Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_atlplm9vfja0j0687m45cjfi4k, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جو اميدن کان به وڌيڪ طاقت جو مظاهرو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جو اميدن کان به وڌيڪ طاقت جو مظاهرو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

مخالف ڌر جو اميدن کان به وڌيڪ طاقت جو مظاهرو

ملڪ ۾ 11 جماعتي اتحاد (پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ) پاران گوجرانوالا کان پوءِ ڪالهه سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، ان کان اڳ جڏهن مسلم ليگ نواز جي ميزباني هيٺ گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم پاران عوامي طاقت ڏيکاري وئي ته ان تي تبصرا اڃان هلندڙ ئي هئا ته ڪالهه پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ جيڪو ڪراچي جي جناح باغ ۾ گڏيل مخالف ڌر جو جلسو ٿيو ان جلسي گوجرانوالا واري جلسي جي جھلڪين کي ڄڻ پاسيرو رکي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ جيڪي 11 جماعتون شامل آهن انهن مان لڳ ڀڳ سمورين پارٽين جي ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ عوامي اڪثريت موجود آهي. سنڌ ته پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي ته صوبي جي اتر واري پٽيءَ جي ضلعن گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ جميعت علماءَ اسلام جي به خاصي اڪثريت موجود آهي. لاڙڪاڻو ۾ به جي يو آءِ جي اڪثريت موجود آهي. اهڙي طرح مسلم ليگ ن جي ڳالهه ڪجي ته اها ڀلي کڻي صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ايتري اڪثريت نه ٿي رکي پر ڪراچي جا ڪجهه مخصوص علائقا اهڙا آهن جتي ن ليگ جو ججھو ووٽ بينڪ ۽ سياسي اثررسوخ موجود آهي، اتحاد ٽائون، بلديا ٽائون، مهاجر ڪئمپ، محمود آبادوارن علائقن ۾ نه رڳو ن ليگ جي اڪثريت آهي پر ان علائقن جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي ن ليگ جي سامهون جيڪڏهن ڪا به پارٽي اليڪشن ۾ بيٺل هجي ته ن ليگ جو اميدوار ڪامياب کڻي نه به ٿئي پر ٽف مقابلي جي پوزيشن ۾ ضرور هوندو آهي. اهڙي طرح ساڳئي صورتحال عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي به آهي، اي اين پي هن وقت گڏيل مخالف ڌر جي ان اتحادجو حصو آهي جيڪو اتحاد وفاقي سرڪار جي خلاف سندرا ٻڌي ميدان تي آيو آهي، اي اين پي ڪراچي ۾ سٺو سياسي اثر رکي ٿي، ماضي ۾ اي اين پي ڪراچي مان اليڪشن ۾ ڪاميابي به ماڻيندي رهي آهي ۽ سندن حمايت وارن اميدوارن جي ايوانن تائين رسائي به ٿيندي رهي آهي. ڪراچي شهر جي ڪجهه علائقن سهراب ڳوٺ، گلستان جوهر، اورنگي ۽ سرجاني ٽائون، هجرت ڪالوني، سلطان آباد ۽ سعيد آباد جي علائقن سميت ٻين ڪجهه علائقن ۾ اي اين پي جو ويجھي ماضي ۾ “ڪنٽرول” به رهيو آهي. گذريل سال 2018ع وارين اليڪشن ۾حالتن سندن ساٿ نه ڏنو پر سندن اثر، ووٽ ۽ ڪارڪنن جو تعداد الڳ ناهي ٿي سگھيو. بلوچ قومپرست اختر مينگل ۽ حاصل بزنجو جون جماعتون به اتحاد جو حصو آهن ان ڪري سندن اڪثريت لياري،چاڪيواڙه، آگره تاج وارن علائقن ۾ موجود آهي، چوڻ جو مطلب ته ڪراچي ۾ جيڪو ڪالهوڪو پاور شو ٿيو آهي ان ۾ گوجرانوالا واري جلسي کان به وڌيڪ ماڻهن جو انگ ان ڪري به شامل هو ته پيپلزپارٽي سان گڏ ان جماعتن جي ڪارڪنن جو به وڏو انگ جلسي ۾ شريڪ ٿيو، باقي پيپلز پارٽي پاران به جلسي گاھه کي ڀرڻ لاءِ جيڪي تياريون ڪيون ويون هيون اهي به غيرمعمولي هيون، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پارٽي جي صوبائي قيادت کي اها سختي سان هدايت ڪئي وئي هئي ته جناح گرائونڊ وارو وسيع ميدان ماڻهن سان ڀري ڏيکارڻو آهي. ڇو ته ميزباني پيپلز پارٽي جي آهي ۽ صوبو به اهو آهي جيڪو ملڪ ۾پيپلز پارٽي جو ڳڙهه تصور ڪيو وڃي ٿو.
جناح گرائونڊ ڪراچي شهر جي ان ميدانن ۾ ليکيو وڃي ٿو جتي ويجھي ماضي ۾ شايدئي ڪا پارٽي ان وسيع ميدان کي ماڻهن سان ڀري سگھي هجي، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم ٽن ڏهاڪن کان ڪراچي ۾ سياست ڪري پئي سندس عوامي نيٽ ورڪ به ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو پر ان باوجود ايم ڪيو ايم به اهو ميدان نه ڀري سگھي هئي. اهو ميدان ڪالهه واري جلسي ۾ ڀريل ڏٺو ويو. جلسي گاھه کان ٻاهر نمائش، شاهراھه قائدين سميت ڀرپاسي واري روڊن تي ته ماڻهو هئا پر ڪراچي شهر جو هر رستو جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ جلسي جو ئي ڏيک ڏئي پيو، ڇو ته ڪارڪنن جا قافلا مختلف رستن کان جلسي طرف ڏانهن گامزن هئا. هر پاسي مختلف جماعتن جا رنگ برنگي جھنڊا هئا، پارٽيون ۽ سندن منشور ڀلي کڻي الڳ الڳ هجي پر ڪالهه سندن زبانن تي هڪ ئي نعرو ٻڌڻ ۾ آيو ته “گو عمران گو”..!
جلسي جي ڪوريج دوران هن ڀيري نئون منظر اهو ڏسڻ ۾ آيو ته ڪافي ماڻهو اهڙا به هئا جن جو ڄاڻايل 11 جماعتن مان ڪنهن هڪ جماعت سان به واسطو نه هو پر اهي حڪمران جماعت جي پاليسين جي خلاف هجڻ سبب جلسي گاھه ۾ اچي پهتا هئا. انهن ۾ به ڪاوڙ ۽ جذبو ساڳيو هو. ماڻهن مهانگائي جون دانهون پئي ڪيون، سندن زبانن کي اهي ئي لفظ هئا ته حڪمرانن ٻه ويلا ماني کائڻ جهڙو به ناهي ڇڏيو! عوام جي روڊن تي نڪرڻ جو ڪو نتيجو نڪري يا نه پر ڪالهوڪي جلسي ۾ ماڻهن جو تعداد اڳڪٿين کان به ڪجهه وڌيڪ هو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *