تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

مخالف ڌر جو اتحاد ۽ حڪومت ٻئي امتحان ۾

پيپلزپارٽي جڏهن جولاءِ ۾ سنڌ جا ٻه ٻيٽ وفاق جي “حوالي” پئي ڪيا، تڏهن ان کي اندازو ڪو نه هو ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ملڪ اندر اپوزيشن هڪ سخت مطالبي سان ڀرپور انداز ۾ سامهون ايندي. نه ئي وري حساب رکي سگهي ته سنڌ ان تي سخت رد عمل ڏيندي. بهرحال غلطي ٿي وئي. پارٽي ان جو سياسي طور ڪي قدر ازالو ته ڪري سگهي ٿي پر سنڌ کي جيڪو نقصان ٿيو، ان جو ازالو نه ٿي سگهندو. ان ڪري ايندڙ وقت اهو گلا جو گهانگهو پيپلزپارٽي جي ڳچيءَ ۾ رهندو. جولاءِ ڌاري جڏهن عدليه توڙي وفاقي حڪومت ٻئي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت لاءِ جارحاڻو انداز ڪري ويٺيون هيون پيپلزپارٽي کي پنهنجي سياسي اڪيلائي جو احساس ٿيو. ان اپوزيشن جي پارٽين سان هٿ ملائڻ ۽ ان ميلاپ کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ پيپلزپارٽي سنڌ جي قوم پرست ڌرين سان رابطا ڪيا. رابطن کي پچي راس ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي سو لڳو، سڄي صورتحال وڌي سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ راس ٿي. اهو درست آهي ته سنڌ ۾ ٻيٽن وارو مامرو هاٽ اشو آهي. وفاقي حڪومت ان مامري تي سنڌ حڪومت کي “ايڪسپوز” ڪرڻ گهري ٿي. وفاقي حڪومت کي فائدو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جون ڌريون هڪ ٻئي کان وڇوٽي تي هجن. خاص ڪري اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ وڃي رهي آهي. اها تحريڪ بنيادي طرح سان پنجاب ۾ نواز ليگ جي زور تي هلڻي آهي پر پيپلزپارٽي کي به ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو.
پي ڊي ايم تحت ايندڙ هفتي کان گوجرانوالا جي جلسي کان مهم شروع ٿي رهي آهي، پي ڊي ايم آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٺهي. جنهن جو ميزبان بلاول ڀٽو زرداري هو پر اتي موقف ۽ مطالبو نواز شريف جو ڇائنجي ويو. ايئن اپوزيشن جي هن اتحاد جي حڪمت عملي ۽ واڳ نواز شريف (سندس غير موجودگي ۾ مريم نواز) ۽ مولانا فضل الرحمان وٽ هلي وئي. شهباز شريف جي گرفتاري بعد ماڳهين نواز ليگ اندر آپريٽ ڪرڻ لاءِ مريم نواز کي سولائي ٿي وئي. تحريڪ لاءِ رٿيل جلسا ڪراچي کي ڇڏي، باقي سمورا هنڌ نواز ليگ ۽ جي يو آءِ جي اثر هيٺ علائقن ۾ آهن. ڪراچي هونئن به تتل شهر آهي. پر هتي پيپلزپارٽي جي آسري تي جلسو نه رٿيو ويو آهي. پيپلزپارٽي سنڌ اندر اڳتي وڌي تحريڪ هلائڻ ٿي چاهي. ان کي ايم آر ڊي تحريڪ جو تجربو آهي. واڌو گذريل سال ٻن کان سياسي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ وارا معاملا به آهن. هونئن به سياسي بالادستي تڏهن قائم ٿي سگهي ٿي، جڏهن پنجاب اٿندو ۽ فيصلو ڏيندو. پر ان جو قطعي طور اهو مطلب ناهي ته سنڌ کي يا پيپلزپارٽي کي ڪجهه ناهي ڪرڻو. اتحاد کي برقرار ۽ موثر رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي جو رول تمام اهم آهي ڇاڪاڻ جو ان جي موجودگي ۾ سنڌ سان گڏوگڏ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ننڍين پارٽين ۽ گروپن جي حمايت آساني سان حاصل ٿي سگهي ٿي. اهي ننڍيون پارٽيون ۽ گروهه عام راءِ جوڙڻ توڙي تحريڪ هلڻ بعد حوصلو ۽ ماحول ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. بلڪل ايئن جيئن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي سنڌ وطن دوست پارٽي ۽ خودمعراج محمد خان جي قومي محاذ آزادي ڪردار ادا ڪيو هو. اتحاد ۾ پيپلزپارٽي جي موجودگي سان اپوزيشن هڪ ئي بيانيي تي ۽ متحد نظر اچي ٿي. عام راءِ ۾ فيصلو ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي ته هڪ پاسي حڪومت آهي ۽ ٻئي طرف سموريون سياسي ڌريون. اهو صحيح آهي ته اپوزيشن جيڪا اسلام آباد هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏ ٿي هئي اها ۽ اڄ جي اپوزيشن مختلف آهن، اهو صحيح آهي ته سال کن کان نواز شريف ۽ مريم نواز منظر تي نه هئا. انهن وٽان ماٺار لڳي پئي هئي. ميدان ۾ رڳو بلاول ڀٽو زرداري هو جيڪو تحريڪ انصاف جي حڪومت تي اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر سخت تنقيد ڪندو رهيو. آل پارٽيز ڪانفرنس به بلاول ڀٽو جو “ڪارنامو” ڳڻي سگهجي ٿو جيڪو پيپلزپارٽي کي سياسي اڪيلائي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ضروري قدم هو. پوءِ ٿيو ايئن جو نواز شريف تمام سخت مطالبو رکيو. اهو مطالبو نه رڳو آل پارٽيز ڪانفرنس تي ڇائنجي ويو بلڪه ان کي سياسي ڌرين ۽ عام راءِ جي ٻين گروپن توڙي تنظيمن وٽان به مڃتا ملي. پيپلزپارٽي جي لاءِ اها راند ٿورو تيز هئي. هاڻي صورتحال اها آهي جو ان جي واڳ مريم نواز وٽ آهي. اڳيان اڳيان مولانا فضل الرحمان آهي، مولانا فضل الرحمان نه صرف اڳيان اڳيان آهي بلڪه جلسن ۽ احتجاجن ۾ نواز ليگ ۽ مريم نواز لاءِ ڍال طور به بيهي سگهي ٿو.
جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي ڪاميابي لاءِ هن نئين اتحاد کي نه رڳو برقرار رکڻ بلڪه ان کي سگهارو ۽ سرگرم رکڻ اهم ايجنڊا آهي. ٻئي پاسي حڪومتي ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اها ڪوشش هوندي ته اتحاد ۽ تحريڪ کي ڪيئن ڪمزور ڪري سگهجي ٿو. اتحاد ۾ ڏار ڪيئن وجهي سگهجن ٿا يا ڪهڙين پوائنٽن تي ٽن وڏين اتحادي ڌرين جي وچ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا؟ سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي پيپلزپارٽي کي درپيش آهي ۽ اها پاڻ به اتحاد لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي. حڪمت عملي توڙي تحريڪ جو مرڪز پنجاب آهي جتي پيپلزپارٽي جي اثرائتي موجودگي ناهي، ٻي ڏکيائي اها آهي ته جنهن اوچي سر ۾ نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان راڳ کي کڻي پيا وڃن، پيپلزپارٽي اهڙي اوچي سر ۽ سخت مطالبي تي بيهڻ ۾ پنهنجي لاءِ ڏکيائي محسوس ڪري ٿي يا ڪري سگهي ٿي.
حڪومت جو خيال هو ته نواز ليگ جي قيادت خلاف غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ سان قيادت ڊڄي ويندي ۽ نواز شريف توڙي ٻين بابت عام راءِ خراب ٿيندي ٿيو ايئن جو ماڳهين ان جو ابتو اثر ٿيو. نواز ليگ کي سهولت ٿي پئي. مٿان وري ايف آءِ اي جي اڳوڻي چيف بشير ميمڻ جو انٽرويو اچي ويو جنهن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي. هن وقت تائين حڪومت نواز شريف جي بيانيي جو ٽوڙ نه ڪري سگهي آهي. حڪومت انهيءَ سوچ ويچار ۾ آهي ته اها اتحادين جي ڪمزورين ۽ اختلافن لاءِ ڪجهه ڪري ۽ اهي اختلاف تحريڪ هلڻ بعد وڌيڪ چٽا به ٿي سگهن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي تحريڪ تيز هجڻ جي نتيجي ۾ اهي اختلاف گم ٿي ويندا آهن. ميسارجي ويندا آهن. حڪومت سمجهي ٿي ته پيپلزپارٽي هن تحريڪ توڙي سويلين بالادستي واري سخت مطالبي بابت هڪ حد تائين ويندي پر ان حد تائين وڃڻ پيپلزپارٽي لاءِ مشڪل آهي جنهن حد تائين نواز ليگ ۽ جي يو آءِ وڃڻ چاهين ٿيون. پي ڊي ايم جو شيڊيول ڏاڍو ٽائيٽ آهي. اها 16 آڪٽوبر کان مهم شروع ڪرڻ ڏي وڃي پئي. اٺن هفتن اندر معاملي کي اڪلائڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ ڪجهه نه ٿيو ته پي ڊي ايم دمادم مست قلندر يعني لانگ مارچ ڪندي. جيڪڏهن پي ڊي ايم جي مطالبن لاءِ ڪجهه نٿو ڪيو وڃي ته لانگ مارچ لازم ٿيندو. اهڙي لانگ مارچ جي مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز صلاحيت رکن ٿا. مولانا ته گذريل ڀيري پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. مريم نواز جي لاءِ اهو ان ڪري ضروري ٿيندو جو سندس ساک داءَ تي لڳل هوندي جو اڳئين ڀيري به ڪجهه دهمان ڪرڻ بعد هائبرنيشن ۾ هلي وئي هئي. حڪومت ڇا ٿي ڪري سگهي؟ ٻه آپشن آهن،ڳالهيون يا طاقت جو استعمال. وزيراعظم عمران خان سياسي ماڻهو ڪونهي ۽ نه ئي وري سياسي طبيعت جو آهي جو ايڏي تڪڙ ۾ ڳالهيون ڪري. مٿان وري کيس پٺ به حاصل آهي. بنا پٺ جي پي ڊي ايم به ڪو نه ڪڏندي هوندي. سو بهرحال ڳالهيون ته ٿينديون. ڪهڙي هنڌ ٿينديون؟ ڪهڙي مرحلي ۾ ۽ ڪڏهن ٿينديون؟ تحريڪ هلڻ کانپوءِ ڳالهين ۾ وڃڻ اپوزيشن لاءِ ڏکيو ٿيندو. وري طاقت جي استعمال ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڳالهيون ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت ڪمزور “پچ” تي هوندي. ڏسجي پي ڊي ايم ۾ ڏار ٿا وڌا وڃن يا تحريڪ هلڻ بعد ڪهڙي مرحلي ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *