Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_4mt3v0tjqa8k3p43dr72gabplb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جا جلسا ۽ ڪمزور ٿيندڙ حڪومت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جا جلسا ۽ ڪمزور ٿيندڙ حڪومت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مخالف ڌر جا جلسا ۽ ڪمزور ٿيندڙ حڪومت

پاڪستان جي سياست وطن جي آزادي کان وٺي يرغمال بڻيل آهي، جنهن جو اظهار هر دور جي سياستدانن “ڊيل” ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ کانپوءِ ڪندا آيا آهن، هر ڊيل جي ڪاميابي يا ناڪامي کانپوءِ سياسي منظرنامي جي تبديلي لازم ٿيو وڃي. مخالف ڌر جي “بيڪ ڊور” مخفي ملاقاتن جي ناڪامي کانپوءِ ڪل جماعتي ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي يا ڪاميابي کانپوءِ اهو ته مستقبل ۾ پتو پوندو پر سياسي هلچل، غداري جو ڪيس، استعيفا جي قبول ٿيڻ ۽ حڪومتي وزيرن جو عوام جو بار بارپاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ڪنهن تبديلي يا وري ڪنهن مصلحت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن. اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته پي ٽي آءِ جي حڪومتڪجهه سهارن تي ئي بيٺل آهي پر رياستي سهڪار سبب سياسي حڪمران ڪنهن حد تائين پر اعتماد آهن. حڪومتي اعتماد به ڦوڪڻي ۾ هوا جيان هوندو آهي ڪنهن به محل هوا ڪڍڻ آسان هوندي آهي، پر تنهن هوندي به ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪن ويجهن رفيقن سندس تخت جي تاراج ٿيڻ توڙي ڦاهي تي چاڙهڻ جي تياري بابت ٻڌايو هو ڀٽو صاحب ڪال ڪوٺڙي ۾ پراعتماد هو ۽ مڃڻ کان انڪاري هو.
2002 جي ملڪ ۾ آمر جي نگراني ۾ ٿل اليڪشن ۾ عوام ووٽ نئين ٺاهيل جماعت مسلم ليگ قائداعظم کي به نه ڏنو هو پر مير ظفرالله جمالي کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جا ووٽ مشرف جي آشيرواد سان مسلم ليگ “ق” جي جهولي ۾ وجهي، گڏوگڏ آزاد اميدوارن کي مان ڏيئي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ، گهربل انگن جي حاصل ڪرڻ لاءِ لازم هو ته پيپلزپارٽي پيٽرياٽ ٺاهي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت يافته سياستدانن کي ميدان ۾ لاهي هڪ ووٽ جو جي اڪثريت سان ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ويو. 2018 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي يا نه ان جو فيصلو ته عوام ڪندو پر ساڳي طرح تحريڪ انصاف، مسلم ليگ قائداعظم جيان اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي قابل ته نه هئي پر منظر ڪجهه ساڳيو هو. مخالف ڌر جي جماعتن وٽ پڻ اڪثريت نه هئي جو مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگهن. قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدوارن، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان مان کٽي آيل قومپرست جماعت جي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرائي ويئي ۽ تحريڪ انصاف کي حڪومت ۾ آندو ويو.
ميرظفرالله جمالي کي جيڪڏهن ٻن ڏهاڪن جو ڪمزورترين وزيراعظم چئجي ته ان ۾ ڪنهن قسم جي زيادتي نه ٿيندي. پر ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي بيچيني، معاشي و خورد و نوش جي شين جي کوٽ ۽ مهانگائي جو بي قابو ٿيندڙ جن ۽ احتساب جو بيانو کڻي ايندڙ جماعت پنهنجن ئي سينئر ميمبرن جي روزبروز عيان ٿيندڙ بدعنوانين جي منظر عام تي اچڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ شايد ميرظفرالله جهڙو سگهارو هڪ ٻيو وزيراعظم حڪومت ڪري رهيو آهي !! موجوده حڪومت ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ مسلم ليگ ق جي چند سيٽن جي بيساکين تي بيٺل اڻ تجربيڪار حڪومت آهي جٿي وقتائتن فيصلن جي کوٽ سان گڏوگڏ انتظامي فيصلن جي دير ڏينهون ڏينهن سياسي مصيبتن کي جنم ڏيئي رهي آهي. قيد و بند جي سياست کي پاڪستان ۾ جتي هڪ حربي طور استعمال ڪيو ويو آهي اتي حڪومتن کي سکڻ لاءِ به گهڻو ڪجهه مليو آهي پر تخت جي نشي ۾ ڌت حڪمران مسلسل اهي غلطيون دهرائي رهيا آهن. ايوب خان جڏهن مادر ملت فاطمه جناح رحه کي غدار ڪوٺي، هن جي تقرير ڪرڻ تي پابندي هنئي ته ماڻهو عظيم ليڊر جي محبت ۾ مبتلا ٿيندا ويا. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي لٽڪائي ڀ راتو رات دفن ڪرائي اهو سمجهيو ويو ته ڀٽي جو باب ختم ٿيو، پر ايم آر ڊي تحريڪ هجي يا وطن جي تاريخ پر ذوالفقار علي ڀٽي کي به ڪير مرده نه ڪري سگهيو. مجيب الرحمان کي غدار ڪوٺي ملڪ ٻه اڌ ڪري قيمت ادا ڪئي وئي. جي ايم سيد کي نظربند ڪري سندس آواز کي دٻائي سنڌ جي محرومين کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.
اڳُوڻي وزيراعظم نوازشريف کي 1999ع ۾ جهاز جي اغوا ڪيس ۾ تخت تان لاهي پرويز مشرف عوامي مقبوليت ماڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر نوازشريف ڊيل ڪري جلاوطني اختيار ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو جڏهن خود اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري 2007 ع ۾ اين آر او تحت ئي وطن موٽي ته 18 آڪٽوبر تي سندس آمد تي آيل 135جيالن کي ابدي ننڊ سمهاري سدائين لاءِ زنده باد ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي مقبوليت ۽ عوامي حمايت کي ڏسي جڏهن دهشتگردن شهيد ڪيو ته سياسي توڙي نظرياتي اختلاف رکندڙ حريف به پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهيا ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي نعري جي گونج “يا الله يا رسول بينظير بي قصور” ڪشمير کان ڪشمور تائين وري ٻڌي ويئي . هن وقت ملڪ ۾ صورتحال انتهائي ابتر آهي. ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا توڙي سماجي ويب سائٽن تي پابندين سان سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. مخالف ڌر پاران جلسن جي آغاز تي حڪومتي ڌر جي طرفان ڌمڪائڻ کان وٺي، نيب جي طرفان گرفتارين تي حڪومتي جماعت ۾ ويٺل جهموري ماڻهن کي پڻ شرمساري ٿي رهي آهي ته جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري 2011ع جي جلسن ۽ ڌرڻن دوران ملڪ ۾ انقلاب زنده آباد جا نعرا هڻي رهيا هئا ته ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي وزيراعظم مفاهمت جو رستو اختيار ڪندي نه صرف ڌرڻا ختم ڪرايا پر انهن جي لهجن کي به حڪومت جي لاءِ نرم ڪري ڇڏيو. امپائر جي آڱر تي يقين رکندڙ انتخابي ڌانڌلي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي بنياد تي عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته حڪومت خود استعيفا ڏئي نه ته لانگ مارچ جهلم تائين نه پهچندو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. معاملن تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري کي اقتداري حلقن خاطري ڪرائي هئي ته کين ناڪام نه موٽڻو پوندو. پر چوڌري نثار ۽ شهباز شريف سرگرم ٿي ويا ۽ ساڳي ماني ساڳ سان ڪري مولانا طاهرالقادري ۽ عمران خان کي موٽڻو پيو پر پرنٽ ميڊيا ۾ شهه سرخي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي 12، 12 ڪلاڪ سڌي سنئين جلسي جي ٽرانمسيشن ڏيکاري پئي ويئي، جنهن جي ڪري اقتداري حلقن نه صرف عمران جي متبادل طور چونڊ ڪئي پر عوام کي پڻ تحريڪ انصاف جا نغمه ياد ڪرايا ويا پر ان  دور جي حڪمرانن نوازشريف توڙي آصف زرداري جي حڪومتن اهڙيون حرڪتون ڪري نه ميڊيا تي پابندي هنئي نه ئي وري ان وقت جي هڪ صوبي ۾ موجود پي ٽي آءِ جي حڪومت جي تڏا ويڙهه جو سوچيو. جيئن موجوده حڪومت پنهنجن خيالن جو اظهار سنڌ حڪومت جي لاءِ ڪري چڪي آهي حڪومت مخالف ڌر جي پاورشو ٿيڻ کان پهرين ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ سياسي گرفتاريون ڪري هڪ دفعو ٻيهر هڪ ٻئي محاذ جا دروزا کولي ڇڏيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *