Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_jbkd1l4de8om6e7k0da297iodh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جي تحريڪ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جي تحريڪ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

مخالف ڌر جي تحريڪ

لڳي ايئن ٿو ته عوام کي هاڻ حڪومت جا سال ڳڻڻا پوندا ۽ مخالف ڌر جون اي پي سيون، ٻيو ، حال هنن ۾ ڪونهي، جهڙا حڪومت جا ڏٽا تهڙا اپوزيشن جا آسرا، حڪومت به حڪومت ڪئي ۽ هنن به هٽائي ڏيهه ڏٺي!! ٻنهي ۾ آسرو رکڻ وارن کان وڏو بيوقوف ڪو نه هوندو برائي جي ذريعي برائي اڳي ڪڏهن هٽي جو هاڻ ايئن ٿيندو؟ الائي ڪنهن کي ٿا بڻائين ۽ الائي ڪير ٿو بيوقوف بڻجي. لڳي اهو ئي ٿو ته هلندڙ هرشيءِ ڪنٽينيو ڪندي، پنج سال به ۽ ان کان اڳتي به !
هي اڄ ۽ ماضي جي حڪومتن جو جهيڙو آ، کائڻ پيئڻ جو ٿوري ۽ گهڻي کائڻ جو واري وٽي تي ۽ ان جي مٿي تي جهيڙو آهي جيڪي ان جهيڙي کي پنهنجي نمائندگي ٿا سمجهن، انهن کي اطلاع آهي ته توهان جي وڌيڪ ڀينگ ٿيڻ جو بندوبست ٿي رهيو آهي، توهان جي پاران ڪنهن جي حمايت ڪنهن جي مخالفت پنهنجي چوري ڪرائڻ لاءِ چور جي چونڊ ڪرڻ آهي، هڪ چور کي ڇڏي ٻئي کي موقعو ڏيارڻ آهي هڪڙن کي هڪ ڀيرو ٻين کي ٻيهر ۽ ٽين کي ٽيهر اقتدار ۾ آڻڻ آهي، ڪنهن نه ڪنهن جي ڀر کڻڻ جو مطلب ان کان علاه ٻيو ڪهڙو آهي.
هيءَ حڪومت ويندي، ٻيا اشراف ايندا ۽ گهڻي ڀاڳي اهي ئي ايندا، جن هيڪر ڪري ٻيهر حد ڪئي آهي. کيڙ ڏئي ٻيلهه ڏني آهي اها ئي تحريڪ آهي . نڪرندو ته اهو ئي نتيجو نڪرندو اهڙي جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڪو ڏس پتو ئي ڪونهي جيڪا عوام کي نه فقط حڪومت پر حڪومتن تي قابض رهندڙ قوتن مان نجات ڏياري، تحريڪ به هنن جي هڪ ٻئي جي خلاف آهي، ڪاميابي ۽ ناڪامي به هنن جي آهي . هر صورت ۾ اها عوام جي ناڪامي آهي، اها ڳالهه جي عوام کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته هي جنم جنم جا حڪمران ۽ انهن جا پئدا ڪيل ٻار به حڪمران، ٻنڌڻن ۾ حڪمران، بانبڙا پائيندي به حڪمران، پنڌ ڪندي ڌڪو کائيندي به حڪمران، جوان ٿيندي به جيڪي حڪمران ٿين ٿا. اهو نسل ئي هوند سياست ۾ نه نسري، نه ٻج ڇٽجي نه ڀاڻ! پر ڇاهي جو عوام سمجهه ۾ ٿورو ڪسو ٿي پيو آ…..
اپوزيشن جي هيءِ پنجين اي پي سي هئي جيڪا نوان دهمان ڪري پوري ٿي، ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جيڪا هنن ڪئي، ڪهري ڊاڙ آهي جيڪا اڳ نه هئي هجين، اها ڪهڙي تحريڪ آهي جيڪا هنن کان ٻن سالن ۾ شروع نه ٿي سگهي آهي، ڪهڙو آسرو آهي جيڪو نئين مان هنن ڏنو هجي، اهو ڪهڙو اتحاد آهي جنهن جو نالو پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ رکيو اٿن، هي پنهنجي ماضيءَ جي آئيني ۾ ڪيترو ڏسڻ جهڙا آهن ؟ انهن 26 مطالبن ۾ نئون ته هڪ به ناهي، اهي هنن جي دور ۾ هنن کان به ٿيندا رهيا، هڪ ٻئي کان به ڪندا رهيا، پاڻ جڏهن اقتدار ۾ هيا ته پاڻ ڪيترا پورا ڪيائون ؟ اول ان جو ته جواب ڏين ؟ نه مسئلا نوان آهن نه مطالبا نوان آهن، رڳو حڪومت نئين آهي، هوءَ به هنن جهڙو ٿي ڪري هن جو نئون ۽ اهڙو ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو اڳ ۾ هنن خود نه ڪيو هجي ؟ ڪهڙي منهن سان ٿا مطالبا ڪن، هي ڪير ٿيندا آهن، اهو اگر عوام ڪنهن نئين قيادت ۽ نئين بندوبست سان ڪري ته ڳالهه به ٺهي ٿي، هي ته چور، چوري چوري ٿا ڪن، پاڻ چوري ڪرڻ کان ويا آهن ۽ پنهنجي چورين جي حساب ۾ ڦاٿا آهن، گوڙ ڪري پنهنجي جان ڇڏائڻ ٿا چاهين.
هي جيڪڏهن صرف هڪڙو ڪم ڪن، اسيمبلين تان استعيفا ڏين ته حڪومت نئين اليڪشن ڪرائڻ تي مجبوري ٿي پوندي، پر هي حاصل فائدا ڇڏڻ نٿا چاهين، پنهنجن مفادن تان هٿ کڻڻ نٿا چاهين، هي عوام کي بيوقوف بنائڻ چاهين ٿا، هنن جي تحريڪ جلسڙا ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڪندي، ٻيو هي اي پي سيون ڪندا رهندا، پنج ڪري چڪا آهن، ايتريون ٻيون ڪندا، هر ڇهين مهيني اهو ڪندا، هڪ اڌ جلسو وچ ۾ ڪري وٺندا، باقي مطالبا ورجائيندا رهندا، استعيفا جو مطالبو هنن جو تڪيئه ڪلام آهي، اهو ڳائيندا رهندا ۽ حڪومت کي ڏينهن ڏيندا رهندا.
ٻيو هي هڪ ٻئي کي ٻولڻ جا پليٽ فارم ڏيندا رهندا، ڪڏهن بلاول ميزباني ڪندو، ڪڏهن شهباز شريف ڪندو، مولانا ته هر وقت تيار هوندو آهي، اهڙيون هنن جو ن اي پي سيون هونديون، باقي تحريڪ جنهن کي چئجي اها نه گمانن ۾ نه امڪانن ۾، جڏهن نيت نه هجي، سچائي نه هجي ۽ ڪجهه وڃائڻ جي همت نه هجي ته انهن کان ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجي بيان بازي کي تحريڪ ڪوٺين اهي اٺ ئي پهر تحريڪ ۾ هوندا آهن، ننڊ به هنن جي تحريڪ هوندي آهي، آرام به سندن تحريڪ هوندي آهي ۽ اهڙي تحريڪ عيدون به گذاريندي آهي، ربيع الاول ۽ محرم به گذاريندي آهي، اهڙي تحريڪ حقيقت ۾ حڪومت کي پنج سال پورا ڪرائيندي آهي !!
عجيب عجيب مطالبا ڪيا اٿائون ! هي مطالبو ڏسو 1947ع کان 2020ع تائين حقيقي تاريخ سامهون آڻڻ لاءِ “ٽرٿ ڪميشن”جوڙي وڃي، ايڏو وڏو ۽ سنجيده مطالبو ڪن ڪنهن کان ٿا جنهن حڪومت کي مڃين به نٿا، ان جو هر ڪم غلط سمجهن ٿا ۽ جنهن کي جنوري تائين هٽائي ڇڏيندا.
مني صدي جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۽ تمام متنازعا واقعا سببن سان بيان ڪرڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ ئي پنهنجي جاءِ تي هڪ متنازعا ڪم آهي، وري ان تي اتفاق ناممڪن آهي، اها ڪهڙي حڪومت هوندي جيڪا ايمانداري سان ڪم ڪندي ۽ ڪهڙا دانشور هوندا جيڪي اهڙي تاريخ لکي ڏيندا جنهن تي سڀ اعتبار ڪن !!
ان کان علاوه “چارٽر آف پاڪستان”تيار ڪرڻ لاءِ هي ڪاميٽي ٺاهيندا، چارٽر آف ڊيمو ڪريسي تي اتفاق ۽ عمل ڪري ٿڪجي پيا آهن، هاڻي چارٽر آف پاڪستان ٺاهيندا ؟ ڇڙو حوال، پيرن کان مٿي تائين ڪوڙا ماڻهو ڊاڙون ته ڪيڏيون ٿا هڻن ! هنن جي ڪاميٽي ۾ وري ڪهڙا ماڻهو ويهندا آهن، مولانا، مريم اورنگزيب، رانا ثناءَ الله ۽ اهڙي ڪجهه ٻي مخلوق ! هي رڳو مشڪريون ڪندا آهن، ڪهڙيون اي پي سيون ڪندا آهن ؟ پاڻ چريا آهن، الائي ٻين کي چريو ٿا ڪن !!
جيئن ته سنئين سڌي ڳالهه نٿا ڪري سگهن ته احتساب نه ڪريو، جو ماڻهو اهو نه مڃيندا ان ڪري ڪوڙ سان گڏ ڪجهه سچ ملائڻو ٿو پوي، ڊاڙن سان گڏ فلسفو ملائڻو ٿو پوي، ذاتي مسئلن سان گڏ عوامي مسئلا ملائڻا ٿا پون، نه ته 26 مان 25 ته اهي مسئلا آهن جيڪي يا هنن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن يا هنن جا جاري رکيل ۽ وڌايل آهن، حل جا مطالبا هنن کان به ٿيندا ها ۽ يقينن حل نه ڪيا، اهو ڪهڙو مسئلو آهي جيڪو هتي پنهنجي هيڪر، ٻيهر ۽ ٽيهر ٽي ٽي ڀيرا ڪيل حڪمرانيءَ ۾ حل ڪيو هجي ؟ هنن جو هڪ تڪڙو ۽ ٻيو ديرپا مسئلو آهي ته احتساب نه ڪيو وڃي ۽ ٻيو بادشاهي موٽائي ڏني وڃي. جيئن ته اها بادشاهي عوام تي ڪرڻي آهي ان ڪري عوام کي ورغلائڻ هنن جي ضرورت آهي، ايتري ئي هنن جي ضرروت آهي، ايتري ئي هنن جي تحريڪ آهي، ان کان علاوه ٻي ڪا به ڳالهه ڪانهي !!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *