عذير بلوچ جي بدمعاشيءَ جو عروج ھو. ان وقت عذير بلوچ کي پوري ڪراچيءَ مان ڀتا ملندا ھئا ۽ ھن جا ڇوڪرا ھر دوڪاندار ۽ ھر سيٺ کان پئسا کسي ايندا ھئا. ھي اھو دور ھو، جنھن ۾ ڀتي جون پاڻمراديون وارداتون به وڌڻ لڳيون ھيون. ھر ڏينھن ڪنھن نه ڪنھن پئسي واري کي گوليءَ سان گڏ پرچي ملندي ھئي. ان دور ۾ ذوالفقار مرزا ۽ آصف زرداريءَ جي وچ ۾ جيڪو وڇوٽيون وڌيون، ان ۾ وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ جو اھم ڪردار ھو. رحمان ملڪ کي ان دور ۾ اھو چيو ويندو ھو ته “ھو پيپلز پارٽيءَ ۾ موجود ايم ڪيو ايم جو ماڻھو آھي” آصف زرداري رحمان ملڪ جي ان موقف سان متفق ھو ته ايم ڪيو ايم کان سواءِ حڪومت ھلائڻ ناممڪن حد تائين مشڪل آھي. ان ڪري ھن وقت پنھنجي راز محرم يار کي ڪاوڙائڻ کان سواءِ ٻي ڪائي واٽ نه ھئي. ڇا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي صرف عزير بلوچ جو خيال ھو؟ ڇا ھن آصف زرداريءَ سان عذير بلوچ جي ڪري دوري اختيار ڪئي؟ ڇا انھن ۾ انھن قوتن جو ڪو ڪردار نه ھو، جن جو نالو اڄ به سڌن لفظن ۾ نه لکيو ويندو آھي. ان مھل جھڙي طرح ذوالفقار مرزا چيخندو ھو ۽ ھن مھل ھو جھڙي ريت چپ آھي، ان مان ئي صاف ظاھر آھي ته:
”بيخودي بي سبب نھين غالب
ڪڇ تو ھي جس ڪي پرده داري ھي“
سو اھا بيخودي بي سبب نه ھئي. ان وقت ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪا سياسي سازش جي اٿل پٿل ٿي رھي ھئي، ان جي جڙ ان مھل ان لياريءَ ۾ ھئي، جنھن ۾ پيپپلز پارٽيءَ جي حڪومت آخرڪار تنگ ٿي آپريشن به ڪيو پر ان مھل به قانون نافذ ڪرڻ وارن جا ڪٽڪ چيل چونڪ کان اڳتي وڌي نه سگھيا. ان وقت عذير بلوچ جو بلوچي اسٽائيل سان سينگاريل بنگلو سوديبازيءَ جو مرڪز ھوندو ھو ۽ ان بنگلي جي ٻاھرين ڀتين تي فوج جي حق ۾ نعرا لکيل ھئا ۽ عذير بلوچ جي حڪم تي لياريءَ جي اٽڪل ھر چوراھي تي آرمي چيف جا پوسٽر ۽ بينر آويزان ڪيا ويا. ان دور ۾ عذير بلوچ پنھنجي ھڪ الڳ دنيا ٺاھڻ جي ڪوشش ۾ ھو. عذير بلوچ ان دور ۾ به سڀني سان پنھنجا تعلقات رکيا ۽ ھن مھل جڏھن جي آءِ ٽي جي رپورٽ آڏو آئي آھي، تڏھن معلوم ٿيو آھي ته ھن ايران جي حساس ادارن سان به رشتا رکيا ھئا. پاڪستان جو ھر مفرور ملزم پرڏيھه مان گرفتار نه ٿيندو آھي. پر عذير بلوچ کي نه رڳو دبئيءَ مان گرفتار ڪري آندو ويو پر ھو مسلسل فوج جي حراست ھيٺ ھو. ان مھل عام افواھه اھي ھئا ته عذير بلوچ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي ڏوھن جا نه صرف ثبوت مھيا ڪيا آھن پر ھن پ پ قيادت جي خلاف سلطاني گواھه ٿيڻ لاءِ به حامي ڀري آھي. جڏھن ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ اھڙي ڪا وڏي ڳالھه ڪونھي. ان رپورٽ جي سلسلي ۾ اھا دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته سنڌ حڪومت ان ۾ ڦيرگھير ڪئي آھي پر اھو ڪيئن ممڪن آھي؟ پيپلز پارٽيءَ کي ھن مھل ھڪ ئي پير آھي، ان پير جو نالو سنڌ حڪومت آھي ۽ پيپلز پارٽي ڪنھن به قيمت تي پنھنجي ان پير تي پنھنجن ھٿن سان ڪھاڙو ھڻڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندي.
ھن مھل لياريءَ جي ھوائن ۾ گندگيءَ جي ڌپ ته آھي پر گندرف جي بوءِ ناھي. ھن مھل لياري زخمي پيرن سان ترقيءَ جي منزل طرف پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھن مھل لياريءَ ۾ سياست جون سرگرميون گھٽ ۽ اين جي اوز جون ايڪٽوٽيز گھڻيون آھن. ھن مھل لياري ان شخص جيان آھي، جيڪو تمام گھڻي تڪليف سان نشي مان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي. ڇا لياريءَ جي باري ۾ پنھنجو مخصوص موقف پيش ڪرڻ وارا اھو چوندا ته لياري ان ڪري سڪون ۾ آھي ڇو ته قانون انھن ڪردارن کي صاف ڪري چڪو آھي، جيڪي گينگ وار جا ڪرتا ڌرتا ھئا. دادل کان وٺي حاجي لالوءَ تائين ۽ ارشد پپوءَ کان وٺي رحمان ڊڪيت ۽ عذير بلوچ تائين ڇا اھي ايترا طاقتور ھئا جو سالن جا سال لياريءَ کي بدامنيءَ جي باھه ۾ ساڙيندا رھيا ۽ قانون بيوس بڻيل ھو!؟ اھو سمورو کيل ھو. ھڪ ناٽڪ ھو. ھڪ دلخراش ۽ خطرناڪ کيل! ان کيل ۾ لياريءَ جا ٽي نسل تباھه ۽ برباد ٿي ويا. ڇا عذير بلوچ جي گرفتاري ان نقصان جو ازالو ٿي سگھي ٿي؟ لياريءَ جي ماڻھن سياست جي نالي ۾ محبت ڪئي ۽ ان محبت ۾ انھن سان اھڙو سلوڪ ٿيو، جنھن سلوڪ جي باري ۾ ھڪ ھندو دوھو منڊيءَ ۾ ھيري جي ٽڪ وانگر فٽ ٿي سگھي ٿو ته:
”گر مين پھلي جانتي، پريت ڪي يه دک ھوءِ
نگر ڍنڍورا پيٽي، پريت نه ڪريو ڪوءِ“
(آخري حصو)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *