Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u41sghfe2sqbojsjajidv90574, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
محل ۾ رهندڙ مريم ۽ بچا بلاول - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar محل ۾ رهندڙ مريم ۽ بچا بلاول - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

محل ۾ رهندڙ مريم ۽ بچا بلاول

سدائين سياسي پارٽين جي ڄڃ گڏ کڻي جمهوري نظام کي پنهنجي پسند سان هلائيندڙ طاقتور اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري انهي حالت تي اچي پهتي آهي جو جماعت اسلامي جهڙي پارٽي به انهن جي مرضي سان دهل وڄائڻ لاءِ تيار ناهي.توڙي جو اها مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ شريڪ نه ٿي پر ٻئي پاسي به بيهڻ جي همت ساري نه سگهي آهي. سياسي پارٽين کي اڪيلو ڪري اقتداري راند ۾ پنهنجا مهرا فٽ ڪرڻ جي شوقين طاقتور ڌر هن ڀيري ايئن اڪيلي ٿي پئي آهي جو هن نظام ۾ مسلسل جاري پنهنجي پيشقدمي کي روڪڻ کانسواءِ وٽن ڪو چارو نظر نه ٿو اچي ڀلي کڻي اهو عارضي ئي ڇو نه هجي.
ڪجهه وقت کان ملڪي سياسي تلاءُ ۾ پيدا ٿيل خاموشي کي “ ووٽ ڪو عزت دو”جي نعري سان ٽوئيٽر اڪاونٽ جو پٿر اڇلائي ميان صاحب نه رڳو ٽوڙي ڇڏيو پر اي پي سي ۾ تقرير سان لائين آف ايڪشن به ٻڌائي انهي تلاءَ ۾ لهرون به پيدا ڪري ڇڏيون، وري جڏهن انهي اي پي سي ۾ ٺهيل اتحاد پي ڊي ايم ۽ قراردادن کي ڏسجي ٿو ته ايئن ٿو لڳي ته اهي ميان صاحب جي تقرير جي توثيق هيون، اهو ڪو اتفاق يا حادثاتي طور نه ٿيو هو پر سياسي شاگرد سٺي نموني سمجهي سگهن ٿا ته مهل ۽ موقعو پنهنجو وار ڪرڻ لاءِ ڪيترو اهم ۽ اثرائتو هوندو آهي.مولانا جي پهرين ڏينهن کان وٺي اٻهرائپ،شهباز شريف جي اسٽيبلشمينت سان مفاهمت جي خواهش ۽ زرداري صاحب جي سنڌ حڪومت کي هٿان نه وڃائڻ واري سوچ توڙي جو نه رڳو مخالف ڌر جي اتحاد ٺهڻ ۾ بار بار رنڊڪون پئي وڌيون پر ٻن وڏن پارٽين کي به ذري گهٽ ڌڙابندي جي نوبت تائين پهچائي ڇڏيو هو.پر انهي سڄي عرصي ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته “بچا”سڏجندڙ بلاول ۽ “محلن ۾ رهڻ واري ”جهڙا طنز ڀرياجملا ۽ “قطري” جهڙا طعنا سهندڙ مريم نواز پنهنجي سياسي پختگي سبب انهن معاملن کي نه رڳو پارٽي اندر ۽ اتحادين سان سنڀالي کڻي اڳتي وڌيا پر انهن سڀني اندازن ۽ پروپئگنڊا کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو جيڪي شيخ رشيد جهڙن سينئرن پر سياست جي الف کان به اڻڄاڻ ماڻهن جي وات مان گولا ٿي نڪري رهيا هيا،جيڪي سدائين ٻين جي ڳالهين کي پنهنجي وات ذريعي ادا ڪرڻ جو ڪردار نڀائيندا رهيا آهن. انهي اي پي سي کي اثرائتو بڻائڻ ۾ بلاول جي انهي ڪال جو به ڪمال آهي جيڪا هن نواز شريف جي طبعيت پڇڻ لاءِ ڪئي ۽ کيس موقعو فراهم ڪيو ته هو وڊيو لنڪ ذريعي انهي اي پي سي کي خطاب ڪري، جيڪڏهن انهي اي پي سي ۾ ميان صاحب جي شرڪت نه ٿئي ها ته اسٽيبلشمينٽ سان راهه رسم رکڻ جي شوقين شهباز کي به موقعو ملي ها ته مفاهمت جي بادشاهه وٽ به سنڌ حڪومت کي قربان نه ڪرڻ جو بهانو ۽ اٻهرائي ڪرڻ لاءِ آتي مولانا وٽ موقعا هجن ها.پر بلاول جي فون “هڻ” ته مريم جي انهي فون جي بدلي مهرباني چوڻ “کڻ” جو ڪردار ادا ڪيو ته نواز شريف جي وڊيو لنڪ ذريعي اي پي سي کي خطاب جي حامي ڀرڻ پنهنجن توڙي پراون جي سڀني داءُ پيچن کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو.اهو انهن ٻنهي نوجوانن جو ڪمال هو جيڪي پنهنجي خاندان جي سياسي تڪيلفن ۽ تجربن جي آڌار انهن سياستدانن ۽ تجزيئي نگارن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا جيڪي هر ڪم اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان ٿيڻ واري لينس سان ڏسڻ جا عادي آهن.جنهن ڪري کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سندن اها طاقت ۽ اختيار آهستي آهستي ايئن ڇڏائجي رهيا آهن جيئن پيرن هيٺيان واري وهندي ويندي آهي. جوڻيجو دور کان نواز ليگ جو بنياد وجهندڙ ،پيٽرياٽ کان وٺي ق ليگ ٺاهيندڙ ۽ هڪ ووٽ تي سنڌ ۽ رات پيٽ ۾ پنجاب جون وڏ وزارت تبديل ڪندڙ ايترا بيوس ٿيا جو شهباز شريف جهڙو پنهنجو همدرد هوندي نواز ليگ کي ٽوڙي نه سگهيا ۽ چوڌري نثار کي به چپ ڪري سياست کان ئي ڪنڊائتو ٿيڻو پيو ۽ هر وقت سهولت لاءِ مهيا متحدا جهڙي پارٽي به ويٺي ويٺي ڪاوڙ وارا نياپا بظاهر ته پي ٽي آءِ حڪومت پر اصل ڌر ڌڻين کي موڪلڻ لڳي.جنهن ڪري مجبور ٿي نيب ذريعي سياستدانن کي سوڙهو ڪرڻ وارو آخري هٿيار استعمال ڪري هن حڪومت کي هلائڻو پيو. ڇا ڪرپشن جي بيانئي بهاني سياسي پارٽين کي سوڙهو ڪرڻ واري روش کي ڪا مڃتا ملي آهي؟ٻن پارٽين خلاف ميدان ۾ لاٿل پي ٽي آءِ حڪومت جنهن نعري سان آئي هئي اهو ڪرپشن ۽ احتساب وارو هيو جنهن کي مخالف ڌر ۽ گهڻا آزاد ماڻهو به(هاڻي ) انتقام سمجهن ٿا اهو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيو يا ان جي قبوليت ماڻهن وٽ ڪيتري بچي آهي اهو هتي بحث جو موضوع ناهي،موضوع اهو آهي ته جيڪي اهي سڄو کيڏ کيڏندا رهيا انهن وٽ هاڻي ميدان ڪيترو بچيو آهي،ماضي ۾ جيڪي حڪومتون ٺاهيندا ۽ ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ پوءِ به وٽن کوڙ متبادل موجود هوندا هيا ۽ مٿن ڪير کلي ڳالهائي نه سگهندو هو (خاص ڪري اقتداري سياست ۾ موجود پارٽيون)اڄ هڪڙي حڪومت کي بچائڻ جي چڪر ۾ ايترو تنقيد جي هيٺ آهن جو وضاحتون جاري ڪرڻيون ٿيون پون ته آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪي سياسي ميدان ۾ سندن ڪيتر ي ڪنڊ بچي آهي ۽ اهو سڄو ڪريڊٽ انهن ٻنهي نوجوان سياسي ماڻهن ڏي وڃي ٿو جيڪي سياسي ڌرين کي پنهنجا پنهنجا اختلاف انائون هوندي هيستائين گڏ کڻي پهتا آهن جنهن ڪري ئي نواز شريف پنهنجي خاموشي کي ٽوڙي ملڪ کي لڳل بيماري ۽ ان جو علاج به ٻڌائي ڇڏيو. مخالف ڌر خاص ڪري نواز ليگ ۽ مريم نواز جو اصل امتحان به هاڻي ئي شروع ٿيندو ڇو ته ميدان جنگ پنجاب کي ٿيڻو آهي، پ پ ۽ بلاول جي صورت سنڌ انهي سان سهڪاري هوندي(توڙي جو ماضي ۾ پنجاب سنڌ جي ويڙهه ۾ ڪڏهن به سهڪاري نه رهيو آهي ) اڳواڻي انهي پنجاب کي ڪرڻي آهي ۽ اهو ثابت به ڪرڻو آهي ته اها پنهنجي ڳالهين تي ڪيتري حد تائين بيهي ٿي ۽ ٻئي وڏيون پارٽيون ڪيئن پنهنجي پنهنجي پارٽين اندر مفاهمت جي شوقينن کي ماٺ ۽ ڪنڊائتو ڪري گڏ وٺي هلن سگهن ٿيون ۽ ٻين اتحادين جي اعتماد تي ڪيترو پورو لهي ۽ بدگمانيون ختم ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته رڳو معاملو ٻن وڏين پارٽين جي معاملن کي سڌارڻ کان وڌي نظام ۾ بنيادي سڌارن تائين اچي پهتو آهي جنهن ڪري اتحاد جي 26 نقطن ۽ ميان صاحب جي تقرير کي لائين آف ايڪشن سمجهي ئي اڳتي وڌڻو پوندو جنهن کانسواءِ انهن وٽ ٻيو ڪو چارو ناهي، بقول نواز شريف جي ته حڪومت ۽ عمران جي تبديلي اسان جو حدف ئي ناهي.پر جيڪو حدف آهي ان لاءِ رڳو تقرير ،مطالبو ،اتحاد ٺهڻ ۽ گڏ هلڻ امتحان ناهي ٻيا کوڙ امتحان اڳيان ايندا جن مان گذرڻ کانپوءِ ئي اهو حدف حاصل ٿي سگهي ٿو.
ستارون ڪي آگي جهان اور بهي هين
ابهي عشق ڪي امتحان اور بهي هين
سو اصل امتحان مخالف ڌر جو ته هاڻي شروع ٿيندو اهي ڪيئن گڏجي هلي سگهن ٿا پنهنجي ننڍن مفادن جي قرباني ڏئي سگهن ٿا،وڌيڪ گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون ته بچي ويلن تي نوان ڪيس به ٺهي سگهن ٿا ،سختين ۾ واڌ به اچي سگهي ٿي. بقول مريم جي ته هو ۽ بلاول ايندڙ نسل کي اهڙو پاڪستان هرگز نه ڏيندا جنهن ۾ ويگو ڪلچر هجي اهڙي پاڪستان لاءِ انهن جي آڏو حڪومتي ۽ رياستي رنڊڪن سميت پنهنجي پنهنجي پارٽين جي اندر رڪاوٽن کي به عبور ڪرڻو پوندو جن جو اندازو ٻنهي کي اي پي سي ڪوٺائڻ ۽ اتحاد تائين پهچڻ ۾ ٿي ويو هوندو ۽ انهن ٻنهي جي به سياسي پختگي جو امتحان هوندو.
سدائين سياسي پارٽين جي ڄڃ گڏ کڻي جمهوري نظام کي پنهنجي پسند سان هلائيندڙ طاقتور اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري انهي حالت تي اچي پهتي آهي جو جماعت اسلامي جهڙي پارٽي به انهن جي مرضي سان دهل وڄائڻ لاءِ تيار ناهي.توڙي جو اها مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ شريڪ نه ٿي پر ٻئي پاسي به بيهڻ جي همت ساري نه سگهي آهي. سياسي پارٽين کي اڪيلو ڪري اقتداري راند ۾ پنهنجا مهرا فٽ ڪرڻ جي شوقين طاقتور ڌر هن ڀيري ايئن اڪيلي ٿي پئي آهي جو هن نظام ۾ مسلسل جاري پنهنجي پيشقدمي کي روڪڻ کانسواءِ وٽن ڪو چارو نظر نه ٿو اچي ڀلي کڻي اهو عارضي ئي ڇو نه هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *