تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

محبت جا 40 اصول ۽ 1973 جو آئين

تازو انسٽاگرام تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو ترڪي جي مشهور ليکڪا ائلف شفق جي ناول Forty Rules of Love کي ضرور پڙهن، جنهن۾ الهامي محبت، صوفيت، رومي ۽ سندس استاد شمس تبريز بابت لکيل آهي ۽ جنهن کيس ڏاڍو متاثر ڪيو هو. ائلف شفق انجي جواب ۾ عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته هو 1973ع جو پاڪستاني آئين ضرور پڙهي، ڇوته اهو کيس سولين بالادستي جي ويجهو آڻيندو. لنڊن جي اخبار “انڊپينڊنٽ” کي خاص انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اهو هن ڪجھه سال پهريائين پڙهيو هو ۽ ان کيس ڏاڍو متاثر ڪيو هو۽ جي وزيراعظم ۽ نوجوانن کي گهڻو وقت نٿو ملي ته پوءِ هو گهٽ ۾ گهٽ آئين جي آرٽيڪل 243 کان 245 ۽ 6 ضرور پڙهن جيڪي حڪومت ۽ فوج وچ ۾ تعلقات کي واضح ڪن ٿيون.
هر پاڪستاني آرٽيڪل 6 کان ته واقف آهي ۽ سنڌ جي عوام ته هن سرڪار جي ٻن سالن ۾ آرٽيڪل 172, 158, 149 ۽ 142 به پڙهي پڄائي چڪو آهي.اهڙي طرح کين اها به خبر آهي ته شفق جي ذڪر ڪيل آرٽيڪلن تحت صدر فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي ۽ هو وزيراعظم جي صلاح سان ٽنهي فوجن جي سربراهن کي مقرر ڪندو آهي، جنجي ڪمانڊ وفاقي حڪومت وٽ هوندي آهي ۽ جنهنجي هدايتن تي هو جنگ جي خطري کي منهن ڏيڻ، ٻاهرين حملي جي صورت ۾ ملڪ جو دفاع ڪرڻ، شهري حڪومت جي ضرورت پوڻ تي مدد ڪرڻ ۽ آئين تحت قسم کڻڻ جا پابند هوندا آهن.
لنڊن ۾ رهندڙ ائلف شفق جو 2010ع ۾ ڇپيل ناول گذريل سال جنوري ۾ ڪنهن پراڻي دوست جي اسرار تي بنا ڪنهن ساهي جي پڙهي پورو ڪيو هيم جيڪو 13هين عيسوي صدي جي بغداد، ڪونيا، اليگزينڊريه ، ثمرقند ۾ مولانا رومي سندس زال ڪيرا، لي پالڪ ڌيءَ ڪميا، سندس استاد شمس تبريز کان علاوه فقير، شرابي، وئيشيا، قاتل، مالڪ، استاد، اڻڄاڻ، درويش جي ڪردارن ۽ 21هين صدي جي شهر نارٿيمپٽن گرد گهمي ٿو،جتي ٽن ٻارن جي ماءُ ائيلا سڀڪجھه هوندي به ڏندن جي ماهر امير مڙس ڊئيوڊ کان 20 سالن جي شادي بعد الڳ ٿي وڃي ٿي ۽ عزيز نالي سندس دوست جيڪو هنکان نه فقط ڪوهين ڏور ڪنهن ٻئي کنڊ ۽ شهر ۾ رهي ٿو پر ٻنهي جي عادتن ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ ايترو فرق آهي جيترو ڏينهن ۽ رات ۾ ! پر 800 سالن جي وٿي تي مختلف شهرن ۽ زمانن ۾ رهندڙ مختلف روپن وارا اهي انسان پاڻکي “اڻپورو” ۽ “کٽل” محسوس ڪن ٿا ۽ “پورو” ٿيڻ جي ڳولا ۾ آهن. اها ڪيفيت انسان اندر اهو پنجون جز آهي جيڪو مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه سان گڏجي انسان کي مختلف بڻائي ٿو. اسان مان هر ڪو پوءِ زندگي ۾ ڪهڙي به رتبي تي ڪٿي به رهندو هجي، پنهنجي اندر ۾ ان احساس جو شڪار آهي ته ڄڻ ڪا شيءَ گم ٿي وئي هجي. آخر اها گم ٿيل شيءَ ڪهڙي آهي تنهنجي پروڙ چند ماڻهن کي ئي پوي ٿي.اهو پهريون اصول آهي. شفق جو چوڻ آهي ته 40 جو انگ هڪ جادوئي انگ آهي جنهن۾ نبوت ملي ۽ ان عمر ۾پهچڻ سان ماڻهو موٽي ٻيهر 30 سالن جو ٿي وڃي ٿو، جهڙي طرح 60 ۾ پهچڻ بعد هو ٻيهر 40 جي چانئٺ چمي ٿو ۽ ڪوبه گهنج يا چاندي جو وار انجو رستو روڪي نٿو سگهي. گوتم ٻڌ به بڙ هيٺان 40 ڏينهن جو چلو ڪٽيو، ڪنهن پياري جي مرڻ تي سوڳ به 40 ڏينهن ملهائبو آهي، ٻار به ڄمڻ کانپوءِ 40 ڏينهن بعد ڌرتي تي زندگي شروع ڪندوآهي، جڏهن ڪو محبت ۾ گرفتار ٿيندو آهي تڏهن سندس احساسن جي پڪ به 40 ڏينهن بعد ٿيندي آهي ۽ نوح جي ٻوڏ به 40 ڏينهن جاري رهي. صوفي بابت شمس چوي ٿو ته هو ڪڏهن ويڙهه نه ڪندا آهن پوءِ ڀلي ويڙهه جو ڪو سبب نڪري ڇونه اچي. خدا کي آسمانن ۾ نه پر پاڻ۾ ڳوليو. جي خدا جي تصور سان توهان کي خوف ۽ ڏوهه ياد اچي ٿو ته انجو اهو مطلب آهي ته توهان ڏوهي آيو ۽ توهانجي اندر ۾ خوف ڀريل آهي، پر جي سندس تصور سان توهانکي محبت ۽ رحم جو تصور اچي ٿو ته پوءِ توهان رحمدل ۽ محبتي آهيو. سچ ڏانهن ويندڙ دڳ جو ڏس توهانکي دماغ نه پر دل ڏيندي جنهنکي پنهنجو روحاني رهبر بڻايو. پنهنجو پاڻکي سڃاڻو ۽ پنهجو پاڻکي ضبط ۾ رکو.موت جو خوف وڏو نه پر پويان ڪو نشان نه ڇڏڻ جو خوف موت کان وڌيڪ آهي. جڏهن شمس اپريل 1242 ع ۾ بغداد پهچي ٿو تڏهن شهرن بابت چوي ٿو ته“ اهي جواهر ته آهن پر اهي به انسانن وانگر آهن، جيڪي ڄمن ٿا، ٻاراڻپ ۽ جواني مان گذرن ٿا ۽ آخر پوڙها ٿي مري وڃن ٿا. ان۾ ڪو شڪ ناهي ته بغداد شاندار شهر آهي پر ڌرتيءَ تي ڪابه سونهن مستقل نه هوندي آهي. شهر روحاني ٿنبن تي اڏيا ويندا آهن ۽ اهي آئيني جيان شهرين جي دلين جو عڪس ڏيکاريندا آهن. جي دليون ميريون ٿي وينديون آهن ته شهر پنهجي چمڪ وڃائي ويهندا آهن.اهو فقط ڪڏهن ڪڏهن نه پر هر زماني ۾ ٿيندو رهندو آهي.“
ڄاڻ يا علم بابت هو چوي ٿو ته “جي اها ٻين سان ونڊي نٿي وڃي ته پوءِ اها پراڻي گلدستي جي تري ۾ پيل ڪوڙي پاڻي مثل آهي.” اهڙي طرح عقل ۽ محبت ٻئي مختلف مواد مان جڙيل آهن. عقل ماڻهن کي ڳنڍ ڏئي ٻڌي ڇڏيندو آهي، جنهنڪري هو خطرا ناهي کڻندو پر محبت سڀ ڳنڍيون ڇوڙي ڇڏيندي آهي ۽ خطرن لاءِ تيار ڪندي آهي. عقل هميشه محتاط رهڻ جي صلاح ڏيندو آهي پر محبت اجازت ڏئي ڇڏيندي آهي ته پرواهه نه ڪر ٽٻي هڻي ڏس!عقل جلد آڻ ناهي مڃيندو ۽ محبت بنا ڪنهن ضد جي انا کي ماري پنهنجو پاڻکي خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. خزانا خاڪ ۾ ئي لڪل هوندا آهن، ٽٽل دل مالامال هوندي آهي.! زندگي ۾ ڇابه ٿي پوي، ڪيڏيون به ڏکيون حالتون هجن مايوسي کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيو ڀل سڀ دروازا بند هجن. ڪجھه هجڻ تي ته شڪر ڪريو پر جي ڪنهن شيءَ جي ڪمي آهي ته به شڪرگذار ٿيو. صبر به ضروري آهي جنهنجو مطلب خاموش رهڻ نه پردورانديشي ۽ يقين آهي ته هڪ عمل مان گذرڻ بعد انجو نتيجو ضرور ايندو. صبر جو مطلب آهي ته ڪنڊن مان گذرڻ وقت گلن کي ۽ رات مان گذرڻ وقت پرهه کي ذهن ۾ رکو جيڪي اتان گذرڻ بعد اچڻا آهن. جي ڪو توهان تي ڪنڊا اڇلي ته دلگير نه ٿيو، هر ڏک بعد سک اچڻو آهي تنهڪري گلن جي استقبال جي تياري ڪريو. ريشم جي ڪيڙي مان ئي ريشم نڪرندو آهي ۽ هو ختم ٿي ويندو آهي، سو توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جي توهانکي ريشم کپي ته پوءِ ريشم جي ڪيڙي کي مارڻو پوندو. جي توهان اهو سوچيو ٿا ته ٻيا توهان بابت ڇا ٿا سوچين ته پوءِ توهان بزدل آهيو . توهان سچ جي راهه تي هلندي مشهوري، مال، طاقت، عياشي، جنسي خواهش کي قربان ڪرڻ بنا منزل ماڻي نه سگهندا. جي منزل ماڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ گڻ پئدا ڪريو، علم حاصل ڪريو ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جي گنجائش وڌايو. ڪڏهن به تبديلي کي نه روڪيو، ڪهڙي خبر توهانجي هاڻوڪي حالت کان نئين صورتحال بهتر هجي! هر انسان هر وقت work in progress آهي. مڪمل خدا کي پيار ڪرڻ سولو پر اڻپوري انسان کي پيار ڪرڻ ڏکيو آهي. جسم تي لڳل گند کي ته پاڻي سان صاف ڪري سگهجي ٿو پر اندر جي ڪٽ کي جيڪا نفرت، غرور سان ڀريل آهي تنهن کي محبت سان ئي صاف ڪري سگهجي ٿو. شيطان به ٻاهر نه پر توهانجي اندر ۾ آهي. جي توهان پاڻکي صحيح سڃاتو آهي ۽ پنهنجين روشن توڙي اونداهين پاسي کان واقف آهيو ته پوءِ توهان شعور جي اعليٰ ترين منزل تي پهچي ويندئو. ماضي جي ڀنور مان پاڻکي آزاد ڪريونه ته اهو تنهنجي حال کي بيحال ڪري ڇڏيندو. وقت اوجهل ٿي ويندو جيڪا گهڙي آهي ان مان گذرڻ جو مزو وٺو. راهه هلندي اهو نه سوچيوته اهو رستو توهانکي ڪيڏانهن وٺي ويندو پر پهرين وک تي ڌيان ڏيو جيڪ تمام اهم، ڏکي آهي ۽ اها ئي توهانجي ذميداري آهي. جيئن ئي توهان پهرين وک کڻندئو ته هر شيءَ ان پويان ٿيندي ويندي. وهڪري سان وهڻ بجاءِ پاڻ وهڪرا ٿيو. الله سائين چاهي ها ته سڀني کي هڪجهڙو بنائي ها پر هن ايئن نه ڪيو تنهنڪري فرقن جي عزت نه ڪرڻ ۽ ٻين مٿان پنهنجا نظريا مڙهڻ جو مطلب آهي ته توهان خدا جي پاڪ منصوبي جي عزت نٿا ڪريو.صوفي ٻين ماڻهن بابت سندس لباس ۽ ڏيک جي بنياد تي فيصلو ڪرڻ بجاءِ پنهنجون ٻئي اکيون بند ڪري ٽين اک سان انجو اندر ڏسندا آهن. صوفي انتها پرستي بدران معتدل راهه وٺندا آهن. زندگي کي اوڌاري سمجهندا آهن ۽ ان۾ انتها پرستي کان پري ويندا آهن ڇو ته انتهاپرستي اندر ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي. صوفي حال ۾ رهندو آهي ماضي ۽ مستقبل کان بي نياز. جڏهن اسان محبت ۾ گم ٿي ويندا آيون تڏهن جنت ۾ داخل ٿي ويندا آهيون ۽ جڏهن نفرت ڪرڻ لڳندا آهيون تڏهن دوزخ جي باهه ۾. محبت کي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي پر محبت سڀ سمجهي ٿي. هڪ مرحلي کان بعد ٻولي جواب ڏئي وڃي ٿي پر جڏهن توهان محبت جي علائقي ۾ داخل ٿيو ٿا تڏهن ڪنهن ٻولي جي ضررت ناهي. قسمت پهريائين لکيل يا مقرر ڪيل ناهي تنهنڪري سڀ قسمت جي آسري ڇڏي ڏيڻ اڻڄاڻائي جي نشاني آهي. توهانجي منزل تڏهن ايندي جڏهن توهان پنهنجي سرندي سان پنهنجي پسند جو ميوزڪ وڄائڻ شروع ڪندا. اهو توهانجي ئي هٿ ۾ آهي. جي محبت کان اڳ ۽ پوءِ توهان جي ڪيفيت ساڳي آهي ته انجو مطلب اهو ٿيو ته توهان محبت نه ڪئي آهي. ڪائنات جهومڻ لڳي ٿي جڏهن باهه پاڻي سان پيار ڪري ٿي.اهو ئي محبت جو چاليهون ۽ آخري اصول آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *