Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_32jcd8unmbqftp7uqmcgavfl2g, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جي اي پي سي ۽ جمهوري نظام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جي اي پي سي ۽ جمهوري نظام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

مخالف ڌر جي اي پي سي ۽ جمهوري نظام

مخالف ڌر وزيراعظم جي استيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينت جي نالي سان گڏيل مخالف ڌر اتحاد جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي،جيڪڏهن وزيراعظم استيفيٰ نه ڏني ته انهي پليٽ فارم تان احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي.جنهن جو آڪٽوبر جي 20 تاريخ کان پهريون مرحلو شروع ڪيو ويندو،جڏهن ته آخري مرحلي ۾ اسلام آباد طرف لانگ مارچ به ڪيو ويندو.گڏيل مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ ڪل 20 مطالبا ڪيا ويا آهن جيڪي ڪرپشن جي جاچ کان وٺي مسنگ پرسنز جي معاملي سان به ڳنڍيل آهن.
ملڪ جي بدقسمتي آهي ته ڪڏهن به جمهوري نظام کي صحيح نموني هلڻ نه ڏنو ويو آهي جنهن ڪري اهو نظام ملڪ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪري سگهيو آهي جنهن ڪري نه ملڪي عوام جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن نه ئي ڪڏهن غير يقيني صورتحال ختم ٿي سگهي آهي.اقتدار ۽ اختيار عوامي ووٽ ذريعي چونڊيل نمائندن جو حق آهي پر ملڪ ۾ ڪڏهن ڊگهيون مارشلائون رهيون ته ڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ هڪٻئي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿيندي سازشن ۾ شريڪ رهيون جنهن ڪري جمهوري ادارا مضبوط نه ٿي سگهيا ۽ ملڪ ڏينهون ڏينهن معاشي سماجي ۽ سياسي حوالي سان اڳتي نه وڌي سگهيو.ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جيڪي گهڻو عرصو اقتدار ۾ رهيون آهن ۽ انهن پنهنجي ماضي جي غلطين کي نظر ۾ رکي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيح ڪيون جنهن سان اها اميد پيدا ٿي هئي ته ڪابه پارٽي هڪٻئي خلاف ڪنهن سازش جو شڪار نه ٿينديون پر پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪجهه وقت کانپوءِ اهو ميثاق جمهوريت به ماضي جو قصو ٿي ويو ۽ پارٽيون اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ماضي واري سياست ڪرڻ لڳيون هيون.سياسي پارٽيون سماج جو آئينو هونديون آهن انهن جي اوليت عوام جي زندگي ۾ ايندڙ ڏکياين کي پنهنجي جدوجهد يا اقتدار ۾ هوندي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ هوندو آهي پر بدقسمتي سان اسان جي سياسيون پارٽيون سدائين مخصوص ايجنڊا کڻي اڳتي وڌنديون رهيون آهن،ڪڏهن به عوام جي روزگار کان وٺي مهانگائي مزدورن جي ڇانٽين ۽ قومي ادارا ڀڳڙن مٺ وڪڻڻ سميت عوامي مسئلا انهن جي ايجنڊا جو حصو نه رهيا آهن جنهن ڪري گهڻو ڪري عوام ڄڻ ته انهي سياست کان لاتعلق ٿيندو رهيو آهي،هاڻي به ڪورونا کان وٺي برساتي ٻوڏ سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي آهي ،لکين ماڻهو پنهنجو روزگار وڃائي ويٺا آهن، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي اهي سڀ اهڙا مسئلا آهن جيڪي ملڪي سياست جي بحث جو موضوع هجڻ گهرجن.
انهن سڀني مسئلن جو حل جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ آئين تحت ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ آهي جيئن عوام جو پارليامينٽ کان وٺي هر اداري تي اعتماد بحال ٿي سگهي جنهن سان ئي ملڪي سياست ۾ مثبت تبديليون شروع ٿينديون هڪ حڪومت کي ڪيرائي ٻي حڪومت جي اچڻ سان عوام جي زندگي ۾ تبديلي اچڻ ناممڪن آهي جنهن ڪري جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مخالف ڌر جو ڪردار جمهوريت ۾ حڪومت جيترو ئي اهم آهي. انهي ڪري نه رڳو حڪومت پر مخالف ڌر جو به فرض آهي ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.ڏسڻ جي اها ضرورت آهي ته گڏيل مخالف ڌر جي انهي اي پي سي جا ملڪي سياست تي ڪهڙا اثر ٿين ٿا؟
اسان سمجهون ٿا ته هي وقت انتهائي اهم آهي ڪجهه سالن کان ملڪ هڪڙي جمهوري نظام تحت هلي رهيو آهي يقينن انهي ۾ خرابيون به هونديون جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اهو ان وقت تائين ممڪن ٿي سگهي ٿو جيستائين سڀئي سياسي پارٽيون حڪومت ۽ ادارا آئين تحت مقرر حدن ۾ رهي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن پر نظام ئي سڀني کان مقدم ۽ مٿانهون آهي جنهن جو رهڻ ئي ضروري آهي. ڇو ته ماضي جو تجربو رهيو آهي ته جڏهن به ڪنهن حڪومت جي خاتمي جي تحريڪ شروع ٿي آهي ته نظام ئي وڪڙ ۾ اچي ويندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *