Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_5gkgaonr5619276hfbf6bi1ak5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جي اتحاد جي پٺي ۾ خنجر ڪير هڻندو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جي اتحاد جي پٺي ۾ خنجر ڪير هڻندو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مخالف ڌر جي اتحاد جي پٺي ۾ خنجر ڪير هڻندو؟

ملڪ جي سياسي منظرنامي جو جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺجي ته اندازو ٿئي ٿو ته ميان نواز شريف جيڪو سياسي نظريو کڻي سامهون آيو آهي، ان جو وزن سندس اتحادي جماعتون ته هڪ طرف پر هن جي پنهنجي جماعت به کڻڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. مخالف ڌر جون جماعتون، جيڪي هن وقت نئين وجود ۾ آيل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو حصو آهن، اهي ميان نواز شريف جي نئين سياسي پيش قدمي جو جائزو وٺي رهيون آهن، هنن جي واضح خاموشي ان ڳالھه جي نشاندهي ڪري ٿي ته هو في الحال نواز شريف سان گڏ آهن. جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو وفاق سان تعلق جوڙجي ۽ ان کي هن فهرست مان ٻاهر ڪڍي به ڇڏجي ته  ن ليگ کان سواءِ باقي جيڪي اتحادي  جماعتون آهن، انهن جو تعلق ملڪ جي ننڍن صوبن سان آهي، انهن ننڍن صوبن جا جهانديدا مرحوم سياستدان چوندا هئا ته پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سان پنجاب جو ڪو ليڊر  ئي مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿو. هاڻي ايئن ئي  ٿي رهيو آهي، ان ڪري ننڍن صوبن جي  جماعتن جي خاموشي ۾ خوشي نظر اچي ٿي. پيپلزپارٽي کي اڃان به ان ڳالھه جو يقين آهي ته حڪومت مخالف تحريڪ ۾ جيڪڏهن نواز شريف کي رليف مليو ته  هو سڀني مان هٿ ڪڍي ويندو. ان ڪري هو کمان کمان  کيڏي رهي آهي. سموريون جماعتون اسٽيبلشمينٽ جون ڏنگيل آهن، ان ڪري جيڪڏهن نواز شريف ان اسٽيبلشمينٽ کي للڪاري رهيو آهي، ته اها ڳالھه انهن جماعتن لاءِ اطمينان جو باعث آهي. پيپلزپارٽي به ان  حد تائين خوش آهي. هو ان کان وڌيڪ اڳتي وڃڻ نٿي چاهي ۽ نه ئي جيڪو نواز شريف ڳالھائي رهيو آهي، هو اها ٻولي ٻولڻ لاءِ تيار آهي.
ن ليگ اندر به نواز شريف جي نيريٽو تي  سخت قسم جي ڳڻتي آهي، اها ڳڻتي انهن ليڊرن ۾ آهي، جيڪي عمر جي ان حصي ۾ آهن، جيڪي صحت سببان  جيل جون سختيون سهڻ لاءِ تيار ناهن. ان باجود به اهي اڃان تائين  مريم نواز ۽ ان جي والد سان بيٺل نظر اچن ٿا،  انهن بيٺلن مان ڪيترا  ڪيترو وقت پنهنجو سياسي ايمان بچائي سگهندا، ان لاءِ شڪ جي گنجائش موجود آهي. جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو بلند ٿي رهيو آهي. ان نعري ملڪ جي باقي صوبن جي اندر موجود قوم پرست قيادتن ۾ اميد جي لهر پيدا ڪئي آهي. نواز شريف جو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت ترين موقف ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاءِ والاري رهيو آهي، پي ڊي ايم جي قيادت جو به فيصلو ٿي چڪو آهي، مولانا فضل الرحمان کي ن ليگ سربراھ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ ن ليگ کان وڌيڪ ڪميٽيڊ افرادي قوت موجود آهي، جيڪا ڪنهن به تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. سياري جي آمد آمد آهي ۽ ملڪ جي سياسي گرمي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، نواز شريف لنڊن مان جنهن اطمينان سان پاڪستان ۾ تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ان مان واضح آهي ته هو ايترو جلد پوئتي نه هٽندو. هن جي تقريرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس نه رڳو ملڪ جي عوام جي پر پرڏيهي حمايت به شامل آهي.  
 اي پي سي کانپوءِ حڪومت نواز شريف جي تقريرن ۽ رابطن جو سنجيدگي سان اندازو نه لڳايو هو، پر هاڻي هن به سندرو ٻڌي ورتو آهي، مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر مٿان گجرانوالا ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. ٻن هفتن بعد مريم نواز گجرانوالا وڃي رهي آهي، جتي هو هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪندي، امڪان آهن ته ان کان اڳ ۾ ئي مريم نواز کي گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته پي ڊي ايم جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ خود پي ڊي ايم جي سربراھه مولانا فضل الرحمان جي گرفتاري جا امڪان به ٻڌايا وڃن ٿا. هلندڙ مهيني حڪومت مخالف  سياسي سرگرمين ۾ اضافي ٿيڻ باجود حڪومت پاران ڪي به اهڙا قدم نه پيا کنيا وڃن ،جنهن سان عوام کي رليف ملي سگهي، ها ايئن ضرورو آهي ته نواز شريف کي غدار ثابت ڪرڻ لاءِ حڪومت ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهي آهي، نواز شريف به اهو ئي چاهي ٿو جيئن عوام ٻاهر نڪري، مريم نواز جنهن انداز سان سياسي منظرنامي تي اڀري رهي آهي، ان ن ليگ جي نواز نيريٽو مخالف ڌڙن کي به پريشان ڪري وڌو آهي. پارٽي جو هنن مٿان زور آهي ته هو پي ڊي ايم جي تحريڪ دوران ماڻهن کي رستن تي کڻي اچن. هن منظرنامي ۾ هڪ طرف حڪومت، مخالف ڌر مٿان سختي ڪندي ته ٻئي طرف عوامي سطح تي اسٽيبلشمينٽ مخالف جذبن کي وڌيڪ اڀرڻ جو موقعو ملندو، جيڪو هن صورتحال ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ مهانگو سودو ثابت ٿيندو. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ خاموشي سان حالتن جو جائزو وٺي رهي آهي، ۽ حڪومت سياسي منظرنامي تي نواز شريف ۽ ٻين کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ سموري طاقت استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن غدار غدار وارو سلسلو نه روڪيو ويو ته ان جا گهڻا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن طاقت جي زور تي حڪومت مخالف تحريڪ چٿي به وڃي ته پوءِ نواز شريف لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي پوندا.
 اهوئي سبب آهي ته ن ليگ جي قيادت  تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انهن اڳواڻن کي اڳتي آڻي رهي آهي ،جيڪي مزاحمت جي علامت رهيا آهن، مخدوم جاويد هاشمي ان جو هڪ مثال آهي، جنهن کي گذريل هفتي لاهور ۾ مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ پاڻ سان گڏ ويهاريو هو. شاهد خاقان عباسي، رانا ثناالله ، پرويز رشيد ۽ ان قسم جا ٻيا ليڊر اڳتي اچي رهيا آهن، جڏهن ته انيڪ اهڙا به ليڊر آهن، جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪ زور وٺڻ جي صورت ۾ ماضي جا تعلقات استعمال ڪندي پوليس کي فونون ڪري گهر  گهرائي پاڻ گرفتار ڪرائيندا. جيئن ڪنهن وڏي امتحان کان بچي سگهن. ماضي ۾ به ايئن ٿيندو رهيو آهي هاڻي به  ان قسم جا اڳواڻ  چئي رهيا آهن ته ڪهڙي هچا ۾ اچي ڦاٿا آهيون!
ن ليگ کان سواءِ حڪومت مخالف ٻين سياسي پارٽين جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته جي يو آءِ جو مولانا فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانئي ۾ نواز شريف کان به اتر گهري رهيو آهي. مولانا وٽ مرڻ مارڻ کان سواءِ ٻيو رستو ناهي. پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ٻيون ڀيرو اقتدار ۾ موجود آهي ۽ هو ڪوشش ڪري رهي آهي ته مولانا جي سياسي جاءِ صوبي ۾ سوڙهي ڪئي وڃي. ان ڪري مولانا جو جذباتي هجڻ سمجھه ۾ اچي ٿو. اي اين پي ۽ قومي وطن پارٽي پاڻ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ان جي موجوده سياسي منظرنامي ۾ اها پوزيشن ناهي، جيڪا مولانا جي آهي. بلوچستان جي سياست ته سياسي ليڊرن جي هٿ ۾ گهٽ پر “ٻين” جي هٿن ۾ وڌيڪ آهي، ان ڪري اتي اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي لاءِ ڪا آئيڊيل صورتحال ناهي، جيڪڏهن ڪنهن به چونڊن ۾ انهن کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته ووٽرن کي منٿ ڪرڻ سان گڏوگڏ “ ٻين ” جي به ڇھه آني ڀرڻي پوي ٿي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي وٽ هڪ مضبوط حڪومت آهي، جنهن ڪري گهڻيون پريشانيون هجڻ جي باوجود حڪومت هجڻ ڪري هو انهن کي منهن ڏئي وڃي ٿي، ن ليگ کانپوءِ هو قومي اسيمبلي ۾ وڏي پارٽي آهي. ان ڪري هو ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي. مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف مارچ کان اڳ ۾ هن حڪومت کي ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهن، اها خواهش ان وقت پوري ٿي سگهي ٿي، جڏهن سنڌ اسيمبلي تحليل ٿئي ۽ مخالف ڌر جون سڀ جماعتون استيعفا ڏين،  جيئن ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ٿئي ۽ حڪومت ان ڳالھه تي مجبور ٿئي ته هو نين چونڊن جو فيصلو ڪري .جي يو آءِ ۽ ن ليگ ته اسيمبلين مان استعيفا ڏيڻ لاءِ  تيار به آهن، پر پيپلزپارٽي  في الحال ان طرف نٿي وڃڻ چاهي. ميان شهباز شريف پنجاب ۽ قومي اسيمبلي تان اجتماعي استعيفائون ڏيڻ واري فيصلي جو حامي نه هو، پر هاڻي ن ليگ نواز شريف سنڀالي ورتي ۽ ان جو موقف شهباز شريف جي ابتڙ آهي.
وفاقي حڪومت ۽ اسٽيلشمينٽ  ان ڳالھه تي مطمئن آهي پيپلزپارٽي  استيعفائن جي آخري آپشن تي عمل نه ڪندي. جڏهن ته پيپلزپارٽي کي شڪ آهي ته ن ليگ کيس استعمال ڪري پاڻ رليف حاصل ڪري وٺندي. ان ڪري پيپلزپارٽي آخري حد تائين نه ويندي. اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت به ڪوشش ڪندي ته پيپلزپارٽي آخري حد تائين نه وڃي. جڏهن ته اهي شڪ ن ليگ کي به آهن ته پيپلزپارٽي متان استعفائن واري معاملي ۾ ڌڪ نه ڪري وجهي.
جيڪڏهن پيپلزپارٽي پاڻ کي عارضي طور بچائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي خواهش پوري ڪري ٿي ته پوءِ سڀ واري واري سان سٽيا ويندا ۽ آخر ۾ هو پاڻ به سٽجي ويندي. نواز شريف وٽ ڪهڙو پلان آهي، ان باري ۾ مخالف ڌر جون جماعتون به بي خبر آهن. جڏهن ته حڪومت پراڻو گٺل روايتي جملو استعمال ڪري رهي آهي ته نواز شريف هندستان جي چوڻ تي  پاڪستان جا بنياد ڪمزور ڪري رهيو آهي. هڪ دفعو وري نواز مودي ملاقاتن جون خبرون سامهون آنديون پيون وڃن،  اهو الزام هنيو پيو وڃي ته نواز شريف سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته اهو ساڳيو الزام نواز شريف عمران خان مٿان ان وقت هنيو هو، جڏهن ن ليگ جي حڪومت ۾ عمران خان پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو هو، ان وقت چين جي صدر شي جو دورو ڌرڻي سبب ملتوي ٿي ويو هو.  
نواز شريف کي غدار ثابت ڪرڻ جي مهم ايندڙ ڏينهن ۾ تيزي سان شروع ٿي رهي آهي، جيئن حڪومت مخالف تحريڪ ۾ پنجاب جي ماڻهن کي رستن تي اچڻ کان روڪي سگهجي. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پنجاب مان اسٽيبلشمينٽ مخالف تحريڪ جي شروعات ٿي رهي آهي. جيڪا خود هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ چئيلينج آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسٽيبلشمينٽ خاموشي سان صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *