تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مخالف جي تحريڪ ۽ پريشان حڪومت

هن وقت ملڪ ۾ ٻه اهم مامرا بحث هيٺ آھن جن ۾ هڪ مخالف ڌر جي پارٽين جي احتجاجي تحريڪ ۽ حڪومت پاران ان کي منهن ڏيڻ جي متوقع حڪمت عملي آھي ته ٻيو وڏو اهم مسئلو سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق پاران پنهنجي ملڪيت قرار ڏيڻ ۽ آئي لينڊ اٿارٽي جي قيام لاءِ جاري آرڊيننس آھي ٻئي مامرا وڏي پيماني تي عوامي ڌيان ۽ بحث جو موضوع بڻيل آھن. پاڻ هتي پهريان پاڪستان آئي لينڊاٿارٽي جي قيام ۽ سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق پاران پنهنجي ملڪيت قرار ڏيڻ واري وفاقي حڪومت جي دعويٰ جو جائزو وٺون ٿا. 8 آڪٽوبر تي وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي ٻيٽن کي وفاقي ملڪيت قرار ڏيڻ ۽ انهن ٻيٽن تي تمام وڏو ۽ عالمي معيار جو شهر اڏڻ جي منصوبي تي پيش رفعت جو جائزو ورتو ويو ان اجلاس ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل به شرڪت ڪئي ان اجلاس بعد گورنر سنڌ عمران اسماعيل جهاز راني جي وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ وزير اعظم جي هدايت تي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس به ڪئي،ان پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير علي زيدي دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جو ڀنڊار آئي لينڊ سوڌو ٻيا ڪيترائي ٻيٽ 1973ع کان پورٽ قاسم اٿارٽي يعني وفاق جي ملڪيت آهن جتي وفاقي وزير علي زيدي اها دعويٰ ڪري رهيو هو ان وقت اتي ئي گورنر سنڌ چئي رهيو هو ته کيس وزير اعظم ٻيٽن بابت سنڌ حڪومت سان ملي خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي. سوال هي آھي ته اگر ڀنڊاڙ، ڏنگي ۽ ٻيا ٻيٽ وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهن ته وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آھي؟ سوال هي به آھي ته اگر اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت نه هئا ته وفاقي سرڪار کي سنڌ حڪومت کان اين اوسي وٺڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي هئي جنهن تحت انهن سنڌ حڪومت کي لکت ۾ ليٽر اماڻي اين اوسي ورتي هئي. انهن مامرن مان صاف ظاهر آھي ته ٻيٽ سنڌ صوبي جي ملڪيت آھن پر انهن تي پنهنجي مالڪي جي دعويٰ وفاقي سرڪار 50 ارب ڊالرن جي متوقع سرمائيڪاري جي مالي مفادن ڪري برقرار رکڻ گهري ٿي، ڇو ته اگر وفاق مالڪي جي دعويٰ نه ڪندي اهو تسليم ڪري ته اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن ته ظاهر آھي ته انهن ٻيٽن تي جيڪي سيڙپڪار سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي مامرا وفاقي حڪومت سان نه پر سنڌ حڪومت سان طئه ڪرڻا پوندا،
نتيجي ۾ جن پيسن کي معيشت جي مضبوطي لاءِ استعمال ڪرڻ جي وفاقي حڪومت جي خواهش آھي اها پوري نه ٿيندي. خير جمعي 9 آڪٽوبر تي پريس ڪانفرنس ڪري پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر سنڌ سان ملاقات ڪرڻ کان واضح طور تي انڪار ڪري ڇڏيو آھي نه رڳو ايترو پر سنڌ جي ٻيٽن وارو مامرو عدالت ۾ به پهچي ويو آھي خبر نه آھي ڇو مون کي سياسي مامرا عدالتن ۾ پهچڻ سٺو نه لڳندو آھي ۽ اهو ڏسي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي آھي اهو ئي سبب آھي ته ڪيئي سال اڳ جڏهن مون وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جي لتاڙ بابت اسٽوري ڏني هئي تڏهن سنڏ جي هڪ وڏي سينئير وڪيل فون ڪري ان سرڪاري رپورٽ جي ڪاپي ڏيڻ لاءِ رابطو ڪندي چيو ته ان مامري تي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ ڪاپي گهرجي ته مون کيس چيو هو ته مان سنڌ جي سياسي مامرن کي سياسي طور حل ڪرڻ جو قائل آھيان عدالت ۾ وڃڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مان اوهان کي رپورٽ جي ڪاپي ڪونه ڏيندس. خير ڏسون ته ٻيٽن واري مامري تي سنڌ حڪومت عدالت ۾ ڪهڙو موقف رکي ٿي پر اهو واضح آھي ته اهو مامرو رڳو ٻن ٻيٽن جو نه پر سنڌ جي سموري ساحلي پٽي جي سموري دولت جو مامرو آھي ان ڪري ئي سنڌ جون قوم پرست ڌريون ،سول سوسائٽي پنهنجو سجاڳ ٿي آھي. خوشي اها آھي ته سنڌ واسين جي اجتماعي ردعمل سنڌ حڪومت کي ڏنل اين اوسي واپس وٺڻ ۽ سڌو ٿي سامهون اچڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي پر سنڌ واسين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪجهه سياسي ماڻهو مجبورين جا اسير به ٿي ويندا آھن جيئن هن وقت سنڌ صوبي مان چونڊيل انهن سنڌي ميمبرن وفاقي حڪومت ۾ هجڻ ڪري سنڌ سان زيادتي تي به خاموشي جو روزو رکي ڇڏيو آهي وفاقي وزارت کي بچائڻ لاءِ انهن ٻيٽن واري مامري تي خاموشي اختيار ڪري رکي آھي پر سنڌ جا ماڻهو صوبي جي وسيلن لاءِ اجتماعي طور گڏ ٿي هڪ آواز ٿي ويندا ته پوءِ اگر پنهنجن مان ڪو ميرجعفر به ٿيندو ته نقصان کان بچي ويندا سين.
هاڻي اچون ٿا مخالف ڌر جي پارٽين جي حڪومت خلاف اعلانيل تحريڪ طرف جيڪا هن حڪومت جي دور ۾ پهريون ڀيرو حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب محسوس ٿي رهي آھي اسلام آباد کي ته محلاتي سازشن جي شهر طور به سياسي ڌريون ياد ڪن ٿيون اسلام آباد شهر ۾ هر وڏي مسئلي تي سازشي ٿيوريون سامهون اينديون رهنديون آھن اهي سازشي ٿيوريز جڏهن منظر تي اينديون آھن تڏهن فوري طور تي انهن کي افواهه يا غلط ڳالهيون ڪري رد ڪيو ويندو آھي پر اڳتي هلي انهن سازشي ٿيورين مان ڪيتريون ئي سازشي ٿيوريون درست به ثابت ٿينديون آھن جيئن هن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد ۾ لڳل آزادي مارچ وقت جڏهن چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي جڏهن مولانا فضل رحمان سان مليا تڏهن اها ٿيوري آئي ته انهن طاقتور حلقن جي نمائندي طور تي ملاقاتون ڪيون پر ان وقت ان ٿيوري کي رد ڪيو ويو پر هاڻي ان حوالي سان جي يوآءِ جي مولانا غفور حيدري جيڪا لب ڪشائي ڪئي آھي ان انهي ٿيوري کي درست ڪيو آھي. ايئن مسلم ليگ ن جي گذريل حڪومت دوران ميان نواز شريف کان استعيفيٰ گهرڻ واري ٿيوري به سامهون آئي پر ان وقت ن ليگ جي حڪومت به ان جي ترديد ڪئي ۽ هاڻي تازو ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي اها تصديق ڪئي ته ان کي تڏهوڪي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل ظهيرالسلام استعيفي ڏيڻ جو پيغام موڪليو هو، ان بيان بعد وزير اعظم عمران خان جو اهو چوڻ ته نواز شريف کان آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي سربراهه پاران استعيفيٰ گهرڻ تي نواز شريف ان وقت ان ڪري خاموش رهيو جو نواز شريف کي معلوم هو ته آءِ ايس آءِ کي ان جي چورين جو پتو هو. وزير اعظم جي ان بيان سان به نواز شريف کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ واري ڳالهه جي ترديد نه ڪئي وئي آھي. وزير اعظم جي ان بيان سان ملڪ اندر سياسي صورتحال ۽ مسئلن جي ڪجهه اهم رخ به نروار ٿين ٿا پر پاڻ پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائيندي اسلام آباد جي سازشي ٿيورين مان هڪ وڌيڪ سچ ٿيل ٿيوري تي اچي مخالف ڌر جي تحريڪ تي اچون ٿا اوهان کي ٻڌايان جڏهن پرويز مشرف آرمي چيف سان گڏ صدر ۽ وزير اعظم جي به اختيارن کان طاقتور حڪمران هيو ان وقت جڏهن عدليه جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي تڏهن ان تحريڪ بابت به سازشي ٿيوريون آيون هيون جن کي بعد ۾ ڪيترن ماڻهن درست قرار ڏيڻ لاءِ به لب ڪشائي ڪئي هاڻي جڏهن حڪومت خلاف مخالف ڌر جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي تڏهن پيپلزپارٽي سوڌو نواز ليگ جي انتهائي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ تي ماڻهو حيران آھن ۽ ان پويان به سازشي ٿيوريون ڳولڻ لڳا آھن.
ملڪ جا صحافي ،تجزيئي نگار حڪومت جي مخالف ڌر جي تحريڪ بابت ان خيال ته “ مخالف ڌر ڀارتي ايجنڊا کي کڻي هلي رهي آهي” کان مختلف سوچي رهيا آھن ۽ اهي مخالف ڌر جي ان جارحاڻي انداز پويان ملڪي طاقتور حلقن جو ڪردار آھي يا نه بابت ويچار ڪري رهيا آھن ظاهري طور ته وزير اعظم روز پاڪ فوج ان سان گڏ آھي وارا بيان ڏئي رهيو آھي اڪثر ماڻهن کي محسوس به ايئن ٿي رهيو آھي پر ڪي ماڻهو پوءِ به سازشي ٿيوري جي ڳولا پويان آھن مامرو ڪهڙو به هجي پر ڪجهه حڪومتي قدمن کي ڏسي لڳي رهيو آھي ته مخالف ڌر جي تحريڪ مان حڪومت پريشان ضرور آھي ان لاءِ هڪ دليل اهو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب جي سياست دانن سان گڏ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم خلاف غداري جو ڪيس داخل ٿيو آھي انهن غدارن ۾ ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهندڙ نواز شريف، ٽي رٽائر جنرل صلاح الدين ترمذي، عبدالقيوم، عبدالقادر بلوچ ، اڳوڻا دفاع، گهرو مامرن جا وزير به شامل آھن ان ڪيس کانسواءِ وزير اعظم عمران خان پاران 11 کان وڌيڪ سياسي پارٽين تي ٻڌل مخالف ڌر جي اتحاد جي تحريڪ کي ڀارت جي ايجنڊا کي اڳتي کڻي هلندڙ قرار ڏئي جن مخالف ڌر جي اڳواڻن تي غداري جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي انهن کي به ڪيس وارن جي صف ۾ آڻي بيهاريو ويو آھي ۽ وزير اعظم واضح اشعارو ڏنو آھي ته ڪنهن به قانون ٽوڙيو ته انهن کي سڌو جيل موڪليو ويندو، اگر حڪومت کي مخالف ڌر جي تحريڪ غير موثر محسوس ٿئي ها ته اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ جي شايد کين ضرورت محسوس نه ٿئي ها پر حڪومتي قدم محسوس ڪرائين ٿا ته مخالف ڌر جي تحريڪ مان حڪومت پريشان آھي پر مخالف ڌر جي تحريڪ کي بي اثر ڪرڻ لاءِ عوامي رليف ڏيڻ تي غور شروع ڪيو آھي. وزير اعظم سومر کان عام واهپي جي شين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام رياستي وسيلا استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. لڳي ٿو ته مخالف ڌر جي تحريڪ شروع ٿيڻ جي تياري سان ئي ان جو عوام کي فائدو ملڻ جو امڪان پيدا ٿي ويا آھن ڏسجي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ ناجائز منافعي ۽ذخيرا اندوزي کي روڪڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ باوجود عوام کي رليف نه ڏئي سگهندڙ عمران حڪومت ناجائز منافعي کي ڪيئن گهٽ ڪرڻ کي عملي طور تي يقيني بنائي ٿي ڇو ته هاڻي بيانن ۽ سموري صورتحال جي ذميواري مخالف ڌر جي اڳوڻين حڪومتن تي هڻڻ سان ڪم هلندي محسوس نه ٿي رهيو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *