تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ماضي جا اتحاد، پي ڊي ايم، حڪمران جماعت ۽ ايندڙ وقت

هونئن ته سڄي دنيا ۾ سياست جي اندر ننڍا وڏا سياسي اتحاد ٿيندا رهندا آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن جي آڌار تي جڙندا آهن، ڇو ته اتحاد هوندو ئي وقت ۽ حالتن جي پيداوار آهي. اهي اتحاد ڪڏهن ملڪن جا پاڻ ۾ ته ڪڏهن وري ملڪن اندر سياست ڪندڙ سياسي پارٽين جا پاڻ ۾ ٺهندا رهندا آهن، جيڪي اڪثر حڪومتن جي مخالف ۽ حمايت ۾ ٺهندا آهن. موجوده وقت ۾ به پاڪستان جي سياست ۾ هڪ دفعو وري هڪ نئين اتحاد جو اضافو ٿيو آهي، جيڪو پي ڊي ايم جي نالي سان آهي. پر پاڻ موجوده اتحاد تي لکڻ کان پهرئين ٿورو ويجهي ماضي جي تاريخ تي سرسري نظر ٿا ويجهون ته ستر (70) جي ڏهاڪي کانپوءِ ملڪي سطح تي پهريون اتحاد پاڪستان قومي اتحاد ( پي اين اي) جي نالي سان ٺهيو هو، جنهن جو بنياد 11 جنوري 1977ع تي لاهور ۾ پيو هو، جنهن ۾  تحريڪ استقلال ۽ جماعت علماءِ پاڪستان سميت نو (9) جماعتون اتحاد جو حصو هيون، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت مخالف اتحاد هو. ان کانپوءِ وري اسي (80) جي ڏهاڪي ۾ 5 فيبروري 1981ع ۾ ستر ڪلفٽن ڪراچي تي تحريڪ بحالي جهموريت (ايم آر ڊي) جي نالي سان اتحاد ٺهيو، جنهن جي پاڪستان پيپلز پارٽي سميت ملڪ جون ٻيون جماعتون اڳواڻي ڪري رهيون هيون، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سياسي جماعتون شامل هيون، جيڪو آمر جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هو ۽ ان کانپوءِ وري 2006/07ع ۾ آل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (اي پي ڊي ايم) پ پ پ جي ميزباني هيٺ لنڊن ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، جيڪو آمر جنرل پرويز مشرف جي آمريت خلاف هو ۽ هاڻي وري  20 سيٽمبر 2020ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل اي پي سي جي نتيجي ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) جي نالي سان اتحاد ٺهيو آهي، جيڪو وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت خلاف آهي. ماضي جي جن چند اتحادن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي اتحاد پنهنجي جوهر ۾ ٿوري گهڻي ڀاڱي ڪامياب اتحاد رهيا آهن. موجوده اتحاد پي ڊي ايم پنهنجي مقصدن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿو ٿئي اهو ايندڙ وقت تي ٿا ڇڏيون. پر موجوده وقت ۾ ملڪ جي سياسي حالتن کي ڏسندي اپوزيشن جي پارٽين جو اتحاد ضروري هو. 
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) پاڪستان جي 11 سياسي جماعتن تي ٻڌل هڪ اتحاد آهي، جيڪو پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ملڪي سطح جي پارٽين جو آهي. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ف، قومي وطن پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي، اي اين پي، جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني، مرڪز جمعيت اهلحديث، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي شيرپائو شامل آهن. ان ۾ هڪ اڌ تنظيمن کي ڇڏي ڪري باقي سڀ تنظيمون ماضي جي اتحادن جو نه رڳو حصو رهيون آهن پر متحرڪ ۽ سرگرم به رهيون آهن. پي ڊي ايم ۾ ملڪ جي سڀني صوبن ۽ قومن جي نمائندگي شامل آهي پر افسوس جو سنڌ جي ڪا به قومپرست جماعت پي ڊي ايم ۾ شامل نه آهي، جن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا. پر منهنجي نظر ۾ سنڌ ۾ قومپرست سياست ڪندڙ ٻه قومي ڌارائون آهن، جن مان هڪڙي ڌارا ته ملڪي سياست کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ ڪري بيٺي آهي پر جيڪا ٻئي ڌارا، ملڪي ڍانچي ۾ رهي ڪري اليڪشني سياست ٿي ڪري اها به اڃان تائين اليڪشني سياست جي پيچرن ۽ محرڪن کان ڏور بيٺل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪي سطح تي جوڙيل اتحاد پي ڊي ايم جو حصو نه آهي. ڪجهه دوست سوال ٿا ڪن ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي قومپرست جماعتن کي اتحاد ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي پر سنڌ جي قومپرست جماعتن کي نه ڏني وئي آهي. ان جو اهو سبب آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي جي قومپرستن نه رڳو پاڻ کي ملڪي سطح تي ٿيندڙ سياست سان ڳنڍيو آهي پر ملڪ جي بالا ايوانن تائين پهچڻ سميت انهن پنهنجي صوبي جي عوام ۾ پنهنجي حيثيت ۽ اهميت مڃائڻ سان گڏ ثابت ڪيو آهي ته اسان پنهنجي قوم، صوبن ۽ وسيلن جي مالڪي ڪري سگهون ٿا ۽ هتان جو عوام هميشه انهن قومپرستن پارٽين کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ ۾ موڪلي مٿن اعتماد جو اظهار ڪرڻ سان گڏ فيصلن ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي. نتيجي ۾ سنڌ جي نمائندگي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي، جنهن کي سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ پڻ حاصل آهي. هونئن به سنڌ جي اجتماعي مسئلن تي پ پ پ سدائين اڳڀري رهي آهي پوءِ اهو ڪالاباغ ڊيم جو اشو هجي يا گريٽر ٿل ڪئنال جو مسئلو هجي يا وري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو اشو هجي يا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مسئلو هجي يا تازو سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي مالڪي جو مسئلو هجي، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سڀني اجتماعي مفادن ته نه رڳو چٽو ۽ واضح موقف رکيو آهي پر پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر هميشه اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جي ڪري سنڌ جو عوام مٿس اعتماد جو اظهار ڪرڻ سان گڏ هميشه اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي پارليامينٽ اندر موڪلي فيصلن ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏئي ٿو. ها البته اها الڳ ڳالهه يا بحث آهي ته پ پ پ جي حڪومتي دورن ۾ جيڪي غلط فيصلا ۽ پاليسيون ٿيون آهن ان تي بحث ۽ تنقيد ۽ پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو.
پي ڊي ايم اتحاد وقت ۽ حالتن جي پيداوار آهي ڇو ته هن وقت ملڪ سياسي، معاشي ۽ سماجي طور وڏن بحرانن جو شڪار آهي. ملڪ جي حڪمران جماعت عمران خان ۽ سندس وزير، مشير سياسي ۽ اخلاقي طور ان حد تائين بوکلاهٽ جو شڪار آهن، جو سندن اها به خبر نٿي پوي ته حڪمران جماعت جو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ۽ ڪم هجڻ گهرجي ۽ ملڪ جي معيشت جو اهو حال آهي ته حڪمرانن جو ڪنهن به شيءَ تي ڪنٽرول ڪونه آهي، جنهن تي ٿا ڪاميٽي جوڙن انهن جا اگهه ٽيڻ ۽ چوڻ تي وڌي ٿا وڃن، اهو عمران خان ۽ سندس حڪومت جو نتيجو آهي جو ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو بيضا 200 روپيا ڊزن ٿي ويا آهن. حڪمران جماعت جي سرمائيدارن ڪڻڪ، اٽو، کنڊ، گيهه، تيل ۽ روزه مرهه جي بنيادي شين جو ذخيرو ڪري ملڪ جي اندر مهانگائي جو طوفان برپا ڪري هر طبقي جي لاءِ جيئڻ ۽ ساهه کڻڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. اتي وزيراعظم چوي ٿو ته ملڪ ۾ ايتري مهانگائي نه  آهي جيتري اپوزيشن وارن پروپيگنڊا ڪئي آهي. وزيراعظم جي ان بيان مان غير سياسي ۽ نابالغي جي انتها ظاهر ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته عمراخان ۽ سندس حڪومت جي لاءِ ايندڙ هر ڏينهن ڏکيو ۽ مشڪلاتن سان ڀرپور هوندو. ڇو ته هن وقت عام ماڻهو جو مسئلو رڳو ڪرپشن نه پر وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري به آهي جنهن جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي ۾ مشڪلاتون وڌي رهيون آهن ۽ عمران خان ۽ سندس حڪومت اڍائي سال جي عرصي ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري ڪو ايندڙ ڏيهين ۾ عام ماڻهن جي لاءِ ڪو پئڪيج يا پروگرام نظر ٿو اچي، جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي آسان ٿي سگهي. عمران خان ۽ سندس ٽيم کي ڪير سمجهائي ته رڳو ڪرپشن جو بيانيو پيش ڪرڻ ۽ اپوزيشن خلاف وٺ پڪڙ ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ وڌندڙ مشڪلاتن کي گهٽ نٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري سندس حڪومت جو بچاءُ ڪري سگهجي ٿو.هن وقت تائين حڪومت ۽ حڪومت جي مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي بيانيي مان پي ڊي ايم جو بيانيو عوام ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿيندو پيو وڃي، پي ڊي ايم پاران ملڪ جي ٽن صوبن ۾ ڪيل ڪامياب جلسن عمران خان ۽ سندس حڪومت جي لاءِ پريشانين ۾ ايترو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جو وزيراعظم سميت وزير، مشير ۽ اتحادي عوام کي ڪو رليف ڏيڻ تي سوچڻ بجاءِ رڳو پي ڊي ايم جي خلاف پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ اتحاد ۾ ڏار پوڻ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن. ماضي ۾ جيڪي به اتحاد ٺهيا آهن انهن پنهنجي مقصدن ۾ گهڻي حد تائين ڪاميابي به ماڻي آهي،سو هي اتحاد به سڄي ملڪي سياست تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏڻ سان گڏ ملڪي سياست جي منجهيل سٽ کي واضح پڻ ڪري ڇڏيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *