تازا ترين
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

مخالف ڌر جو احتجاج ۽ حڪومتي حڪمت عملي

مخالف ڌر جي 11 پارٽين پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ جوڙيل اتحاد ” پي ڊي ايم” جو حڪومت خلاف پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي پنجاب جي شهر گجرانوالا ۾ رٿيل آھي، پر مخالف ڌر جي تحريڪ جي شروعات کان اڳ ئي مخالف ڌر جي دٻاءَ سبب ڪابينه جي هڪ اهم ميمبر جي وڪٽ ڪري چڪي آھي. پرڏيهي اثاثن جا تفصيل سامهون اچڻ بعد وزير اعظم جنهن عاصم سليم باجواه جي استعيفا کي نامنظور ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، ان وزير اعظم، عاصم سليم باجواه جي سڌسماءَ بابت خصوصي معاون جي عهدي تان استعيفا منظور ڪري ورتي آھي. نه رڳو ايترو پر اسلام آباد ۾ ڪابينه ۾ ردوبدل اچڻ جون ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آھن، خاص طور تي سڌسماءَ جي وزارت جي قلمدان جي تبديلي تي غور ٿيڻ جي بازگشت عام آھي، جنهن فواد چوڌري کي سڌسماءَ جي وزارت تان هٽائي فردوس عاشق اعواڻ کي ذميواري ڏني وئي هئي، ان فردوس عاشق اعواڻ کي هٽائي عاصم سليم باجوا کي خصوصي معاون ۽ مشهور شاعر احمد فراز جي پٽ شبلي فراز کي سڌسماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو هو پر اطلاع اهي آھن ته مخالف ڌر جي جارحاڻي انداز کي منهن ڏيڻ لاءِ سڌسماءَ جي وفاقي وزارت مخالف ڌر کي کريون کريون ٻڌائڻ جي قابليت رکندڙ کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ فواد چوڌري، شيخ رشيد، بابر اعواڻ جا نالا غور هيٺ ٻڌايا پيا وڃن. ڏسجي ته سڌسماءَ وزارت ۾ تبديلي ڪنهن کي آئوٽ ۽ ڪنهن کي ان ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿي پر مسلسل بجلي، گيس، دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ان جو ذميوار به مخالف ڌر جي اڳوڻين حڪومتن کي قرار ڏيندڙ حڪومت آخر ڪار ملڪ اندر مهانگائي ۾ واڌ ٿيڻ جو نه رڳو اعتراف ڪري رهي آھي، پر مهانگائي کي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيڻ لڳي آھي. سوال اهو آھي ته مهانگائي کي حڪومت هاڻ ڇو محسوس ڪرڻ لڳي آھي؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن تي غور ڪجي ته اهو واضح طور تي محسوس ٿيندو ته حڪومت کي مهانگائي جي آزار سبب عوام جي مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ ۾ وڏي پيماني تي شرڪت ٿيندي محسوس ٿي رهي هوندي، اهو ئي سبب آهي جو نه رڳو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو حڪومت کي احساس ٿيو آهي پر هاڻي ان مهانگائي جي ازالي لاءِ ذاتي طور تي پاڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي وزيراعظم عمران خان بيان به جاري ڪري رهيو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ به مهانگائي کان عوام کي رليف ڏيڻ بابت تجويزون غور هيٺ اچي رهيون آهن. سوال هي آهي ته مهانگائي ته وفاقي حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عملدرآمد ڪندي بجلي، گيس جي قيمتن ۾ واڌ، سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر کي آزاد ڇڏڻ ۽ ٻين مامرن ڪري ٿي آهي ته پوءِ ڇا وفاقي حڪومت واقعي ئي مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ واري سوچ ۾ ڪامياب ٿي سگهندي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور ڪجي ته اهو ناممڪن ناهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي پر موجوده حڪومت جي مامرن کي منهن ڏيڻ واري انداز کي ڏسجي ٿو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي، ڇو ته ڪورونا سبب لاڪ ڊائون دوران ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ نه رڳو اعلان ٿيا پر اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏيڻ لاءِ آرڊيننس به جاري ٿيا پر کنڊ في ڪلو 55 رپين کان هاڻي 110 رپين تائين پهتي آهي ۽ عام واهپي جون سموريون شيون به ان رفتار سان وڌي عروج تي پهتيون آهن.
نه رڳو ايترو پر جڏهن پيٽرول جي في ليٽر تي غير معمولي گهٽتائي ٿي ته ذخيره اندوز ڪمپنين ۽ پيٽرول پمپن پيٽرول کي لڪائي ڇڏيو، نتيجي ۾ ملڪ اندر پيٽرول به ڪورونا جي مريض وانگر ڪورنٽائن ٿي ويو هو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ٻن کان وڌيڪ اجلاسن ۾ ان مامري تي غور ڪيو. سخت سزائن ۽ ڪارروائي جون هدايتون به ٿيون پر ڪا ڪارروائي نه ٿي ۽ جڏهن پيٽرول جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ ٿي تڏهن واڌ جي نوٽيفڪيشن نڪرڻ شرط ئي ملڪ جي سمورن پيٽرول پمپن تي پيٽرول دستياب ٿي ويو، اهي ڪجهه مثال ٻڌائن ٿا ته حڪومتي وهنوار هلائڻ، قانون تي عملدرآمد ۽ قانون جي حڪمراني کي ڳالهين ذريعي يقيني نه ٿو بڻائي سگهجي. ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت پوندي آهي، پر موجوده حڪومت ۾ کنڊ هجي يا اٽو، پيٽرول هجي يا ٻيون عام واهپي جون شيون انهن جي قيمتن ۾ واڌ جا حڪومت نوٽيس ته وٺندي رهي آهي، پر حڪومت کي انهن جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ يا گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ماڻهو ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن.
ملڪ ۾ مهانگائي جي آيل طوفان ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومتون به ذميوار آهن، پر هاڻي مهانگائي جو مامرو ايترو وڌي ويو آهي ته سرڪاري ملازم جن جون پگهارون نجي شعبي جي ملازمن، محنت ڪشن کان هزار ڀيرا وڌيڪ ۽ بهتر آهن، اهي سرڪاري وفاقي ملازم به مهانگائي کان مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهن. ڪالهه به سرڪاري ملازم پارليامينٽ سامهون احتجاج ڪرڻ لاءِ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌيا آهن، مهانگائي جي حساب سان پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي پوري ٿيڻ تائين انهن احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن سرڪاري ملازمن جي مهانگائي حالت ايتري خراب ڪئي آهي ته عام ماڻهو، نجي ملازم ۽ محنت ڪش طبقي جي مهانگائي ڪهڙي حالت ڪئي هوندي ۽ انهن جي ڪيفيت ڇا هوندي؟ جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي تحريڪ کان ڊنل نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف وفاقي حڪومت اهو چئي رهي آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪا ساک ناهي، اهي سڀ ڪرپٽ آهن، عوام انهن جي جلسن ۾ شرڪت نه ڪندو، ڀلي ڪيترا به جلسا ڪري وٺن. ٻئي طرف جلسن جي اجازت ڏيڻ باوجود حڪمران جماعت مخالف ڌر جي پارٽين سان تعلق رکندڙ گجرانوالا جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف اها وفاقي حڪومت جيڪا ڪورونا جي سخت وبائي ڏينهن ۾ به لاڪ ڊائون جي مخالف هئي، اها وفاقي حڪومت هاڻي ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي مخالف ڌر کان احتجاجي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهي آهي.
وفاقي حڪومت جا اهي مامرا اهو محسوس ڪرائن ٿا ته مخالف ڌر جي تحريڪ حڪومت جي پريشانين ۾ اضافو ڪري رهي آهي. اها صورتحال اڃا تحريڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي محسوس ڪئي پئي وڃي، پوءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته پوءِ صورتحال ڇا هوندي؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دورن دوران حڪومت خلاف ٿيل احتجاجن کي ڏسجي ٿو ته انهن احتجاجن سبب پ پ پ توڙي ن ليگ جي حڪومت ڀلي ختم نه ٿي پر ٻنهي پارٽين جون حڪومتون انتهائي ڪمزور ۽ رٽ وڃائي چڪيون هيون. پيپلزپارٽي جي حڪومت ته ايتري ڪمزور ٿي جو جنهن ق ليگ کي آصف زرداري قاتل ليگ قرار ڏنو هو ان ق ليگ سان نه رڳو آصف زرداري کي حڪومت بچائڻ لاءِ اتحاد ڪرڻو پيو پر ان پرويز الاهي جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جا الزام لڳايا پئي ويا ان کي پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجي حڪومت ۾ اعلانيا طور تي ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو به ڏنو، ق ليگ جا چوڌري ڀائر جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي انتهائي ويجهو تصور ٿيندا آهن انهن لاءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي ۾ ٻيڻو فائدو ان ڪري هو جو هڪ طرف پيپلزپارٽي پاران کين حڪومت ۾ شامل ڪري محترمه جي قتل جي حوالي سان ق ليگ اڳواڻن تي جيڪي الزام هنيا پئي ويا اهي بي اثر ٿي ويا ته ٻئي طرف حڪومتي اختيار به کين ملي ويا هئا. ائين ئي مسلم ليگ (ن) جي به حڪومت ڌرڻي سبب ڀلي ختم نه ٿي پر ڌرڻي سبب حڪومت مجبور ۽ تمام گهڻي ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته هاڻي نالي جي حڪومت وڃي رهي آهي. مخالف ڌر جي پارٽين پاران حڪومت خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ ڀلي حڪومت جي خاتمي جو سبب نه به ٿي سگهي پر ان تحريڪ سان حڪومت ڪمزور ضرور ٿيندي ۽ اگر عوام مهانگائي جي آزار سبب روڊن تي تمام وڏي انگ ۾ نڪتو ته نتيجا پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومتي دورن کان مختلف ۽ سڀني لاءِ حيران ڪن ٿي سگهن ٿا. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ته حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ کي پنهنجي تجربي سان حل ڪيو، پر موجوده حڪومت ۾ شامل وزيرن مان هر ڪنهن جي راءِ هڪ ٻئي کان مختلف محسوس ٿي رهي آهي. ان صورتحال ۾ موجوده حڪومت مخالف ڌر جي تحريڪ کي ڪيئن منهن ڏيندي هڪ وڏو سوال آهي ڇو ته وزيراعظم عمران خان کان وٺي وفاقي وزيرن تائين جنهن مخالف ڌر کي حڪمران ڪرپٽ، مني لانڊرنگ ڪندڙ، اين آر او گهرندڙ سميت مختلف الزام لڳائي ملڪ جي تباهي جو روزانو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن، ان مخالف ڌر سان حڪمران ڪيئن ڳالهائيندا؟ ۽ اگر مخالف ڌر سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون ته پوءِ مامري جو ڳالهين ذريعي حل ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو؟ اگر مخالف ڌر جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ گرفتارين سميت حڪومتي اختيار استعمال ڪري ڪچلڻ جي ڪوشش ٿي ته ان جا به پنهنجا سياسي نتيجا مرتب ٿيندا آهن، جيڪي احتجاجي تحريڪ جي اجازت ڏيڻ کان وڌيڪ خراب نتيجا به ٿيڻ جو امڪان رکندا آهن.
موجوده حڪومت جي ٻن سالن دوران پهريون ڀيرو اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر واقعي سنجيدگي سان حڪومت خلاف روڊن تي اچي رهي آهي، پر جيئن ئي مخالف ڌر جي تحريڪ هاڻي شروع ٿيڻ جي ويجهو پهچي رهي آهي تيئن ئي مخالف ڌر بابت به مختلف شيون، افواهه، قياس آرائيون ۽ خبرون مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن. مارڪيٽ ۾ هڪڙي خبر اها آئي آهي ته وزيراعظم وفاقي وزيرن کي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ته اها خبر مخالف ڌر جي باقي 10 پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تائين پهتي هوندي ته انهن پنهنجا پنهنجا مطلب ورتا هوندا، ائين ن ليگ سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون واريون سرگوشيون به هلندڙ آهن ته حڪومتي وزير اهو به بار بار چئي رهيا آهن ته مخالف ڌر جون پارٽيون مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪري رهيون آهن. آزادي مارچ جي ڌرڻي وانگر هن ڀيري به اهي پارٽيون مولانا فضل الرحمان سان ٻه هٿ ڪنديون، انهن تبصرن ۽ ڳالهين جو مخالف ڌر جي پارٽين تي ڪهڙو اثر پوي ٿو اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر گجرانوالا ۾ ٿيندر مخالف ڌر جو پهريون جلسو حقيقي معنيٰ ۾ مخالف ڌر جي تحريڪ لاءِ ٽيسٽ ڪيس طور ثابت ٿي سگهي ٿو. اگر اهو جلسو مخالف ڌر ڪاميابي سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ايندڙ جلسن توڙي مخالف ڌر جي اعلانيل تحريڪ ماڻهن کي پراثر تحريڪ محسوس ٿيڻ لڳندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *