تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ماڻھو سوال ٿا پُڇن؟!!

خير سان بلدياتي ادارن جو مدو آگسٽ ۾ ختم ٿي ويندو. شايد وري اليڪشن جو شور شرابو ٿئي، وري ان ۾ سياسي ماڻهو پنهنجون زوز آزمايون شروع ڪن، پنهنجا پنهنجا ملهه ميدان ۾ لاهين. وري ماڻهن جون ننڊون حرام ڪندا، وري نيون دوستيون ۽ نيون دشمنيون شروع ٿينديون، وري ماڻهن جون چوريون ٿينديون، وري ماڻهن کان ڦرون ٿينديون. ڪيس ۽ ڦڏا ٿيڻ ته هينئر ئي شروع ٿي ويا آهن، تر جي ڪرتا ڌرتا جي چوڻ کانسواءِ پوليس ڪيس به ڪونه وٺندي ۽ ڪنهن نه ڪنهن جو ٿورو کڻڻو پوندو. ان کانپوءِ ڀنگ ڀري يا ڪيس ڪري ڪجھه ملندو، نه ته مال غنيمت ٿي ويندو!
شاطر سياسي پنڊت پراڻيون فاتحائون ڪري ماڻهن کي مختلف ڏٽا ڏئي پنهنجي نه اچڻ جو سبب ٻڌائي بيوقوف بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا. پنهنجي مجبورين جي لوڪ ڪٿا ڏاڍي پراثر طريقي سان ٻُڌائڻ ۾ ڪين ڪيٻائيندا! ماڻهو ٻڌڻ لاءِ مجبور ته هو ٻڌائڻ لاءِ. پر ٿورو گذريل سالن جي ڪارڪردگي ۽ هنن جي ڪيل ورتائون جو حساب ڪتاب ٿيڻ ڏاڍو ضروري آهي. ان ڪري کانئن سوال ڪيا وڃن، مثلن جيڪڏهن ٽائون ڪميٽي آهي ۽ ان جا پنج وارڊ آهن، انهن ۾ ڇا ٿيو آهي؟ڇا نه ٿيو آهي؟
روڊ ٺهيا آهن يا نه؟ پاڻي پيئڻ جو مليو آهي يا نه؟ هنن چئن سالن تائين عام ماڻهو جي واهر ڪئي يا نه؟ نه ڪئي ته ڇو نه ڪئي؟ سڄي شهر جون ناليون ڇا صاف ٿينديون آهن؟ ڪيتري صفائي ٿئي ٿي؟ اهو شهر واسين کان پڇي سگھجي ٿو؟! سجاول ضلعي جي شهر دڙي جو جيستائين تعلق آهي ته دڙي شهر جو پارڪ جيڪو ڏاڍي خوبصورت جاءِ تي آهي يعني پڃاري واهه جي ڪپ تي پر ان جي حالت ڇا آهي؟ هڪ ٻوٽو به توهان کي نظر نه ايندو! جڏهن ته ان پارڪ جي مرمت خبر ناهي ته گھڻا دفعا ٿي چڪي آهي؟! دڙي شهر جي پڃاري واري پل جيڪا ڪراچي، سجاول، ٺٽي کي دڙي سان ڳنڍي ٿي، ان جي جيڪي حالت آهي اها به ڏسڻ وٽان آهي! تازو حادثو، جنهن ۾ خدا پنهنجو فضل ڪيو ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ دڙي جي ڪچي آبادي جتي غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ويٺا آهن، انهن وٽ نه پاڻي آهي، نه ناليون آهن، نه ئي ڪا صفائي وغيره آهي! سواءِ 22 لک رپين کانپوءِ باقي جيڪي هر مهيني پئسا اچن ٿا، اهي هنن وارڊن تي خرچ ڏيکاريو ٿو وڃي! ان کانسواءِ جيڪي ملازم آهن جن جي پگھار ۾ هر سال واڌ ٿئي ٿي، ان واڌي مان هڪ رپيو به ملازمن کي نه ڏنو ويو آهي! ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ جن کي 15 هزار رپيا ڏيڻا آهن پر هنن کي سئو رپيا ڏهاڙي ڏني پئي وڃي! باقي جيڪي سندن ذاتي ڪمن لاءِ ملازم آهن، انهن جي پگھار جي خبر ناهي؟! گھر ويٺي سفيد پوش پگھار کڻندڙن کان هر مهيني 5 هزار رپيا وصول ڪيا ٿا وڃن! سو هاڻ دڙي جي شهرين کي به اڳوڻن چونڊيل نمائندن کان سوال ڪرڻا پوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *