تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مائنس ون ناڪام فارمولو

بجيٽ ته پاس ٿي وئي، اپوزيشن ان جي منظوري ۾ ڪا رڪاوٽ نه بڻي. اپوزيشن بجيٽ جي معاملي ۾ گهڻو سنجيده به ڪونه هئي. هن پنهنجو وزن ۽ طاقت ٻئي ڪنهن وقت لاءِ بچائي رکيو آهي. ڇاڪاڻ جو بجيٽ تي جهيڙو گهڻو تڪراري ٿي وڃي ها ۽ ڏکيو پوي ها. پر بجيٽ جي موقعي تي ڪجهه جهلڪيون ضرور نظر آيون. اهي جهلڪيون اپوزيشن جي طرفان نه پر خود حڪومتي جماعت ۽ ان جي اتحادين ڏيکاريون. اختر مينگل الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تحريڪ انصاف جا 10ميمبر وزيراعظم جي سڏ تي ماني تي نه ويا. اپوزيشن پاڻ ڪو عملي قدم کڻڻ جي بدران ان انتظار ۾ هئي ته وڻ وڻ جي ڪاٺي واري هيءَ ڀري پنهنجي ئي اڻ ٺهڪندڙ ٽڪرائن جو شڪار ٿئي. جڏهن اهو مرحلو پورو ٿيو ته اپوزيشن پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي معاملن واري وزير شاهه محمود قريشي اپوزيشن جي حڪمت عملي کي غير ڪارگر سڏيو. چيو ته اهڙي طريقي سان حڪومت ڪو نه ويندي. ڇو ته ان حڪمت عملي تحت اپوزيشن ڪجهه ڪرڻ بدران گجگوڙ واريون تقريرون ڪري رهي هئي. شاهه محمود قريشي ڄڻ اپوزيشن کي ٻيو ڪجهه ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو.
انهن ئي ڏينهن ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنجن سالن لاءِ آيو آهي ۽ ٻي مدت لاءِ به حڪومت ۾ ايندو. اڃان ان بيان جي مس ئي ڪا نه سڪي هئي ته خان صاحب انڪشاف ڪيو ته سندس خلاف ڪي مافيائون سرگرم آهن جيڪي کيس هٽائڻ چاهين ٿيون. مافيائن مان سندس ڇا مراد آهي؟ هو ان کان اڳ لاڪ ڊائون جي حوالي سان به مافيائن جو ذڪر ڪري چڪو آهي. عجيب ڳالهه آهي جو کنڊ ۽ ڪڻڪ وارن اسڪينڊلن توڙي پيٽرول جي قيمت ۾ تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي واڌ به سندس ئي دور جو حصو آهن. اصل ۾ مارچ ۽ اپريل ۾ اهڙا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا هئا ته ڌر ڌڻي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ طرز حڪمراني جي پيش نظر ڪو ٻيو آپشن پيا ڳولين. اپوزيشن جي ٻنهي وڏين پارٽين نئين سر چونڊون ڪرائڻ ۽ عمران خان کي ڏنل ايجنڊا ۾ تبديلي آڻڻ وارو موقف پئي ڏيکاريو. گاڏي صفا گپ ۾ ڦاسي پئي. اتحادين کي گڏ رکڻ کان وٺي خود ايوان جي اندر معاملا ٺيڪ رکڻ جي ذميواري به ڄڻ اسٽيبلشمينٽ پئي پوري ڪئي. ان ڪري مارچ تائين عمران خان بي پرواهه بادشاهه بڻيو ويٺو هو پوءِ جڏهن ڪجهه شيون سرندي نظر آيون ته هن قومي اسيمبلي ۾ به پنهنجي حاضري وڌائي. ان سان گڏوگڏ اتحادين ۽ پنهنجي پارٽي جي ميمبرن سان به گروپن جي شڪل ۾ ملاقاتون ڪيون. اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڳو اسٽيبلشمينٽ جي حمايت نه پر پنهنجي طور تي به هو ڪجهه معاملن کي مينيج ڪري سگهي ٿو. ايئن ڪندي هن اهو پيغام به ڏنو ته هو آخري چوائس آهي. جيڪڏهن کيس هٽايو ويو ته ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي.
اپوزيشن جي حڪمت عملي آهي ته تحريڪ انصاف بطور پارٽي ۽ عمران بطور وزيراعظم consume ٿي وڃن. جيڪڏهن وقت کان اڳ قدم کنيو ويو ته خان صاحب وري ٽرالر تي چڙهي بيٺو هوندو. سو جيڪڏهن حڪمران جماعت جي اندر بغاوت جي ذريعي ڪا تبديلي اچي ٿي ته ڀلي اچي. ڄڻ اهي پنهنجا پاڻ ۾ آهن. پر ان ڳالهه ۾ اپوزيشن خوش ضرور آهي. جيتوڻيڪ سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته اپوزيشن احتساب جي ڊپ سبب خان صاحب کي هٽائڻ گهري ٿي. يقينن هر اپوزيشن اهو ئي چاهيندي آهي. في الحال هتي اپوزيشن پنهنجو اهڙو ڪردار ادا نه پئي ڪرڻ گهري. اها ان هائوس تبديلي جي خواهشمند ضرور آهي.
ان هائوس تبديلي جو مطلب مائنس ون فارمولا آهي. تاريخ ۽ تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته مائنس ون فارمولا يا جڙتو سياسي بندوبست عمل جوڳا نه هوندا آهن. اسڪندر مرزا به پنهنجي بچاءُ لاءِ پارٽي ٺاهي. ساڳيو ڪم جنرل ايوب خان به ڪيو جنهن ڪنوينشن مسلم ليگ ٺاهي. جنرل صيا الحق وري مائنس ون فارمولا تي عمل ڪندي مولانا ڪوثر نيازي، غلام مصطفيٰ جتوئي کي اڳيان آندو. ممتاز ڀٽي ۽ حفيظ پيرزادي پنهنجي ليکي زور لڳايا. ڀٽي کي ڦاهي اچڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي مائنس “ڀٽو ليڊيز” جي فارمولا تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهي سڀ حربا هلي نه سگهيا. هاڻي ويجهي ماضي ۾ ايم ڪيو ايم تي به ان فارمولا کي آزمايو ويو ڀاڱا ٿيل ايم ڪيو ايم موجود آهي. پر ان تان اڃان تائين ان جي قائد جو ڀوت لٿو ڪونهي. ان کانپوءِ نواز ليگ جو وارو آيو جنهن کي مائنس نواز شريف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سمورين ڪاررواين، ڪيسن نااهلي ۽ سزا جي باوجود اهو فارمولا اڄ سوڌو ناڪام فارمولا آهي. نواز ليگ جي مقبوليت ۽ پنجاب جي دٻاءَ سبب حڪومت مجبور ٿي ته سزا کاڌل اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملڪ کان ٻاهر ويٺو آهي. يعنيٰ حڪومت لاءِ قيدي نواز شريف ڏکيو پئجي رهيو هو. ساڳئي طرح پيپلزپارٽي کي به مائنس آصف زرداري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو صحيح آهي ته آصف زرداري جي گرفتاري ۽ سندس اگهائي سبب بلاول ڀٽو زرداري جو پيپلزپارٽي ۾ رول وڌيو آهي. پر اڄ به جيئن نواز ليگ ۾ آخري فيصلو نواز شريف جو هوندو آهي تيئن پيپلزپارٽي ۾ آخري فيصلو آصف زرداري جو هوندو آهي، مطلب اهو گٺل فارمولا آهي.
عملي طرح ڪجهه به هجي، تحريڪ انصاف کي ملڪ جي هڪ طبقي جي حمايت حاصل آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت اچڻ بعد تحريڪ انصاف جي پاليسي ۽ ان جا اڳواڻ تبديل ٿي ويا آهن، ان کي اوتري کڻي سپورٽ نه هجي جو اها ايتريون سيٽون کڻي سگهي يا حڪومت ٺاهي سگهي، پنهنجي تنظيمي ڍانچي نه ٺاهڻ جي باوجود اها هڪ سوچ جي نمائندگي ڪري ٿي. هاڻي جڏهن خيبر پختونخوا ۾ ٻه دفعا ۽ وفاق ۾ اڌ مدت جيتري حڪومت ڪري چڪي آهي ته مختلف گروپن ۽ لابين وٽ متعارف ٿي چڪي آهي. ان ڪري اهي گروپ توڙي لابيون ۽ پارٽي هڪ ٻئي جي ڪم اچي سگهن ٿيون. اهڙي صورت ۾ مائنس ون فارمولا هلي ڪو نه سگهندو. وڏي ڳالهه اها ته مائنس ون ڪير ڪندو؟ خود تحريڪ انصاف پارٽي اندر ڪو متبادل موجود موجود ناهي. ننڍا ننڍا گروپ ٿي سگهن ٿا پر اهي سڀ گروپ هڪ اڳواڻ تي متفق ٿين اهو ڏکيو ڪم آهي. اهڙي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ فيصلي ڪن رول ادا ڪري سگهي ٿي. ڇا اهڙو رسڪ کڻندي؟
سياسي جماعتون هڪ ڊگهي پراسيس ذريعي ٺهنديون آهن ۽ عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهينديون آهن. انهن کي هٿرادو طريقي سان ختم نٿو ڪري سگهجي. ايئن ڪرڻ غير منطقي، غير سياسي ۽ غير جمهوري عمل آهي. پارٽيون سياسي پراسيس ۾ پاڻ ئي ختم ٿينديون آهن. ان ڪري ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪيو وڃي. بلڪه ان جي بدران ضروري آهي ته ملڪي معيشت جي بحالي، طرز حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، عوام کي ڪجهه ڏيڻ گهرجي، صوبائي حقن ۽ عوامي حقن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ بدران انهن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جوڙيو وڃي. اهو قومي اتفاق راءِ ئي ملڪ کي سياسي توڙي معاشي گهوٽالي مان ٻاهر ڪڍندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *